Tuesday, February 4, 2020

ھا ھڪ دفعو - آفتاب حسين راڄپر


ھا ھڪ دفعو
فلئش فڪشن
آفتاب حسين راڄپر
هڪ ڌيءُ پنهنجي پيءُ کان پڇيو. “بابا توهان منهنجي لاءِ ڪڏهن رنا آهيو؟!”
پيءُ چيو؛ ”ها! هڪ دفعو”.
ڌيءُ پڇيو؛ ”ڪڏهن بابا؟“
پيءُ ٻڌايو؛ ”جڏهن تون ٽن سالن جي هئين، تڏهن آئون تنهنجي اڳيان ٽي شيون رکي، توکي آزمائي رهيو هئس.
هڪ پين، پنج رپين جو نوٽ ۽ هڪ رانديڪو. اهو ان لاءِ ته مون ڏسڻ پئي چاهيو ته تون وڏي ٿي ڇا ٿيندينءِ. جيڪڏهن پين کڻين ته هوشيار، پئسا کڻين ته دولتمند ٿيڻ چاهيندينءَ ۽ رانديڪو ته خوش مزاجي واري زندگي.“


ڌيءُ پڇيو؛ ”پوءِ بابا؟؟“
پيءُ وراڻيو؛ ”مون اهو صرف تجسس ڏسڻ ٿي چاهيو، آئون تمام گهڻو بيچين هئس، جڏهن تون انهن شين جي ويجهو اچي ويٺيئن ۽ انهن کي ڏسڻ لڳئين، آئون تنهنجي ڀر ۾ ويٺو هئس ۽ صبر سان انتظار ڪري رهيو هئس ته تون ڇا ٿي کڻين ... جيئن ئي تون انهن سڀني شين ڏانهن وڌڻ لڳئين تيئن منهنجو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو ...“
ڌيءُ پڇيو؛ ”پوءِ بابا جلدي ٻڌايو؟
پيءُ وراڻيو؛ ”۽ جڏهن تو انهن سڀني شين کي ڌڪو ڏئي مون کي ڀاڪر پاتو ته ... آئون روئي پيس ۽ منهنجي وهم ۽ گمان ۾ به نه هيو ته مان انهن شين کان به وڌيڪ توکي پسند آهيان. اهو پهريون ۽ آخري ڀيرو آئون تنهنجي لاءِ رنو هئس!!“

No comments:

Post a Comment