Tuesday, February 11, 2020

آخوند جا افسانا - مٺل جسڪاڻي


آخوند جا افسانا

مٺل جسڪاڻي
----
امان ابو
ـــــــــــــ
”ڪاوڙ نه ڪر جانُو،
امان ابو فقط ڪلاڪ کن لاءِ آيا آھن.“


----
دوا
ـــــ
”پُٽَ...! منھنجي دوا؟؟؟“
----
ماءُ جو ڏينھن
ــــــــــــــــــــــــ
”ابا تون به، وقت کان پوءِ، ڀاڻھين جَن وانگر، پاڻ سان گڏ فوٽو ڪڍڻ آيو آھين منھنجو...؟؟؟“
----
ڏوراپو
ـــــــــــ
”ھيڏانھن..!! سِڪي پني ڄاول پنھنجي اڪيلي پٽ، ھيل به عيد ساھرن ۾ ڪئي...“
----
نصيب
ـــــــــــ
۽ ھُن بدنصيب، پنھنجي جيجل ماءُ جي اوبر ھاري ڇڏي.
----
لاچاري
ــــــــــــ
رات ٻَئي بنا کاڌي سمھي رھيا، ھڪڙا فاقي تي ۽ ٻيا ٻنپھرن واري ڍَوَ تي...!
----
ھاسٽل
ــــــــــــ
”بابا آئون ڀلي ھاسٽل ۾ رھان؟“
پيءُ ڇرڪجي پيو ۽ پاڻمرادو وات مان نڪري ويس ”نه امڙ... نه نه.“
----
بابو ۽ خبر
ــــــــــــــــــ
”بابا... توکي ڪھڙي خبر..!“
----
برداشت
ــــــــــــــ
عيب ثواب ڪڍي پٽ جون چار مڱڻيون ٽوڙيندڙ ماءُ پيءُ پنھنجي ڌيءَ جي پھرئين مڱڻي ٽٽڻ جو صدمو برداشت نه ڪري سگهيا.
----
آخوند محمد عباس جي پھرئين ڪتاب ”آخوند جا افسانا“ (فليش فڪشن) مان ورتل مٿيان ۰۹ اسم، امرتا جي ڪتاب نمبر ۴۵ مان ورتل آھن. ۸۰ صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي ھن ڪتاب ۾، فقير محمد ڍول ”اداري پاران“، ڪتاب جي ليکڪ پاران ”ليکڪ جو تعارف“، محمد حبيب سنائي ”سنڌي فلئش ادب جو سپر اسٽار“، منوج ڪمار ”آخوند عباس ۽ مختصر افسانن جو فن“ ۽ محمود مغل ”آخوند کي خواب جي ساڀيان مبارڪ ھجي“ عنوان سان لکيو آھي. بئڪ ٽائيٽل تي آخوند عبدالقيوم ’زخمي‘ جي مختصر تحرير، اصل لکت جي عڪس سميت شامل آھي. ھن ڪتاب ۾ جيتوڻيڪ ۹۵ اسم فليش فڪشن جا آھن، پر ۰۴ صفحن تي نثري ٽڪرا به شامل آھن. ”مچ ڪچھري (چار منظر“ عنوان سان پڻ ھڪ بھترين تحرير شامل آھي، جنھن جي صنف جو تعين آئون نه ٿو ڪري سگهان. ڇو ته اھڙي ترتيب، سٽاءُ، گهاڙيٽي ۾ لکيل مواد، اڳ ۾ منھنجي نظر مان نه گذريو آھي. ھن ڪتاب جي قيمت ۱۵۰ روپيا آھي. ڪتاب مون تائين پھچڻ تي آئون ڪنھن جا ٿورا مڃيان؟ صاحبِ ڪتاب جا، جنھن رابطو ڪري ڪتاب پڙھڻ ۽ رايو لکڻ لاءِ چيو يا امرتا جي ايڊيٽر جا، جنھن ڪتاب ڏنو؟... منھنجي خيال ۾، مون کي ٻنھي جو ٿورائتو ھئڻ گهرجي... ڇاڪاڻ ته ھن ڪتاب جي اھميت جو اندازو، ھتي ڏنل ۰۹ اسمن مان به بخوبي لڳائي سگهجي ٿو.

No comments:

Post a Comment