Monday, February 3, 2020

مھجبين - دودو چانڊيو


مھجبين
مختصر ڪھاڻي
دودو چانڊيو
مهجبين، جنهن کي اسين آفيس ۾ مهجي جي نالي سان سڏيندا هئاسين، آفيس ۾ هر روز ۲۰ منٽ دير سان ايندي هئي. منجھند جو آفيس ۾ ڪيترو به ڪم هجي، پر اڌ ڪلاڪ غائب ٿي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن منجھند جو ايترو جلدي آفيس مان نڪرندي هئي جو پنهنجو پرس ۽ موبائيل فون به آفيس ۾ وساري ويندي هئي. اسان جي آفيس جو انچارج، جنهن کي اسان ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ۾ “کڙوس” به چوندا هئاسين، آفيس جي ڪم کان وڌيڪ گھڻو پريشان ان ڳالهه تي هوندو هو ته؛ ’مهجي روز دير ڇو ٿي ڪري ۽ اڪثر منجھند جو کيس اهڙو ڪهڙو ضروري ڪم آهي جو آفيس مان مينهن واءُ ڪري وڃي ٿي.‘ آفيس انچارج سميت اسان ڪافي ڀيرا مهجيءَ کان ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ نٽائي ويندي هئي. اڪثر آفيس ۾ مهجيءَ جي ان عمل تي عجيب غريب تبصرا ٿيندا هئا. ڪو چوندو هو؛ ”ڪنهن سان چڪر اٿس.“ ڪو چوندو هو ته؛ ”گھر ۾ ڪو مسئلو اٿس.“ جيترا هئا وات، اوتريون هونديون هيون ڳالهيون. هوءَ پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ ڇوڪري هئي.


اسان جنهن اداري ۾ ڪم ڪندا هئاسين، سو هڪ سماجي ادارو هو، جنهن جو ڪم؛ ’ڊونر کان پئسا وٺي، ڪاڳرن جا وڏا فائيل ٺاهڻ بعد، سال ۾ ٻه چار ڀيرا غريب عورتن کي هنري مرڪزن ۾ وٺي وڃي، فوٽو ڪڍرائي، سالياني رپورٽ تيار ڪندو هو ته هيترا سؤ غريب عورتن کي هنري سکيا ڏئي، پنهنجي پيرن تي بيهاريو ويو.‘
مهجي آفيس ۾ ڪنهن سان به گھڻي هجت نه رکندي هئي. بس، ڪم سان ڪم رکندي هئي. اڪثر اداس ۽ خاموش رهندي هئي. هي اُهي ڏينهن هئا، جڏهن ڪراچيءَ ۾ آئي ڏينهن هڙتال ٿيندي هئي. اڪثر خانگي ۽ سرڪاري ملازم، ٽي ويءَ تي هڙتال جي پٽي پڙهي، فون بند ڪري ڇڏيندا هئا. ڀلي هڙتال جو سڏ واپس ٿئي، پر موڪل ڪندا هئا.
هڪ ڏينهن اهڙي ئي هڙتال جو فائدو وٺي، نه اسان جي آفيس جو انچارج آيو ۽ نه وري ٻيو اسٽاف، سواءِ ڪوڏو پٽيوالي جي. ان ڏينهن مهجي، معمول واري دير ڪرڻ بدران آفيس جي مقرر وقت تي پهتي. جڏهن ته منجھند جو به هوءَ معمول مطابق آفيس مان نه وئي. مون محسوس ڪيو ته شايد هن جي طبيعت صحيح ناهي. ڇو نه پنهنجي کوکي نما آفيس جي ڪمري مان نڪري، سندس طبيعت پڇان. مون وڃي ڏٺو ته؛ هوءَ هڪڙي ننڍڙي ٻارڙي جي تصوير ۾ اکيون ڄمائي، وڏي ڪنهن گھري سوچ ۾ ٻڏل هئي. مون، سلام ڪرڻ بعد، پڇيو؛ ”هيءَ تصوير ڪنهن جي آهي؟!“
وراڻيائين؛ ”ڪاشان جي آهي.“
ڪاشان؟ مون تجسس واري انداز ۾ سوال ڪيو.
هن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو؛ ”ها! ڪاشان!“
”هي ڪاشان ڪير آهي؟ اوهان جو ڀاءُ آهي؟“ مون اهو سوال، ان ڪري به ڪيو جو مهجي آفيس ۾ ٻڌايو هو ته هن جي اڃا شادي ناهي ٿي.
هن هڪڙي نگاهه مون تي وڌي. ڪجھه سوچڻ بعد خالي ڪنڌ لوڏيندي ”نھ“ ۾ ورندي ڏنائين. الائي ڇو منهنجو تجسس وڌي ويو. ڪجھه دير تائين خاموش رهڻ بعد، ٻيهر سوال ڪيم؛ ”اصل ۾ اوهان ان تصوير کي ڏسڻ ۾ صفا گم هئا. ان ڪري سوال ڪيم ته ڪاشان ڪير آهي؟“
مون سوال ڪري سندس چهري طرف نهاريو. ڏٺم ته سندس اکيون، لڙڪن سان ڀرجي آيون. چهري تي هڪڙي اداسي ڇانئجي وئي.
هن ٻار جي تصوير تي هڪ نظر وڌي ۽ پوءِ چيائين؛ ”هيءُ ڪاشان آهي. هڪ ٻار آهي. جيڪو مون کي ته ڪو نه ٿو سڃاڻي، پر آئون کيس اسڪول وڃڻ وقت ۽ اسڪول مان واپسيءَ تي سندس گھر جي گليءَ وٽ ڏسڻ لاءِ ويندي آهيان. اڄ هڙتال سبب، هو اسڪول ناهي ويو. ان ڪري آئون سندس تصوير پئي ڏسان.“
ايئن چئي هوءَ روئي ويٺي. آئون خاموش ٿي ويس.
مهجي هن آفيس ۾ ٿوري گھڻي مون سان ئي ڪچهري ڪندي هئي. کلي ڳالهائيندي هئي. مون هن موضوع تي کيس وڌيڪ ڏکارو نه ٿي ڪرڻ چاهيو. آئون کيس اداس نه ٿيڻ جي دلداري ڏئي، پنهنجي آفيس ۾ موٽي آيس.
ڪافي هفتن تائين، مون مهجيءَ سان ان موضوع تي نه ڳالهايو.
هڪ ڏينهن مهجي آفيس ۾ آئي. چيائين؛ ”تنهنجا اخبار وارا دوست آهن. آئون ڏسندي رهندي آهيان. تون پاڻ واري اداري جون خبرون وڏين سرخين سان لڳرائيندو آهين. اگر ڪو اخبار وارو تنهنجو اعتماد وارو هجي، منهنجي مدد ڪري ته آئون پنهنجا ڪنگڻ وڪڻي به فيس ادا ڪنديس.“
مون کيس ويهڻ جي صلاح هڻندي چيو ته؛ ”پهرين ڪم ٻڌاءِ! پوءِ آئون ڪنهن اخبار واري سان ڳالهائيندس.“
هوءَ سامهون واري ڪرسيءَ تي ويهي رهي. چئني طرف لوڻان ڦيرڻ بعد چيائين؛ ”ڪاشان وارا سکر لڏي ويا آهن. هن جي پيءُ جي بدلي ٿي وئي آهي. مون کي اهڙي صحافيءَ جي مدد کپي، جنهن جا پوليس آفيسرن سان واسطا هجن. مون کي ڪاشان واپس کپي.“
مون کي سندس ڳالهه ذري برابر سمجھه ۾ نه آئي. کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندي چيم؛ ”مهجي! ڪاشان ۾ تنهنجو ڇا وڃي. تو ته اڃا شادي به ناهي ڪئي، جو هو تنهنجو ٻار هجي. تنهنجو ڀاءُ به ناهي ته پوءِ ڇو تون ڪاشان کي پنهنجي ماءُ پيءُ کان ڦرڻ ٿي چاهين؟ خبر اٿئي ٻارن جي اغوا ڪيڏو وڏو ڏوهه آهي.“
هوءَ سمجھي وئي ته جيستائين مون کي سڌي ڳالهه نه سمجھائيندي، تيستائين آئون آڏا ابتا سوال ڪري، سندس دماغ چٽيندو رهندس. هن ٻيهر چئني طرف لوڻان ڦيريا، پوءِ آهستي ڳالهائڻ شروع ڪيو؛
دانيال! ڪاشان منهنجو پٽ آهي. جن وٽ هو رهي ٿو، اهي سندس ماءُ پيءُ ناهن. ڪاشان ته انهن کي پنهنجو ماءُ پيءُ سمجھي ٿو، پر انهن کي مون ڪاشان ڄمندي ئي ان شرط تي حوالي ڪيو هو ته هو منهنجو راز فاش نه ڪندا. آئون هن ٻار سان ڪڏهن به نه ملنديس. هن وقت تائين نه هنن منهنجي ڳالهه ڪڍي آهي، نه وري آئون ڪاشان سان ملي آهيان. بس هڪ ڏينهن مائرن جو عالمي ڏينهن هو. ڪاشان اسڪول مان اچي رهيو هو. مون اڳ وٺي کيس چيو؛ ’مون کي هيپي مڌرس ڊي چئو‘ ته هو ڪاوڙ مان مون کي ڏسي، تيز تيز اڳتي هليو ويو.“
مون سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو؛ ”ڪاشان جو پيءُ ڪير آهي؟!“
هن وراڻيو؛ ”هو هڪ پوليس آفيسر آهي، انتهائي بااثر آهي.“
پوءِ هن تو سان شادي ڇو نه ڪئي؟!” مون، سندس اڌ ۾ ڇڏيل جملا مڪمل طور سمجھڻ لاءِ، سوال ڪيو.
مهجي وراڻيو؛ ”هن کي شادي ٿورئي ڪرڻي هئي. هن وٽ ته آئون پوڙهي پيءُ تي ٿيل وڏيرن جي تشدد جي دانهن کڻي وئي هيس. هن انصاف جي دلاسي ۾ پنهنجي آفيس ۾ ويهاري حوس جو نشانو بڻايو. اهو ته پوءِ به سلام آهي منهنجي ماءُ کي، جنهن منهنجي دانهن تي لڙڪ هاري، منهنجي ڪک ۾ پيل ٻار کي مارڻ بدران، ان کي هن دنيا ۾ اچڻ ڏنو. هي ٻار جن وٽ رهي ٿو، اهي اسان جي سڃاڻڻ وارا هئا. کين اولاد نه هو. ان وقت بدناميءَ جو ڊپ هو. هاڻي مون کي پرواهه ناهي. منهنجي اندر جي ممتا مون کي سک سان سمهڻ نه ٿي ڏئي. مون کي ڪاشان جي واپسي کپي.“
هوءَ ڳالهائي به رهي هئي ۽ روئي به رهي هئي.
مون کيس سمجھائيندي چيو؛ ”تون هن سماج کي سمجھائڻ ۽ انهن جا جواب ڏيڻ بدران، پنهنجي ممتا کي سمجھاءِ! هن معاملي ۾ ڪو اخبار وارو ته ڇا جج به اوهان جي مدد نه ڪندو.“
هن مون طرف ڏٺو. سندس اکين ۾ بي وسي ۽ لاچاري جي گڏيل جھلڪ هئي. هوءَ اٿي پنهنجي آفيس ڏانهن هلي وئي. آئون سوچيندو رهيس ته؛ ’هن ديس ۾ مهجي جھڙين ڪيترين ئي مائرن جون عزتون ۽ ممتائون دفن ٿيل آهن، جن جون انصاف لاءِ خواهشون صرف اکين مان لڙڪ بڻجي وهي وڃن ٿيون. جن کي حقيقتن جو ڪٿي به روپ نه ٿو ملي.‘

No comments:

Post a Comment