Thursday, January 23, 2020

مھمان قدردان - دريا خان شنباڻي


مھمان قدردان
طنز ۽ مزاح
دريا خان شنباڻي
ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجو هڪڙي اوطاق تي وڃڻ ٿيو ته ڏٺم ته هڪ همراهه ٽُڪ واري رلي تي ٻن وهاڻن جي ٽيڪ لڳائي، آئينو ڏسڻ ۽ ڏاڙهي مڇن کي هٿ هڻڻ ۾ مصروف هو. پاسي سان تيل جي شيشي، سرمي داني، پائوڊر جو دٻو ۽ ڦڻي رکيل هئس. سندس ڏاڙھي ۽ مڇون تيل سان تر ھجڻ سبب پري کان ئي چمڪي رهيون هيون. آئون ڀرسان پهتس ته مون تي هڪ نظر وجهي وري آئينو ڏسڻ ۾ مصروف ٿيو. سندس اکيون سرمي سان ايئن ڀريل هيون، ڄڻ هاڻي هاڻي ڪنهن ڪوئلي جي کاڻ مان ڪڍيون هجن ۽ سيني تي پائوڊر ايئن لڳل هو، ڄڻ ڪلراٺي زمين تي ڀاڻ ڇٽيل هجي. مون اسلام عليڪم چيو ته ماليڪم سلام چئي، آئينو پاسي سان رکي، ويٺي ويٺي هٿ ملايائين ۽ ٻي کٽ تي ويھڻ جو اشارو ڪري، وري آئينو کڻي ساڳي ڪرت سان لڳي ويو.


مون ساڻس مخاطب ٿيندي چيو؛ “ڀائو! اسان کان حال احوال وٺو ته کسڪون.”
منهنجي ان جملي تي آئينو رکندي چيائين؛ ”ڀائو! مان پاڻ مهمان آهيان، اوطاق ڌڻي گهر ويل آھي، ايتري تڪڙ اٿئي ته کسڪڻ جي ڪر”.
مون کيس چيو ته؛ “اوهان ۾ ئي ته ڪم آھي!”
ان ڳالهه تي مرڪيو. مون پڇيو ته؛ ”اوهان ڇا ڪندا آھيو؟“
“ڌوڙ پائيندو آهيان” هن چڙ وچان چيو ۽ وڌيڪ چيائين “تو کي چيم نه ته اوطاق ڌڻي گهر ويل آھي.” پوءِ پنهنجي ڪاوڙ گهٽائڻ لاءِ آئينو کنيائين ۽ پيار وچان پاڻ کي ڏسڻ لڳو ۽ ڀڻڪندي چيائين؛ “صبح ساڻ الاءِ ڪهڙا واندا اچي مٿي ۾ ٿا لڳن”.
”اوهان گذريل سال به هن ئي مند ۾ هتي آيا هئا.”
منهنجي ان جملي تي هن جو چهرو ڳاڙھو ٿي ويو. “تو وٽ ته ڪو نه آيو هئس نه ۽ تون ٿيندو ڪير آھين، مون کي ايئن چوڻ وارو! مان ته هتي هر سال ايندو آھيان. اوطاق ڌڻي منهنجو مائٽ ناهي پر اوطاقي مڙس آھي، اهڙن وٽ مڙس ماڻھو ئي لنگهي ايندا آھن.” پوءِ هو خاموش ٿيو ۽ ڪاوڙ وچان مڇ جو هڪ پاسو ڦرڪي رهيو هئس. ڪاوڙ تي ضابطو آڻيندي پهرين آئيني ڏانهن ڏٺائين ۽ پوءِ چيائين؛ “ڀائو! منهنجو به ۳۰-۳۵ سالن جو تجربو آھي، در در جو پاڻي پيتل آھي. اوطاقي مڙس پري کان پڌرا هوندا آھن ۽ واندن کي به چڱيءَ طرح سڃاڻي ويندو آھيان”.
مون هن جي طبيعت ۾ نرمي ڏسي پڇيو؛ “ڀلا اوهان جي پنهنجي اوطاق آھي؟”
جواب ڏنائين؛ “بلڪل هئي! پر ڳوٺ وارن ۽ پاڙيوارن اوطاق سان جيڪا ڪئي، سا مون کي خبر آھي. ڪڏھن گلاس کڻي وڃن ته ڪڏھن رلي، ته ڪڏھن وري پاڻي هاري دلا اونڌا ڪري وڃن”.
“سو هاڻي!” مون پڇيو.
تنھن تي چيائين؛ “هاڻي اوطاق ناهي.” مڇن تي هٿ ڦيريندي چيائين؛ “اسان به پنهنجي دور ۾ مڙس ماڻھو هئاسين”.
“هائو، تڏھن ته دلا اونڌا ڪري ويندا هئا.” مون ايئن چيو
تنھن تي چڙندي چيائين؛ “هونئن به ڳوٺ وارا مڙس ماڻهن تي سڙندا آھن. اسان سوچيو هو ته ڳوٺ لاءِ اسان ڪجهه ڪريون پر رهندو به اسان جي لاءِ باهه ٻاري ڏنائون. ڪڏھن پوليس در تي، ته ڪڏھن وري ڳوٺ جو وڏيرو در تي اچي، چون ته ’ڳوٺ ۾ چوريون ٿو ڪرائين”.
ڳالھ کي اڃا جاري رکندي وڌيڪ چيائين؛ “هاڻي ان بيزاريءَ سبب ڳوٺ ڇڏيم ته جيئن ڳوٺ وارن کي خبر پئي ته مڙسن جي وڃڻ کانپوءِ ڪيئن کوٽي پوندي آھي.”
هن وري آئينو کنيو پر هن ڀيري آئيني ۾ نهارڻ بدران چيائين؛ “گهروارن جو به اهو ئي خيال آھي ته مان گهر کان ٻاهر هجان.” ۽ پوءِ هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريندي، آئيني ڏانهن نهاريندي ڄڻ پنهنجو پاڻ سان مخاطب ٿيندي چيائين؛ “پرائي در تي شل ...” ايترو چئي چپ ٿي ويو ۽ مون کي ڄڻ Fill in the blanks جو چئي ڇڏيائين. اسان به خال ڀري ڀري ايتري حياتي آندي هئي، سو ڀري وياسين.
اسان اڃان مهمان قدردان سان وڌيڪ ڪچهري ڪرڻ جي موڊ ۾ هئاسين ته اوطاق-ڌڻيءَ هڪ هٿ ۾ ماني ته ٻئي هٿ ۾ لسيءَ جو لوٽو آڻي مهمان اڳيان رکيو. مانيءَ جي صلاح ڪيائين پر مون چيو ته؛ “ماني کاڌي آھي، پنهنجي گهر”. مهمان قدردان ان لوٽي مان مکڻ جو چڱو چوکو چاڻو ڪڍي، مانيءَ تي رکي کائڻ لڳو ۽ مون سان مخاطب ٿيو ته؛ “جيڪڏھن اهڙا سخي هن ڌرتي تي هوندا ته دنيا کي لهر نه لوڏو، هفتي کان هتي رهيو پيو آھيان کيس چيم ته يار، ڀاڄي کائي کائي اندر سڙي رهيو آھي سو الاءِ ڪٿان مکڻ وٺي آيو آھي ۽ مون کي خبر به آھي ته هن سخيءَ وٽ صرف هڪڙي ٻڪري آھي، واهه سخي واهه!”

No comments:

Post a Comment