Monday, February 24, 2020

ٽالھي - مٺل جسڪاڻي


ٽالھي
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
Image may contain: 1 person, tree, outdoor and closeup
ٽالھي جو وڻ ته ھُن ننڍپڻ کان پئي ڏٺو آھي. ٽالھي جي ڇانءَ کيس وڻندي آھي، پر پن ڇڻ جي موسم ۾ ٽالھي جا پن ڇڻڻ سبب، ٽالھي جا بُرا حال کيس ايذائيندا آھن. ان ھوندي به ساوڻ جي برساتن ۾، ٻانھن جھڙيون، ٽالھي جون ٽاريون قلم ڪري پوکيندو آھي ۽ جتي به غير ضروري جڳھه تي ٽالھي جو نئون ڦٽل ٻوٽو ڏسندو آھي، ته گهڻو ڪري ان جي چڪي ڪڍي، ڪنھن مناسب ھنڌ تي ھڻندو آھي.
ھُو ڪجهه گُري چڙھيو، پھرين اسڪول، پوءِ ڪاليج، تنھن کان پوءِ يونيورسٽي پھتو، ته خبر پيس ٽالھي جي نالي سان شھر به آھي!


ھِن ڪنھن کان پڇڻ بِنا سمجهو ته ان شھر ۾ ٽالھي جا وڻ گهڻا ھوندا، ان ڪري شھر جو نالو ئي ٽالھي پئجي ويو آھي...
ھُن جڏھن پھرئين دفعي ٽالھي شھر ٻُڌو ھو، تڏھن ئي فيصلو ڪري ڇڏيو ھو، ته جڏھن به کيس مناسب موقعو ملندو، ھلي ملي وڃي ٽالھي شھر گهمندو.
ھن کي ڪيترا ئي دفعا ٽالھي گهمڻ جو موقعو مليو به، پر نه ڄاڻ ڇو گهمڻ نه ويو! ھڪ ڏينھن ڪنھن کي به ٻُڌائڻ، ڪنھن کي به سارڻ بنا، ٽالھي گهمڻ نڪري ويو.
ٽالھي شھر ۾ ھن جا ڪيترا ئي واقفڪار ھجڻ باوجود، ھو اڪيلي سر شھر گهمندي، ڪجهه ٿڪاوٽ محسوس ڪرڻ لڳو، ته روڊ جي ھڪ ڪناري تي جهوپڙا ھوٽل ۾ چانھه پيئڻ لاءِ وڃي ويٺو. کيس پڪي روڊ جي ڪناري سان، ٽالھي جي وڻ ھيٺ پيل ڪرسيءَ تي ويھي چانھه پيئڻ وڌيڪ مناسب لڳو ھو، ان ڪري ھر ايندڙ ويندڙ کي پاڻ به سولائي سان ڏسي رھيو ھو، ته ٻيا به کيس نه چاھيندي به ڏسندا، پنھنجي پنھنجي منزل ڏانھن وڌندا پئي ويا.
ھُو پنھنجي خيال ۾، پاڻ ليکي، اوڀر منھن ڪيو ويٺو ھو. اوچتو ھن ڏٺو، سندس ڀر مان ھڪ موٽر سائيڪل تي ٻه سوار وڃي رھيا ھئا. انھن مان پُٺيان ويٺل ھمراھه جو مُنھن اولھه طرف، يعني ڏانھس ھو. ھي ٻئي ھڪ ٻئي کي چڱي طرح سڃاڻڻ وارا ھئا. سندن گڏ اٿڻ ويھڻ، ھڪ ٻئي سان حال احوال ڪرڻ جو تعلق رھيو آھي. ان ڪري ھُن سندس شھر ۾ سدائين، موٽر سائيڪل جي پٺيان ويٺل اِن ھمراھه کي، چانھه جي صلاح عام طور، ڪڏھن ماني، ته ڪڏھن رات وٽس ٽِڪڻ جي صلاح به پئي ڪئي ھُئي. ڪيترا ئي دفعا گڏجي چانھه به پيتي ھئي.
اڄ جڏھن ٽالھي شھر ۾ ٻنھي ھڪ ٻئي کي ڏٺو، سڃاتو، ته موٽر سائيڪل تي پُٺيان ويٺل ھمراھه اھڙو ته تيزيءَ سان مُنھن ٻئي طرف ڪري، ڏٺو اڻ ڏٺو ڪيو، جو جهٽڪي سان مُنھن موڙڻ سبب، سندس ڪنڌ ۾ ڳِڍڙي ضرور پئي ھوندي.
ايتري ۾ ھُن کي چانھه به ملي وئي، ته ھن پنھنجي منھن مٿي ويچاريندي، چانھه جو ڪپ پي، ھوٽل تان اُٿي، ٽالھي شھر جو باقي رھيل حصو گهمڻ بدران، واپس پنھنجي ماڳ ڏانھن روانو ٿي ويو.

No comments:

Post a Comment