Sunday, January 5, 2020

محبت خاطر - حسيب ناياب منگي


محبت خاطر
مختصر ڪھاڻي
حسيب ناياب منگي
پيار جي اقرار کانپوءِ هن جيڪي مون سان قول ڪيا سي قبوليت جي اوسيئڙي ۾ جوان ٿي مري ويا. مون اقرار کانپوءِ پنهنجا قدم روڪيندي کيس گهڻو ئي سمجهايو هو ته؛ ”اسان جهوپڙيءَ ۾ رهڻ وارن کي، سماج ۾ رهندڙ توهان جهڙن اميرن وارو طبقو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو ۽ هميشه جيان اسان توهان کان ڌار ئي رهيا آهيون ۽ رهنداسين. ريتن رسمن جي آڙ اسان کي هڪ ٿيڻ ڪو نه ڏيندي.“


چريو هو، چوندو هو ته؛ ”تنهنجو ۽ منهنجو الڳ سماج؟ چري! سماج اسان سان ئي جڙيل آهي ۽ ريتن رسمن کي به ته اسان پاڻ جنم ڏيندا آهيون. صفا ڪا معصوم آهين، ايترو به نه سمجهي سگهين آهين ته پيار ريتن ۽ رسمن جا زنجير ٽوڙي ڇڏيندو آهي.“
هو پڙهيل لکيل، سوٽ بوٽ پائيندڙ ۽ وسيع سوچ وارو هو. هر روز ٺهي ٺڪي اسان جي ويڙهي ڏانهن ايندو هو. مون کي اشارن ئي اشارن ۾ سڏيندو هو. اسٽيشن جي ڪنڊ پاسي ۾ اڏيل پنهنجي جهوپڙيءَ تان محبت خاطر حيا جا ليڪا لتاڙي، امان سان ڳجهه سلي، هن ڏانهن گهٽيءَ ۾ ڊوڙي وڃي پهچندي هئس. هو ڪڏهن ڪي ڪويتائون ته ڪڏهن پيار ۽ آٿت وارا ٻول ٻڌائي، يڪدم مون آڏو ان ڊپ کان ٿڙي ويندو هو ته متان ڪو ڏسي نه وٺي. هن جو خيال هو ته مون جهڙو ڪو به ڪونهي. منهنجي روپ ۾ هن کي هن جي خوابن جي تعبير ملي وئي هئي.
جهوپڙيءَ ۾ ڄايس. غربت وچان پني پني آئيءَ تاتي جوان ڪيو. وهيءَ کي رسيم ته پنهنجي ئي ڪڙم وارن ٻانهون گهرڻ شروع ڪيون. آئيءَ جو هوڏ هو ته ”پني وقت ٿا ٽاريون ته ڇا هي؟ خواب ته هر ڇوڪري ڏسندي آهي. انهن خوابن جي تعبير لاءِ ڪي سٺا فيصلا ڪرڻ به اسان جو ئي ڪم آهي. سمبل کي هنن مان ڪنهن کي ڪو نه ڏينديس، هي به پنائي پنائي منهنجي سهڻيءَ کي مون جهڙو ڪري ڇڏيندا.“
مون اليڪم بابت آئيءَ کي ٻڌائي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو هو. اليڪم منهنجي به خوابن جي تعبير بڻجي چڪو هو. مان به هن سان بي انتها پيار ڪرڻ لڳي هئس. جهوپڙيءَ مان ليئا پائي آسمان ڏانهن نماڻي ٿي نهاريندي هئس ۽ ڌڻيءَ کي ٻاڏائي، پنهنجي پيار لاءِ وينتي ڪندي هئس. ڌڻيءَ وٽان ڪجهه مليو يا نه؟ پر سماج منهنجي محبت کي ماري وڌو.
جڏهن اليڪم جهڙو سلجهيل ريتن رسمن جي آڙ ۾ سماج آڏو گوڏا کوڙي ويهي رهيو ته مون ڏانهن آيو. سندس چهرو مرجهايل هو. مون کي خبر نه آهي ته هن جي من ۾ ڇا هو؟ پر هو جيڪا دعويٰ ڪندو هو، تنهن تي بيهي نه سگهيو ۽ چوڻ لڳو؛ ”رشتي لاءِ ممي راضي نه ٿي ٿئي. چوي ٿي ته؛ جيڪڏهن اتي رشتو ڪنداسين ته سماج کان ڪٽجي وينداسين. سمبل مون کي معاف ڪجانءِ! مان مميءَ کي ناراض نه نٿو ڪري سگهان.“
مون کيس روئندي چيو هو ته؛ ”جيڪي لفظ مون لاءِ، مون آڏو اچي چوندو هئين، مون وٽان وٺي وڃ! مون کي منهنجو پيار ڏئي وڃ.“
هو ڪنڌ جهڪائي، جڏهن منهنجي اکين اڳيان گذري وڃي رهيو هو ته مون کي اهو ثبوت ملي ويو ته وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ وارا به ريتن رسمن ۽ سماج آڏو مجبور ٿي ويندا آهن. وڏن ماڻهن لاءِ دلاسا ڏيڻ، جيترو آسان آهي، غريبن جو دم ڪڍي ڇڏڻ به انهن لاءِ ڪو پهاڙ ڪونهي. پنهنجي سماج ۾ اوچ نيچ جي سڀ کان وڏي اهميت آهي.
”شانتي! شهر ۾ وڃي، گهر، گاڏيون ۽ سوٽ بوٽ ڏسي، ڪنهن جي به پيار واري ڄار ۾ نه ڦاسجانءِ.“
سمبل جي جوان ڌيءَ شانتي، پنهنجي ماءُ جي پيار ڪهاڻي ٻڌي، دل ئي دل ۾ وچن ٿي ڪري ته؛ ’بي وفا جي شهر ۾ وڃي فقط پنبو.‘
ايتري ۾ سندس ابو روي به اچي پهچي ٿو ۽ ڌيءَ سان شهر ڏانهن پنڻ لاءِ وڃي ٿو.

No comments:

Post a Comment