Tuesday, February 11, 2020

گلاس کي رکي ڇڏيو - آفتاب حسين راڄپر


گلاس کي رکي ڇڏيو
مختصر ڪھاڻي
آفتاب حسين راڄپر
هڪ ماهر نفسيات دٻاءُ Stress بابت پڙهائيندي ڪلاس روم جو چڪر لڳائي رهي هئي. هن هڪ پاڻيءَ سان اڌ ڀريل گلاس هٿ ۾ کنيو ته هر هڪ اھو ئي اندازو لڳايو؛ ”شايد ائين پڇيو ويندو ته اڌ گلاس خالي ۽ اڌ گلاس ڀريل.“ پر ان جي جاءِ تي ماهر نفسيات مسڪرائيندي پڇيو ته؛ “هي گلاس ڪيترو ڳرو آهي؟”
جواب مليو؛ ”اٺ کان ويھ آئونس.“


ماهر نفسيات جواب ڏنو؛ “هن جو وزن مسئلو ناهي. هن جو تعلق ان سان آهي ته هن گلاس کي آئون ڪيتري دير تائين جهلي سگهان ٿي. جيڪڏهن هڪ منٽ لاءِ جهليان ته ڪو به مسئلو ناهي. پر جيڪڏهن هڪ ڪلاڪ لاءِ ته پوءِ شايد منهنجي ٻانهن ۾ سور پئجي وڃي. وري جيڪڏهن مان هن گلاس کي پورو ڏينهن جهليان ته يقينن منهنجي ٻانهن سن يا وري مفلوج ٿي وڃي. هر صورت ۾ گلاس جو وزن ته ساڳيو رهيو، پر جيتري دير مون ان کي جهليو اوتري دير اهو وزني محسوس ٿيو”.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته؛ “زندگيءَ ۾ موجود دٻاءُ ۽ پريشانيون به گلاس وانگر آهن. انهن کي ڪجهه دير لاءِ سوچيو ته ڪجهه به نه ٿيندو. ان کي ڪجهه وڌيڪ سوچبو ته ڏکائيندو ۽ جيڪڏهن توهان سڄو ڏينهن سوچيندا ته توهان مفلوج ٿي ويندا ۽ ڪنهن ڪم ڪرڻ جي قابل نه رهندا”. تنهن ڪري هميشه ياد رکو ته گلاس کي رکي ڇڏيندا ڪريو.

No comments:

Post a Comment