Tuesday, January 28, 2020

اسڪول انسپيڪشن - آصف ڪلهوڙو


اسڪول انسپيڪشن
مختصر ڪھاڻي
آصف ڪلهوڙو
صُبح ساجهر جيئن ئي اسڪول پُهتس، خُدن پري کان ڊوڙندو پئي آيو. ويجهو پهچي چيائين؛ ”تڪڙ ڪر! صاحب آفيس ۾ گهرايو ٿي.“
مون چيومانس؛ ”خير ته آهي؟ اصل ايف-۱۶ لڳو پيو اچين، ڪر خبر؟“
ها! خبرون خير جون! الئي جي سُڀاڻي ڪا انسپيڪشن آ. سو ان جي وٺ وٺان لڳي پئي آهي.“


اھا ڳالهه ٻڌي، تڪڙي وِک وڌائي ۽ ڌُو ڪري صاحب جي ڪمري ۾ پير پاتو، تان جو تڪڙ ۾ پير چانئٺ ۾ ڦاٿو ۽ مٿو صاحب جي قبر جهڙي پيٽ ۾ وڃي کُتو. صاحب وري ٽاهڙ مينهن جيان بُل کاڌو ۽ پنهنجي قهري اکين سان ڪهي وڌائين ۽ گُلن جهڙو گُفتو سندس وات مان نڪتو؛ ”انڌو آهين ڇا؟
خير! صاحب جي ناراضگي بجا هئي. سو ڪُنڊڙيءَ واري ڪرسيءَ تي پنهنجو پاڻ سٽيم ۽ صاحب به اچي ڦرڻي ڪرسيءَ تي ويٺو.
صاحب پنهنجا چپ چوريا ۽ استاد سڳورن کي چيائين؛ ”سُڀاڻي اسڪول انسپيڪشن آهي. سو ان لاءِ اوهان کي ٻڌائڻو هو ته سُڀاڻي پندرهن ماڻهن جٿو ايندو. ان لاءِ هر اُستاد کي هزار روپيا ڦوڙي فنڊ ڏيڻو آهي ته جيئن آيلن جي مانائتي ۽ شانائتي خدمت ڪري سگهجي ۽ ان سان اسڪول جي ناماچاري ٿئي. ٻيو وري اهو ته سُڀاڻي سڀ حاضر رهجو ۽ ٻارن جي سراسري ۽ سندن ڪارڪردگيءَ کي به نظر مان ڪڍجو ۽ ان سان گڏوگڏ خُدن کي ساڻ ڪري، اسڪول جي ڇنڊ ڦُوڪ ۾ به همراهي ڪرائجوس.“
خيرن سان صاحب جو نيراني وارو تبليغي نياپو ٻُڌي، کيسي کي هلڪو ڪيوسين ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري، وهنوار سان لڳي وياسين.
انسپيڪشن جو ڏينهن به اچي ٿيو ۽ پندرهن ڄڻن جو ڪٽڪ به اچي لٿو.
اسين سڀ روڊ تي بيٺل سپاهيءَ جيان (جيڪي سياستدانن جي استقبال لاء بيهندا آهن) سندن استقبال لاءِ گُلن جا هار کنيو بيٺا هئاسين. سائين جن جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ وڌاسين.
ڪٽڪ ۾ موجود هڙ ئي نه پر گهڻا ئي استاد گهٽ پر ملهه وڌيڪ پئي لڳا ۽ استادن جي تنظيم جا مُک والي وارث هئا. ها باقي هڪ اڌ، مون جهڙا اڌڙيا سڌڙيا به هئا.
سو اُٿندي ئي چانھ ۽ ٽهڪن جو دور هليو. جنهن ۾ ڪلاڪ ڏيڍ وهامي ويو ۽ پوءِ سنبت ڪيائون ڌنڌي ڌاڙي جي ۽ علمي محاذ تي جنگ جوٽڻ لاءِ قدم کنيائون.
خيرن سان پورا ٽي ملهه، مون واري ڪلاس روم ۾ داخل ٿيا. داخل ٿيڻ سان ئي مون وارن شاگردن سلام جو زيپٽ ڪري، سندن ڀِڀ لوڏي ڇڏيا. وعليڪم السلام، وعيلڪم السلام چئي ٻارن کي ماٺ ڪرايائون.
پهرين ڪلاس جي اکين ڏٺي چڪاس ڪيائون، جنهن ۾ رنگ برنگي چارٽ ۽ ”منهنجي دنيا“ جي نالي سان لکيل مضمون ڏٺائون. ان تي سوال ڪيائون ته؛ ”ڇا هي ڪو نصابي سبق آهي؟“
مون چيو؛ ”نه سائين! هيءَ هڪ تخليقي لکڻي آهي، جيڪا ٻارن جي اتساه لاءِ لکرائي آهي.“
چيائون؛ ”ڇا اهو مناسب لڳي ٿو ته اوهان غير نصابي لکڻيون هتي لکرايو، بابا! نصابي سبق باقي ڇا لاءِ آهن. سو مهرباني ڪري آئينده ان ڳالهه جو خيال رکندا.“
پر خير!!!
سندن تنبيه کانپوءِ ٻارن جو وارو آيو. ٻارن کان به آڏيون ابتيون پُڇائون ٿيون؛
نماز ڇا آهي؟“
ثواب ڪيئن ڪمائجي؟
”چوڏھن نقطا ٻڌايو؟
اوهان وڏا ٿي ڇا ٿيندا؟
اهڙا ويهارو کن سوال جواب ٿيا. جن ۾ ٻارن هڙئون وڙئون جيڪو سکيو هو سو سائين جن تائين پهچايو.
انهن مان ڪجهه ٻارن لائبريري، سائنس ليب، راندين جو سامان ۽ اسڪول اندر سهولتن جي اڻهوند جو به ذڪر ڪيو. پر اھو، انهن ويچارن جي هٿ وس به نه هو!!!
خيرن سان ڪلاڪ ٻن جو دورو پورو ٿيو ۽ سڀئي اچي طعام ميز تي رسيا ۽ وڏي ديده دليريءَ ۽ نيڪ نيتيءَ سان طعام نوش ڪيائون ۽ ٽهڪڙن جي ميڙاڪي ۾ اسڪول انسپيڪشن رپورٽ به تيار ٿي. جيڪا نهايت ئي بهترين ۽ شاندار هُئي!

No comments:

Post a Comment