Tuesday, January 14, 2020

ويلڻ ۽ پيار - معراج خالد نظاماڻي


ويلڻ ۽ پيار
طنز و مزاح
معراج خالد نظاماڻي
ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ عورت ستين شادي ڪئي ته ڪنهن همراهه وڃي پڇيس ته؛ ”مائي ڏي خبر! ايتريون شاديون ڪيون اٿئي. پويان مڙس مري ويا اٿئي يا طلاقون ورتئي؟“
عورت چيو؛ ”پهريون مڙس ته زهر کائي مري ويو.“
پوءِ ٻيو مڙس؟؛ همراهه پڇيو
اهو به زهر کائي مري ويو.“ هن جواب ڏنو۔
”۽ ٽيون ته يقينن قدرتي موت ئي مئو هوندو؟“ همراهه پڇيو.
ان به زهر کاڌو.“ مائيءَ وراڻيو.


پوءِ ڀلا چوٿون ۽ پنجون ته پڪ ڪنهن حادثي ۾ مئا هوندا؟“ همراهه پڇيو.
انهن به زهر کاڌو.“ مائيءَ جواب ڏنو.
”۽ پوءِ آخري به پڪ زهر کائي مئو هوندو؟“ همراهه چيو.
نه! مئي کي ويلڻ هنيامانس ته، ان ۾ مري ويو!“ مائيءَ فخر سان جواب ڏنو.
ان تي همراهه چيس ته؛ ”هو ويچارا ته خودڪشي ڪري مري ويا. ان ويچاري کي ويلڻ هڻي ته نه مارين ها! تنهنجي سر جو تاج هو.“
مائي چيو: ”ان نڀاڳي تي به ڏاڍي ڪوشش ڪيم ته زهر پيئي، پر نه پيتس. پوءِ ڪاوڙ ۾ ويلڻ ٺوڪيامانس ته ان ۾ مري ويو!
هوڏانهن مون واري بچي شال جهونڙي به صبح، شام اٿندي ويهندي چوي؛ ”ڊڄڻو آهين، ڀاڙيو آهين، ماڻهن کان هانءُ ٿو ڦاٽئي، تڏهن ته منهنجي ڳالهه نه ٿو ٻڌين. تو کي ڪيترا ڀيرا چيو اٿم ته ڪجهه سياست تي به لک، سماجي موضوعن تي به لک، ڪجهه ڪجهه ڏکيو ڏکيو به لک، ته ماڻهو تو کي دانشور سمجهن ته منهنجي دل خوش ٿئي!“ پر آئون چم جو ٺهيل، سهي جي کل، پنهنجي کنگهه کان به ڇرڪ ڀرڻ وارو ماڻهو، هر وقت ان ڊپ ۾ ته ڪير ٿورو به ڌڪ هڻي ته چٻو ٿي وڃان، ڊينٽ پئجي ويا ته پاڻ کي سڌو ڪرائڻ لاءِ خرچ ڪٿان آڻيندس!!؟ بس هن کي راضي رکڻ لاءِ هر ڀيري ڏٽو ڏيو ڇڏيانس، ته؛ ”تو سان واعدو آهي، جنهن ڏينهن پنهنجي ڊيگهه ويڪر گهٽائڻ لاءِ واڪ شروع ڪندس ۽ سادو موبائل اڇلائي، چٽ موبائل وٺندس ۽ ان تان آفيس ۾ ويهي، تو کي واٽسيپ تي ٽرڪن جي پويان لکيل قرب ڀريا شعر موڪليندس، ته ان ڏينهن کان سياست ۽ سماج تي لکڻ شروع ڪندس!“
”بس سمجهي ويس. معنيٰ تون قيامت تائين، انهن موضوعن تي نه لکندين!“ حسب دستور چيس: ”بس بس! هاڻي کنڌي بند ڪر، منهنجي پچر ڇڏ، وڃ ڪو ڳنڌڻ ڪا ڀاڄي وٺي اچ ته ٻنپهرن لاءِ ڪجهه ٺاهيان. وري رڙ پئي پوندئي ته ماني ۾ دير ٿي وئي، شگر ڪري پئي آهي!“
مون جواب ڏنو؛ ”حاضر! وڃان ٿو، پر ٻڌاءِ ته سهي؛ ڀاڄيءَ ۾ ڇا وٺي اچان؟“
هن چيو: ”بس جيڪا هجي اها وٺي اچ.“
چيومانس: ”يار، ڪافي ڀيرا ڀاڄيءَ جي دڪان تان ان “جيڪا” ڀاڄي جي پڇا ڪئي اٿم پر دڪان وارا چون ٿا ته اها “جيڪا” ڀاڄي اسان ٻڌي ئي ڪانهي.“
ان تي ٽهڪ ڏئي کلي پياسين ۽ هن چيو: ”پوءِ ڀلا بصر، پٽاٽا ۽ ٽماٽا ئي وٺي اچ ته ٻوڙ ٺاهيان!“
چيومانس: ”اهي ته روز روز کائي بيزار ٿي پيا آهيون. ٻاڪرو گوشت وٺي اچان؟“
هن چيو: ”آهي ته اهو صحيح پر پاڻ واريون ڪِڪِيون ڪيرت راڻي ۽ سنرا راڻي ته کائينديون ئي ڪو نه! سو ڪڪڙ جو گوشت وٺي اچ!“
چيومانس: ”پر ڪڪڙ جي گوشت تي وري سوفي راڻي ۽ سهائي راڻي، نڪ چپ تي چاڙهيو ويٺيون هونديون. ايئن ٿو ڪريان مڇي ٿو وٺي اچان!“
هن چيو: ”اها اڄ مون کان ڪا نه ٺهندي، آچر تي ڏسنداسين! پوءِ ڀلا ڪا سائي ڀاڄي ئي وٺي اچ.“
چيومانس: ”موسم مٽجي وئي آهي، جيسين ڪي نيون ڀاڄيون اچن، اهي پراڻيون ته هاڻي کائڻ تي دل ئي نه ٿي ڪري. بس وڃان ٿو “جيڪا” ملي اها وٺي ٿو اچان.“
ڀاڄي وٺي موٽي آيس، جهونيءَ پڇيو؛ ”ڇا وٺي آئين؟“
چيومانس: ”’جيڪا‘ ڀاڄي ته ملي ڪا نه، ڪلو بصر، ڪلو پٽاٽا ۽ پاءُ ٽماٽا وٺي آيو آهيان!“ اهو ٻڌي هوءَ به کلي پئي، آئون به کلي پيس.
چيائين؛ ”پڪ ٿڪجي پيو هوندين. چانهه پيئندين يا شربت؟ اها ٺاهي تو کي ڏيان، پوءِ وڃي ٻوڙ کي ڏسان!“
چيومانس: ”تون پنهنجي هٿن سان چانهه ٺاهي ڏيندينءَ، شربت يا زهر، اهو خوشي خوشي پي ويندس، بس پارت هجئي ويلڻ نه ٺوڪجان!“
ٻئي ڄڻا کلي پياسين ۽ هوءَ پنهنجي چپٽين سان منهنجي چپن تي رڳڙو ڏئي بورچيخاني ڏانهن هلي وئي!

No comments:

Post a Comment