Tuesday, February 11, 2020

رشتن جون قبرون - دودو چانڊيو


رشتن جون قبرون
مختصر ڪھاڻي
دودو چانڊيو
دارالامان جي کولي نما ڪمري جي دريءَ وٽ بيهي، هوءَ ڪلاڪن جا ڪلاڪ، سامهون ننڍڙي پارڪ طرف پئي ڏسندي هئي. ان پارڪ اندر جهاتيون پائڻ بعد، هوءَ ڪنهن گهري سوچ ۾ گم ٿئي ويندي هئي. بلڪل ايئن، جيئن ماڻهو ڪنهن اهڙي سڪتي ۾ اچي وڃي جو سندس جسم جا سڀ عضوا برف بڻجي هڪ جاءِ تي ڄمي وڃن. ايئن هن جون اکيون، هن جون سوچون ڄمي برف بڻجي وينديون هيون. دارالامان جي اندر اڪثر ڇوڪريون پنهنجي محبوبن سان گهران نڪري هتي پهتل هيون. ڪن مڙسن کان الڳ ٿيڻ جي چڪر ۾ عدالت جو سهارو ورتو هو ۽ عدالت انهن کي هتي موڪليو هيو. تمام ٿورڙين عورتن سان گڏ ٻار به هئا.


پٺاڻي جو معاملو صفا ڌار هو. نه هو ڪنهن پريمي جي چڪر ۾ گهران نڪري وڪيلن جي آڏي پڇا، ماڻهن جا طعنا، مھڻا برداشت ڪري، پوليس جون چٿرون ٻڌي هتي پهتي هئي، نه وري هن مڙس جي ظلم ۽ تشدد کان جان ڇڏائڻ لاءِ دارالامان جو سهارو ورتو هو. پوءِ به هوءَ دارالامان ۾ هئي. نه ڪا خواهش، نه ڪنهن سهاري جي طلب، نه ڪا اميد، پوءِ به هوءَ باندي هئي. هن ته ڪو به گناهه نه ڪيو هو. ويندي هن گرڙ-پک-سماج ۾ هن پيار ڪرڻ وارو ڏوهه به نه ڪيو هو. پوءِ به هن جا درد سوايا هئا.
بنا شاديءَ جي کيس ٻار به هو. اهو ٻار هن جو ڪک مان پيدا ٿيو هو. ان ڪري هن جو پٽ هو. پر هن جو پٽ هئڻ سان گڏ هن جو ڀاءُ به هو، ڇاڪاڻ ته ان ٻار جو پيءُ به اهو ئي شخص هو، جيڪو پٺاڻيءَ جو به پيءُ هو. پٺاڻي، بنا پيار، عشق، محبت ۽ شادي جي پنهنجي ئي پيءُ جي وحشت جو نشانو بڻجي ڳورهاري بڻجي، پوليس ۽ عدالتن جا چڪر ڪاٽي دارالامان پهتي هئي. ان ڪري هن جي معصوميت ته درندگي ۽ وحشانيت جي کوري ۾ سڙي خاڪ ٿي وئي هئي. رشتن جا سڀ ڀرم ٽٽي ڀڄي ڀور ڀور ٿي ويا هئا. پوءِ به سندس ويران اکين ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪڙي ننڍڙي چمڪ اڀرندي هئي، جنهن ۾ پيار به هو، ته اميد به هئي.
هوءَ دارالامان جي ٻين ڇوڪرين ۽ عورتن کان بلڪل الڳ رهندي هئي. هوءَ پيءُ هٿان ڳورهاري ٿيڻ، پوليس، ٿاڻن، عدالتن جي چڪرن دوران ايترو رني هئي جو سندس اکين جا لڙڪ به سڪي ويا هئا. پر جڏهن سندس ڪک مان ٻار ڄائو هو ته هن جي اکين ۾ ممتا جي پيار جي چمڪ سان گڏ مهينن بعد چپن تي هلڪي مسڪراهٽ به آئي هئي. توڙي جو هوءَ ٻار جي ماءُ به هئي، ته ٻار سندس ننڍڙو ڀاءُ به هو پر هن جي دل ڪڏهن ٻار کي سيني سان لڳائڻ، ته ڪڏهن گلو گهٽي ماري ڇڏڻ تي چوندي هئي.
دارالامان ۾ پٺاڻي جو هيءُ ٻار توڙي جو ملازم ماسيون سنڀالينديون هيون پر ٻار جڏهن بانبڙا پائڻ شروع ڪيا ته پٺاڻي ان کي پنهنجي ڪمري جي دريءَ وٽان بيهي راند ڪندي پئي ڏسندي هئي. هن جي هڪ دل چوندي هئي ته هوءَ ان ٻار جي ماءُ آهي، ان کي وڃي سيني سان لڳائي، پنهنجي هٿن سان راند کيڏائي. ٻي دل چوندي هئي ته هوءَ پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ سان گڏ وڃي کيڏي، سندس اندر ۾ جڏهن ٻنهي رشتن جي جنگ لڳندي هئي ته پٺاڻيءَ کي ڪيئي ڪردار مرندي، قتل ٿيندي ۽ دفن ٿيندي نظر ايندا هئا. جن ۾ هڪ ڪردار سندس پيءُ جو به هو، جنهن کيس گهر مان ڪنوار بڻائي، ڳاڙهي جوڙي ۾ ڏاج ڏئي پرڻائي مٿي تي هٿ رکي موڪلڻ بدران وحشت جو نشانو بڻائي، پيٽ ۾ ٻار ڏئي گهران ڪڍيو هو. ٻيو ڪردار ماءُ جو هو، جنهن ڪورٽ ڪچهرين ۾ پنهنجي ڌيءُ جو سهارو بڻجڻ بدران سهاڳ بچائڻ خاطر سندس ساٿ ڏنو. ٽيون ڪردار ان معصوم ٻار جو هو، جيڪو پٺاڻي جي ئي ڪک مان جنم وٺي هن دنيا ۾ آيو هو.
ڪردارن جي ان جنگ ۾ هن، هڪ ڏينهن فيصلو ڪري ورتو هو ته هن جتي پنهنجي ماءُ پيءُ جا ڪردار مرندي ڏٺا آهن، اتي هن ٻار کان جدائي به هن جو نصيب آهي. جيستائين ٻار هن جي اکين آڏو هوندو، تيستائين هوءَ روز مرندي، روز جيئندي رهندي.
هڪ ڏينهن هوءَ دارالامان جي انچارج وٽ وئي. پهرين ته هوءَ دل ڀري رني. پوءِ کيس چيائين؛ “آئون پنهنجو هي ٻار ڪنهن کي ڏيڻ چاهيان ٿي. جيڪڏهن ڪو بي اولاد جوڙو هجي، ته اوهان هي ٻار ڀلي ان کي ڏئي ڇڏيو”.
دارالامان جي انچارج رحم دل عورت هئي. اها سندس درد کي سمجهندي هئي. ان کي ڌيءَ جو اولاد نه هو، ان ڪري هوءَ پٺاڻي کي پنهنجي ڌي وانگي سنڀاليندي هئي. ان جي سهاري سان ئي پٺاڻي دارالامان ۾ هئي. اڄ پهريون ڀيرو هو جو هوءَ به پٺاڻي کي سيني سان لڳائي رني. هن پٺاڻي کي ان پيڙا مان آجو ڪرڻ ٿي چاهيو.
ڪجهه ڏينهن اندر هن عدالتي، قانوني ڪارروائي مڪمل ڪري، پٺاڻي جو اهو ٻارڙو هڪ بي اولاد جوڙي حوالي ڪري ڇڏيو.
ان ڏينهن سڄو دارالامان سوڳوار هو. سڀني ان ٻار کان موڪلايو. پر پٺاڻي اهو سڄو ڏينهن پنهنجي ڪمري ۾ رهي. سڄو ڏينهن رني. شام جڏهن کيس پڪ ٿي ته سندس ٻار هاڻي دارالامان ۾ ناهي رهيو ته هن ڪمري جو در کوليو ۽ ان دريءَ وٽ بيهي، ان خالي پارڪ کي ڏٺو، جتي اهو ٻار کيڏندو، راند ڪندو هو.
ان ڏينهن کان وٺي پٺاڻي، روز دارالامان جي ان دريءَ وٽ بيهي، خالي پارڪ کي ڏسندي رهندي آهي، جتي سندس ٻار/ننڍڙو ڀاءُ کيڏندو هو. هوءَ تصور ئي تصور ۾ رشتن جا قبرستان ڏسندي رهندي آهي، جتي ڀرم دفن ٿيل هوندا آهن، جتي محبتن جون قبرون هونديون آهن ۽ احساسن جا لاش هوندا آهن.

No comments:

Post a Comment