Tuesday, February 18, 2020

تعزيت - ايبئارڊو گئليانو


تعزيت
ڪھاڻي
ايبئارڊو گئليانو/ طفيل مگسي
اسٽبي ھن شراب خاني ۾ ڪيترن ئي سالن کان شراب پيش ڪري رهيو هو. هو ھميشه خاموش رهندو هو ۽ ڪڏھن ڪڏھن ٻين کي ٻڌي وٺندو هو. هن کي پنهنجي روزانو ايندڙ گراهڪن جي ڳالهين جي خبر هئي. اهي صرف پنهنجي نڙي آلي ڪرڻ ايندا هئا.
انهي مئڪدي ۾ ھڪ اهڙو شخص به ايندو هو، جيڪو روزانو شام جو اٺين وڳي ظاھر ٿيندو هو ۽ هڪ وقت ساڳئي شراب جا ٻه گلاس گهرائيندو هو. هو ٻنهي گلاسن مان گڏوگڏ پيئندو هو. سرڪ هڪڙي گلاس مان ۽ هڪ سرڪ ٻئي گلاس مان، هو ڪنهن تڪڙ کانسواءِ خاموشي ۾ ٻئي گلاس خالي ڪندو هو. پئسا ڏيندو هو ۽ جيئن ظاھر ٿيو هو، تيئن ئي گم ٿي ويندو هو.


اسٽبي جو هڪ اصول هو ته هو شرا بخاني ۾ ڪنهن کان ڪجهه به نه پڇندو هو. هڪ ڏينهن اجنبي هن جي اکين ۾ تجسس ڏسي هڪ ڪهاڻي ٻڌائي. هن جو ويجهو دوست هن جو يار هن کان پري هليو ويو هو. واندو ويهي مٿي کنهڻ کان تنگ اچي هو يوراگوئي کان پري هليو ويو هو ۽ ھاڻي ڪئناڊا ۾ رهندو آھي.
“اتي هو تمام گهڻو خوش آھي” هن چيو. پوءِ ڪجهه سوچيندي چيائين؛ “مون کي خبر ناهي الائي خوش آھي يا نه؟” ان کانپوءِ هو ڪن گهڙين لاءِ خاموش ٿي ويو.
پوءِ ٻڌايائين ته؛ ”جڏھن کان هن جو دوست ويو آھي، تڏھن کان مونٽيوڊيو جي وقت پٽاندر رات جو اٺين وڳي هو ٻئي گڏ ٿيندا آھن ۽ شراب پيئندا آھن. هو هن مئڪدي ۾ ۽ هن جو دوست ڪئناڊا جي ڪنهن شرابخاني ۾.“
اهو قصو ائين ئي هلندو رهيو تان جو هڪ رات هو معمول مطابق ساڳئي وقت شرابخاني ۾ آيو ۽ ٻن بدران هڪ گلاس شراب جو آرڊر ڏنائين. خاموشيءَ سان هوريان هوريان آخري سرڪ تائين، انهيءَ اڪيلي گلاس مان پيتائين. ۽ پوءِ جڏھن پئسا ڏئي وڃڻ لڳو ته اسٽبي پهريون ڀيرو اهو ڪم ڪيو جيڪو هن ڪڏھن به نه ڪيو هو. هن انهيء اجنبي کي چيو؛ “مان تو سان تعزيت ٿو ڪريان تو سان“

No comments:

Post a Comment