Tuesday, January 28, 2020

بارش کان بارش تائين

بارش کان بارش تائين
ڪتاب تي تبصرو
علي نواز آريسر
ڪهاڻي جو ارتقائي سفر انسان جي پيدائش کان ئي شروع ٿئي ٿو ۽ اهو انسان جي ذهني اوسر سان گڏ ترقي ڪري اڳتي وڌندو رهي ٿو. سنڌ جي مٽي ان لحاظ کان وڌيڪ شاهوڪار آهي، ڇاڪاڻ جو دنيا جي پهرين سڌريل تهذيب جا نشان هن مٽيءَ مان ئي مليا آهن ۽ هتان جو هر ماڻهو پنهنجي اندر ۾ هڪ تخليقڪار آهي. دنيا جڏهن اڃا سوچڻ شروع ئي نه ڪيو هو، ان وقت هتان جي ماڻهن جيڪي داستان گهڙيا هئا، انهن ۾ هنن ڪيترين ئي نين ايجادن جا بنياد رکيا آهن. ان ڪري سنڌ کي ادب جي زمين سمجهندو آهيان.


داستان گوئيءَ کان وٺي جديد سنڌي ڪهاڻي جو جائزو وٺنداسين ته، اهو بخوبي اندازو ٿي ويندو ته، سنڌي ڪهاڻي پنهنجي هيئت ضرور تبديل ڪئي آهي، پر ڪهاڻي جو پلاٽ سنڌي سماج ئي رهيو آهي، اسان جو دوست مجيب اوٺو انهيءَ ڪهاڻيءَ جي سفر جو نئون جنم آهي، ۽ سندس ڪتاب “بارش کان بارش تائين” هن جي پهرين تخليق آهي، مينهن ڪڻين جي بوندن کان شروع ٿي، مٽيءَ جي خوشبوءِ سان مهڪندڙ هن ڪتاب ۾ ڪل 19 ڪهاڻيون آهن، جيڪي هن جا 19 جنم آهن. مجيب جون ڪهاڻيون پڙهڻ کانپوءِ آئون ايترو ئي چوندس ته هڪڙي ڪهاڻيڪار جو ڳجهه لهڻ ايترو ئي مشڪل آهي، جيترو ڪنهن ڪنوار جي ذهن ۾ پروليءَ کي سلڻ. اهو ڪيئن پتو لڳائجي ته انهن 19 ڪهاڻين مان مجيب جي پنهنجي ڪهاڻي ڪهڙي آهي؟ ڪهاڻيڪار ڪهاڻين کي پڙهندڙ لاءِ جيترو آسان ڪري پيش ڪندو آهي، اترو ئي پاڻ کي مبهم رکندو آهي. مجيب جي ڪهاڻين جو ڊڪشن ته ساڳيو آهي، پر سندس ڪهاڻيون الڳ ٿلڳ آهن. هن تي هڪڙو الزام اهو به آهي ته هن جون ڪهاڻيون جنسيات تي لکيل آهن، پر آئون اهو چوندس ته مجيب جون ڪهاڻيون سنڌي سماج جون ڪهاڻيون آهن، هن انهن ڪردارن جي چونڊ ڪئي آهي، جيڪي فرسٽريشن (frustration) جو شڪار آهن، ۽ سنڌ جي موجوده صورتحال جو جائزو وٺي ڏسو، هر ماڻهو فرسٽريشن ۾ ورتل آهي، نه رڳو عام ماڻهو، پر اقتدار ڌڻي به frustration ۾ ورتل آهن. هن جي ڪهاڻين ۾ اردو جي جڳ مشهور ڪهاڻيڪار مظهر الاسلام جي ڪهاڻين وانگر Suspense گهڻو آهي، پڙهندڙ Climax تائين انهيءَ Climax مان نڪري نه ٿو، ۽ جڏهن climax تي پڄي ٿو ته واجده تبسم جي ڪهاڻين جيان پڙهندڙ جي دماغ ۾ ٺڪاءُ نڪري ٿو وڃي ۽ منهنجي خيال ۾ ان کي چئبو آهي ڪهاڻي پڻو. ڪهاڻي، مضمون وانگر ته هوندي ڪونهي، جو ان کي کولي بيان ڪجي، ڪهاڻي ۾ ابهام ايترو هجڻ گهرجي، جو پڙهندڙ جي دماغ ۾ مختلف قسم جي ڪهاڻين جو جنم ٿئي. آئون منشي پريمچند جي ان ڳالهه سان سئو سيڪڙو متفق آهيان ته: “زندگيءَ جي ڪنهن به هڪ پهلوءَ ۽ جذبي کي افسانو چئجي ٿو”.
مجيب وٽ ٿورن لفظن ۾ مقصد جي ڳالهه ڪرڻ جو سٺو ڏانءُ آهي. هن جي پهرين ڪهاڻي آهي: “دل جي آڳنڌ تي لڙي آيل جدائي” ان جو جو Climax پڙهي ڏسجي: “جدائيءَ جي صدمي ۾ گهٻرائجي ويل هوءَ اداس ڇوڪري، جنهن دروازي سان ٽڪرائجي پئي هئي، سو پاڳل خاني جو لوهي شيخن وارو دروازو آهي”.
ايمانداري سان ويهي سوچجي ته هي سماج “پاڳل خانو” ناهي ته ٻيو ڇا آهي. يا وري هي ٻي ڪهاڻي. “احساسن جون لهرون” رڳو دماغ مان ٺڪاءُ نه ٿي ڪڍرائي، پر پڙهندڙ کي ٽوڙي ڇڏي ٿي، ن جا ٻه ڊائلاگ هتي ڏيان ٿو: “مان سمجهي وئي هئس ته هو محبت جي درياءَ ۾ لڙهي رهيو هو، جنهن کي لهرن جي بي ترتيبي پاڻ جيئن بي ترتيب ڪري رهي هئي. پر سندس دل مان مانجهيءَ جي گيت جا آلاپ ترتيب سان اچي رهيا هئا”. “ڪنهن جي ڪهاڻي ٻڌائي رهي آهين؟” لان ۾ سامهون ويٺل مڙس هن کان پڇيو.
“پنهنجي پُٽ جي!” هن وراڻيو.
مڙس کيس چيو: “پنهنجو ته ڪو پٽ ئي نه آهي!”
ڇا هي ڪهاڻي هن سماج جي ناهي، ڇا هن ڪهاڻيءَ ۾ سنڌي ماڻهوءَ جي جذبن جي ترجماني ڪونهي؟ مجيب جي ڪهاڻين جا سڀئي ڪردار اوپرائپ جو شڪار آهن، ڪٿي اها اوپرائپ هن جي اندر جي ته ڪونهي؟ مجيب جو تخيل انتهائي سگهارو آهي، وٽس لفظن جو اڻکٽ ذخيرو آهي.
“خوابن جي دنيا مان خارج ٿيل ماڻهو” ۾ هن ڪجهه ڊائلاگ خطرناڪ قسم جا لکيا آهن، جيڪي آئون پڙهندڙن سان ونڊڻ ضروري ٿو سمجهان: “زندگيءَ جي انهن سالن ۾ هن کي محسوس ٿيو ته خواب پکين جيئن آهن”،“هو سمجهي ويو هو ته خواب ۾ سمهڻ سان پيٽ ناهي ٿيندو”. هي سٽ پنهنجي پاڻ ۾ هڪ ڪهاڻي آهي. اهڙي ڪهاڻي، جيڪا پوري سماج کي ننگو ڪري سگهي ٿي. “سڪي ويل گل جي خوشبو” هڪڙي اهڙي ماڻهو جي ڪهاڻي آهي، جيڪو پوري طرح بيوس ۽ Frustration جو شڪار هوندو آهي. ان جا ڪجهه مڪالما هتي ڏيان ٿو، جنهن مان ڪهاڻيءَ جي Treatment کي سمجهي سگهجي ٿو: “مان ان ڪري پنهنجي خودڪشي جو فيصلو ملتوي نٿو ڪيان ته منهنجي مري وڃڻ تي منهنجون ٻه محبوبائون اداس ٿي وينديون ۽ زال بيواهه ٿي ويندي”، “هن کي جڏهن پنهنجي وجود کان به الجهن ٿيڻ لڳندي هئي ته، روح کان ويجهي عورت کان به پري ٿي ويندو هو”.
مجيب جو سڄو ڪتاب موتين جي مالها آهي، اهڙو ڪتاب سنڌي ادب جي جهول ۾ وجهڻ تي کيس مبارڪباد ڏيان ٿو.



مجيب اوٺي جي ڪھاڻين جي ڪتاب ”بارش کان بارش تائين“ تي ھڪ اڻپوري نظر
محمددين راڄڙي.
سنڌي ڪھاڻي ھر دور ۾، دور جي تقاضا مطابق پاڻ ملھايو آھي. سنڌي ڪھاڻي، پنھنجو ارتقائي سفر شاندار نموني جاري رکندي پئي آئي آھي. تازو نوجوان ڪھاڻيڪار مجيب اوٺي جو ڪھاڻين جو مجموعو ”بارش کان بارش“ تائين پڙھيو. ھر ڪھاڻي پڙھڻ کانپوءِ، محسوس ٿيو ۽ تمام گھڻي آٿت ملي ته سنڌي معياري فڪشن جي روح کي مجيب اوٺي جھڙي نوجوان ڪھاڻيڪارن سمجھي ورتو آھي..
اسان جڏھن جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي ڳالھ ڪندا آھيون ته مقصد آکاڻي کان ڪھاڻي طرف سفر ھوندو آھي. ڪھاڻي ضروري نه آھي ته راز جي صورت ۾ پڄاڻي تي پھچي. جديد ڪھاڻي، ڪنھن ڪردار جي نفسياتيءَ ھيجان، داخليءَ بحران، ضميري احتساب ۽ شخصي ڀڃ ڊاھ مان به اڀري سگھي ٿي. ڪھاڻي جديد فارم ۾ سرريلسٽ، ايبزرڊ، سمبولڪ، ميٽافزيڪل، ائبسٽريڪٽ، وجودي، يا فقط ھڪ ڪردار جي ڪھاڻي..
سنڌ ۾ جديد ڪھاڻيڪار کي ڪيترائي مسئلا به درپيش آھن. ريڊر جي پڙھڻ جو پنھنجو اينگل ٿئي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن پڙھندڙ پنھنجي اڳواٽ طئه ٿيل معيار مطابق ڪھاڻي جي پڄاڻي يا نئريشن جو مطالبو سيٽ ڪري ڪھاڻي مان اھا ئي ڊمانڊ رکي ٿو.
منھنجي ذاتي راءِ اھا آھي ته ڪھاڻيڪار جڏھن لکڻ ويھي ٿو ته ھو گونا گون وھڪرن ۾ وھي وڃي ٿو.. ان جو مشاھدو، ھڪ ٻڌل جملو به ٿي سگھي ٿو، ڪو منظر به ان کي ڪھاڻي لکرائي سگھي ٿو.. ڪڏھن ڪڏھن ڪو ڪتاب پڙھندي به ٿيم ٺھي ٿا اچن، انڪري، ڪھاڻيڪار کي آزاد ڇڏجي، ايستائين جو ڪڏھن خاص طور فڪشن پنھنجي جديد ٽيڪنيڪ ۽ موضوع جي اعتبار کان ھلندڙ دور کان وڌيڪ ايندڙ دور يعني مستقبل لاءِ به ھوندو آھي.
ڪڏھن ڪڏھن اسان جون ڪھاڻيون مناسب پليٽ فارم نه ھجڻ ڪري وڃائجي وڃن ٿيون.
سنڌ ۾ فڪشن ليکڪن جا ڪافي مسئلا آھن، ڪڏھن انھن تي تفصيل سان لکبو...
مجيب جون ڪھاڻيون، پنھنجي بيانيي، ٽريٽمينٽ، پلاٽ، پڄاڻي ۽ ٻولي جي اسٽينڊر ۾ جديد ڪھاڻيون آھن. ھن گھڻو ڪري ٿرڊ پرسن استعمال ڪيو آھي، ڪڏھن ڪڏھن ڪردار پاڻ به ڳالھائين ٿا، ۽ ڪھاڻي مڪالماتي ٽيڪنيڪ تي آڌاري ٿو، پر مڪاملا به معني خيز آھن.
ڪتاب جي پھريئن ڪھاڻي ”دل جي آڳند تي لڙھي آيل جدائي“ ۾ ڪردار جو تحرڪ ۽ نئريشن تمام اثرائتي آھي، انتظار جي ڪيفيت کي، ڪردار ذريعي ڀرپور محسوس ڪرايو ويو آھي... ڪھاڻي پڙھندي، مونکي محسوس ٿيو ته، منتظر زال وٽ مڙس جي ايڪسيڊنٽ جي خبر ايندي يا لاش گھر ايندو... پر ڪھاڻي جي پڄاڻي ايڏي ڪمال جي ھئي جو جھٽ گھڙي لاءِ آءُ ڪتاب بند ڪري.. فڪشن جي سحر ۾ گم ٿي ويسفڪشن چئبو ئي انکي آھي، نتيجو اھڙو ھجي جو ماڻھو جي چھري جا تاثرات، من جي ڪيفيت ئي ٻي ٿي وڃي... يقينن اھا ڪھاڻي، سنڌي فڪشن جو ماسٽر پيس آھي. مجيب الائي جي ڇو سڀني ڪھاڻين جا نالا، ھڪ سٽ جيترا ڊگھا رکيا آھن...
ٻي ڪھاڻي ”احساس جون لھرون“ پُٽ کي مناسب پيار نه ملڻ، بي ڌياني، جي ٿيم جي ڏاڍي اثرائتي ڪھاڻي آھي... ڪھاڻي جو سمورو ماحول افسردگيءَ پئدا ڪندڙ آھي. مجيب جي ڪافي ڪھاڻين ۾ ھڪ بي ڌياني جو شڪار پٽ ملي ٿو، ھاڻي اھا فئنٽيسي آھي يا مجيب جو ڪو آتم ڪٿائي درد يا ڪو ڪمپليڪس...
ٽين ڪھاڻي ”سائي چادر جو ڏک“ ۾ ھڪ ٻھاريدار جي درد جي نفسياتي ڇنڊڇاڻ ٿيل آھي.ان ڪھاڻي جو جدا نفسياتي تجزيو ڪري سگھجي ٿو.
چوٿين ڪھاڻي، پنھنجي اندر سان جنگ ڪندڙ ھڪ شخص جي آھي.. جنھن کي سماج ۾ آرٽ جي اڻاٺ، محبت جي ڪمي ۽ ڪجھ ٻين موضوعن تي آڌاريل آھي.. جنھن ۾ ڪردار چئي ٿو: ھن شھر ۾ محبت ڇو عدت ۾ ويھي رھي آھي“ ايئن، ”خوابن مان خارج ٿيل ماڻھو“ ھڪ حساس ترين نوجوان جي ڪھاڻي آھي.. احساس تي ٻڌل ھن ڪھاڻي جي ساخت انتھائي گھري ۽ پکين سان پيار جھڙي ٽاپڪ تي آڌاريل آھي.
مجيب وٽ انسان ۽ وجود جا موضوع آھن. ھن ڪتاب تائين ھو مونکي ماڻھو جي ”دل ۾ ويھي لکندڙ“ ڪھاڻيڪار لڳو... ھن وٽ سماجي موضوع سڌا سنوان نه آھن. ھو گھڻو تڻو... ڪنھن فرد، وجود کي ايڊريس ڪندڙ ڪھاڻيڪار آھي... پوءِ سماج ضمنن اچي ٿو وڃي.. يقينن ڪردار سماج ۾ ئي رھي ٿو...
”سيئي سسڪان ساريان“ محبت جي موضوع تي آڌاريل سٺي ڪھاڻي آھي..
”سُڪي ويل گل جي خوشبو“ ماڻھو جي اندر جي سُڃ، اڪيلائي جھڙي بحراني ڪيفيت ۽ خودڪشيءَ تي پڄاڻي ڪندڙ ڪھاڻي آھي.
مجيب جي تقريباَ سڀني ڪھاڻين جي ٻولي، نئريشن، تز، ننڍڙا جملا، احساس سان ٽمٽار ڳالھيون ۽ انھن جي پڙھڻ کانپوءِ محسوس ٿيندڙ خمار مجيب جي ڪاميابي آھي ته ھن ڪيئن ڪھاڻين کي ٽريٽ ڪيو آھي.
”زندگي جي ايش ٽري ۾ سڙيل ساھ“ به وجودي اڪيلائي، نراسائي بابت ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ مجيب ڪھاڻي بابت پنھنجا خيال به ڏنا آھن... مجيب جي ڪھاڻين جو موضوع صفا وار جيتري فرق سان گھڻو ھڪجھڙو آھي... معني، وجودي مسئلا.. پڙھندي، ڪڏھن ايئن به محسوس ٿيو ته ھن ھڪ ئي ڪردار جون مختلف ڪيفيتون ونڊيون آھن، ۽ ھر ڪھاڻي ان ڪردار جي ناول جو ھڪ چيپٽر آھي، پر، ھن ھر ڪھاڻي ۾ شعوري وھڪري واري ٽيڪنيڪ استعمال ڪندي پنھنجي ڪھاڻين ۾ آرٽ ئي آرٽ ڀريو آھي..
ھن جي ڪھاڻين جو ڪرافٽ منفرد آھي.. ايئن اڳيون ٻه ٽي ڪھاڻيون به چاھت، محبت بابت آھن...ٺريل چانھ، ٺريل ڪافي ۽ بارش سان به مجيب جو ڪو سٻند ضرو آھي..
لفظ بارش جو ڪھاڻين ۾ جا بجا استعمال مليو... شايد بارش جي موسم مجيب کي وڻندي آھي، يا بارش ھن وٽ روئڻ جي علامت آھي..
”ڪھاڻين جو ديوتا“ گھڻ-رخي ڪھاڻي ۽ شاندار ننڍي ڪھاڻين جو فريم آھي.
مجيب اوٺي جي ڪھاڻين پڙھڻ کانپوءِ الائي ڇو ان وٽ وڃي ان جي من اڪيلائي، مونجھ، اداسيءَ، ڪو اندر جو درد، ڪا شڪايت، ڪا ڪمي، ڪا الجھن، ڪا داخلي پيڙاءُ ونڊڻ لاءِ دل چئي ٿي.. مجيب ان سموري ڪيفيتن کي ڪھاڻين ۾ اظھاريو آھي.. شايد پناھ ورتي آھي، پر اسان جي نوجوان ڪھاڻيڪار، ڪھاڻي جي نقادن، پڙھندڙن کي خاموشيءَ سان ھي ڪتاب ڏيئي ڇرڪ ضرور ڀرايو آھي.. ھو نوجوان ھوندي، پنھنجي سوچ، خيالن جي اڏار ۾ فلسفيءَ جيان سوچي، ھڪ بالغ ذھن لڳي ٿو ۽ اندر جي ھيکلائي کي ڪھاڻين جي ميڊيم ۾ وڏي آرٽ سان، احساس سان ايئن لکي ٿو جو پڙھندڙ ھن جو فين ٿي وڃي ٿو.. جيئن مان ھن جي ڪھاڻين جو فين آھيان... گھڻو ڪجھ لکڻ جي باوجود نه لکي سگھيو آھيان...

واقعي مجييب جون ڪھاڻيون لکڻ کان وڌيڪ پڙھي قرار ماڻڻ جھڙيون آھن.. ايندڙ دور مجيب اوٺي جھڙي جديد ڪھاڻيڪارن جو آھي.




احساسن سان اڻيل ڪهاڻيون
مجيب اوٺي جي ڪتاب ”بارش کان بارش تائين“ تي راءِ
عظيم رونجهو
سنڌي ادب جي پڙهندڙ ۽ چاهيندڙ جي حيثيت ۾ آئون موجوده ڏهاڪي کي سنڌي ادب جو بهترين ڏهاڪو سمجهان ٿو، ڪجهه وقت اڳ تائين اسان وٽ ادبي حوالي سان ايتري هلچل نظر نه ايندي هئي جيتري هاڻي نظر اچي رهي آهي، ان جو سبب شايد سوشل ميڊيا جي ذريعي معلومات جا وڌندڙ ذريعا به آهن، اسان وٽ هاڻي هر ادبي صنف تي لکيو پيو وڃي ۽ ان تي ڳالهايو به وڃي پيو، جنهن سان نه صرف لکندڙ جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي پر ادب کي مقدار سان گڏ معيار طرف وٺي وڃڻ واري هڪ تحريڪ به نظر اچي ٿي. سنڌي ادب جي نثري صنفن مان ڪهاڻيءَ جي قافلي ۾ شامل ٿيندڙ نوجوان مجيب اوٺي جو ڪهاڻي مجموعو ”بارش کان بارش تائين“ ڇپجي، پڙهندڙ جي هٿن تائين پهتو آهي ۽ ڪافي مقبوليت به ماڻي چڪو آهي، هن ڪتاب تي ڪافي دوستن جا تفصيلي مضمون اچي چڪا آهن، مون به پڙهيو ۽ پڙهندڙ جي حيثيت سان جيئن محسوس ڪيو، اها راءِ دوستن جي سامهون رکي رهيو آهيان. مجيب اوٺي جي ڪنول پبليڪيشن جي طرفان ۲۰۱۹ ۾ ڇپرايل بغير مهاڳ ۽ پنهنجي پاران (جيڪا روايت سنڌي ادب ۾ تمام گهٽ نه هجڻ برابر آهي) واري هن مجموعي ۾ ۱۹ ڪهاڻيون شامل آهن، منهنجي خيال ۾ ۱۹ ٽڪڙن تي مشتمل هي هڪڙي ئي ڪهاڻي آهي. ڇو ته سڀني ڪهاڻين جو موضوع يا اندازِ بيان هڪ جهڙو ئي آهي. ڪهاڻيڪار جي ٻولي، پيش ڪش جو انداز احساسن کي ڇهندڙ ۽ اندر ۾ لهي ويندڙ جملن سان پڙهندڙ جي دل کي ڌڪ هڻندي محسوس ٿئي ٿو. جيئن ته هي خوابن، اداسين، اندر جي اڪيلائي، پيڙا، اداسي، لاحاصل محبت جون ڪهاڻيون آهن، ان ڪري ليکڪ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي ان سان هو پوري طرح ان ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيو آهي ته جيڪو ڪجهه هن جي اندر ۾ آهي يا جيڪا ڳالهه هو سامهون وارو سان ڪميونيڪيٽ ڪرڻ چاهي ٿو ان کي ان طرح سمجهي سگهجي.
اداسي جي ڪا وصف ناهي، ساڳي طرح خواب کي بيان ڪرڻ به سولو ناهي، ان ئي طريقي سان لاحاصل محبت جي درد کي بيان ڪرڻ به ائين ئي ڏکيو آهي ته ڪو زخم آهي، جنهن جاءِ تي جنهن کي زخم لڳل آهي اهو ان سور ۽ پيڙا کي محسوس ڪري ٿو پر ان کي ڏسڻ وارو محسوس نه ڪري سگهندو، پر مجيب پوري طرح اهو محسوس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.
سندس ڪهاڻين جا عنوان به شاعرانه انداز جا آهن جيئن ”دل جي آڳنڌ تي لڙي آيل جدائي“ جنهن ۾ عورت جي احساسن/ جدائيءَ جي خوف جي اندر ۾ وڍ وجهندڙ ڪيفيت کي خوبصورت انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. ”خوابن جي دنيا مان خارج ٿيل ماڻهو“ انسان جي اندر جي بي چين روح جي ڪٿا بهترين ڪهاڻي ”سيئي سڪي ساريان“، ”سڪي ويل گل جي خوشبو“، ”سيني جي سرحد مان نڪري ويل ڇوڪري“، ”ڪهاڻي جي ڪناري تي بيٺل ڇوڪري“، ”وائلن جي ٽٽل تار جهڙي ڇوڪري“ ۽ ”هن دل جي خانه بدوشي“ وغيره.
هن جي ڪهاڻين مان ڪيئي اهڙا جملا Quote ڪرڻ جهڙا آهن مثال طور:
”هن جون اکيون معصوم هيون، ائين جيئن محبوب کي ڏسندڙ اکيون هونديون آهن.“
”محبت ڇو عدت ۾ ويهي رهي آهي؟“
”موت جو هڪ گهر ڪتي جي وات ۾ آهي، ڪتو انسان جي اذيتناڪ موت جو ڪارڻ بنجي ٿو.“
”عورت ڪچري جو خوبصورت ڊٻو ته نه آهي نه، جنهن ۾ مرد پنهنجي غلاظت ڪوڙي محبت جي آڙ ۾ ڦٽي ڪندو ويندو آهي.“
”هي ۾ محبتن جا معاملا به ڪيڏا نه عجيب آهن، جو ڪو ماڻهو اوهان سان خوابن ۾ ملڻ به اچي ۽ ان کي خبر به نه پوندي هجي ته تو هو ڪنهن سان خوابن ۾ ملندو ٿو رهي.“
مون کي ائين محسوس ٿيو مجيب هي ڪهاڻيون ائين لکيون آهن، جيئن ڪهاڻي پاڻ چاهيو آهي ته کيس لکجي، ائين نه جيئن ليکڪ پنهنجي مرضي هلائي. سندس ڪهاڻيون پڙهي لطف اندوز ٿي سگهجي ٿو ۽ پاڻ کي اداسين جي اڻ کٽ جهنگل ۾ گم ٿيندي محسوس ڪري سگهجي ٿو.



مجيب اوٺو جي ڪھاڻي-ڪتاب، بارش کان بارش تائين، جو جائزو

عبدالڪريم چنا

“بارش کان بارش تائين” نوجوان ڪهاڻيڪار مجيب اوٺو جي مختصر ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي. هن مجموعي ۾ ڪل ۱۹ مختصر ڪهاڻيون آهن. هڪ ويهڪ ۾ شايد  ڪتاب پڙهجي ويندو پر ڪهاڻين جو مقصد ڪي قدر لڪيل ۽ سمجهڻ ۾ ڏکيو بڻيل آهي. ان ڪري ڪهاڻيون ڏاڍو ڌيان گهرن ٿيون. ان حساب سان اڪثر ڪهاڻيون عام پڙهندڙ جي مٿان گذري وڃڻ جو خدشو به آهي.

منهنجو هي ليک ڪهاڻين جي تنقيدنگاري گهٽ پر ڪهاڻين کي سمجهڻ جي لاءِ تشريحي مڪالو وڌيڪ آهي. هن مڪالي لکڻ جو اصل خيال ان ڪري آيو جو مختلف دوستن پاران سندن لکيل مڪالا پڙهي محسوس ڪيم ته مجيب اوٺو جي ڪهاڻين کي گهٽ سمجهيو ويو آهي يا جن تبصري نگارن سمجهيو آهي ته انهن ٻين کي سمجهائڻ کان پاسو ڪيو آهي. شايد اهي دوست پنهنجي زندگيءَ جي مصروف جهان ۾ هجن يا ان جو ڪو ٻيو به سبب هجي.

ڪهاڻين جي هن ڳٽڪي ۾ وجوديت، سريئلزم، علامت نگاري، نفسياتي مونجهارا، بي تڪائپ ۽ سماجي مسئلن جا موضوع ڇانيل آهن. انهن مک موضوعن اندر پيدا ٿيندڙ ماحول ۾ هيڪلائي، نراسائي، پيڙاءَ، جنس، استحصال، ڌوڪو، جدائي، نه کٽندڙ درد، خوف ۽ موت جا ماتحت موضوع به ملن ٿا. ڪٿي ڪٿي اميد، زندگيءَ سان پيار، جدوجهد ۽ ويڙھ جو نياپو به ملي ٿو. ڪهاڻين جا اڪثر ڪردار محبتن جي اُڻاٺ جا ماريل، اڪيلائي ۽ مايوسيءَ جي وَر چڙهيل، نراسائين ۽ دردن ۾ جيئندڙ آهن. پڙهندڙ اهي نراسائيون ۽ درد محسوس ڪري، ڪهاڻيڪار پاران جوڙيل اداسي ۽ هيڪلائپ، درد ۽ ڊڄ جي ڪُنَ ۾ گهلبو وڃي ٿو.

ڪهاڻين تي بعد ۾ اچبو، پهرين ڪهاڻين ۾ موجود علامت نگاري جي ڪجهه مثالن تي اچون ٿا. ڪهاڻين ۾ موجود مختلف عنصر علامت طور ڪهڙين شين کي بيان ڪن ٿا انهن جي هلڪي سمجهاڻي هيٺ ڏجي ٿي.

چانھ: ٿڪاوٽ، اڪيلائي، مونجهارو، ڏک.

ٿڌي چانھ: ٿڌا جذبا، قوت باھ گهٽجڻ، جنسي ڪمزوري.

گرم چانھ: گرم جذبا، سنجوڳ جي خواهش.

ڪافي: ويڳاڻپ، ٿڪاوٽ، درد

سگريٽ: هيڪلائي، بي سهارائپ، پيڙاءُ، مونجهارو، فنا.

ڪانءُ: خوف، وحشت، موت.

اوندھ: ڊڄ، مونجهارو، مصيبت، موت.

نانگ/نانگڻ: ڌوڪو، فريب.

چنڊ: اداسي، درد، يادون، موت.

ڪَڪر: مونجھ، ڏک، هيڪلائي، اميدن جو ٽٽڻ.

بارش: هيڪلائپ، بي سهارائپ، درد، مونجھ، اميدن جو ٽٽڻ.

ڪو سٺو ليکڪ ڪڏهن ته ڄاڻي ٻجهي علامت طور لفظن کي پيش ڪندو آهي ته ڪڏهن ان جي وهڪري ۾ آيل لفظ پاڻمرادو ئي علامتون بڻجي سامهون اچي ويندا آهن. اصل ۾ اها ليکڪ جي لاشعور مان اٿيل ڪاوش هوندي آهي.

علامت نگاري جا ڪجهه جملا بيان ڪجن ٿا:

سندس ويجهو ڀت تي هڪ ڏٻرو کنڀن کٿل ڪانءُ اچي ويٺو هو. (ڪانءُ نياپي جي علامت، ڪارو رنگ غم ۽ رنج جي علامت، ڏٻرائپ تباهي ۽ بدحاليءَ جي علامت.)

هوءَ پنهنجون اکيون دروازي تي ٽنگي آئي هئي. (انتظار جي بيقراري کي بيان ڪرڻ.)

هو هاڻ هڪ رنگ برنگي پوپٽ جيئن هو. (هڪ نوجوان جي رنگباز يا عاشق مزاج طبيعت جي عڪاسي.)

کيس تازي ٽڙندڙ گل جي خوشبوءِ آئي. (هتي ٻار ڄمڻ کي تازي گل جي علامت ۾ بيان ڪيو ويو آهي.)

سندس محبت جي عمر هٿن تي مينديءَ جو رنگ چِٽو رهڻ جيتري مَسَ هئي. (محبت جو جلدي ختم ٿي وڃڻ جي عڪاسي.)

مون صحرا کي به سانوڻين سان سرسبز بڻائي ڇڏيو آهي. ( بنجر دلين کي محبت سان ڀرڻ ۽ کين خوشيون ۽ سڪون ڏيڻ جي ڳالھ.)

ڪهاڻين ۾ سنڌ جي ڪجهه ريتن ۽ رسمن جي به عڪاسي ڪيل آهي، جن مان ڪجهه مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا.

۱_ ڇوڪريءَ جو سامائجڻ شرط سندس تعليم بند ڪرڻ.

۲_ ٻي ذات ۾ رشتو نه ڪرڻ.

۳_ اڻ پرڻيل نوجوان جي مرڻ تي سندس لاش کي گهوٽ جيان سينگاري دفنائڻ.

۴_ ڇِتي ڪُتي جي چَڪيل لاءِ سائي چادر جو استعمال. . . وغيره.

ڪٿي ڪٿي سماج جي ناڪارا رسمن کي ننديون به ويو آهي. پر اڪثر ڪري اهي جيئن جو تيئن بيان ڪهاڻي ۾ پيش ڪيون ويون آهن.

ڪهاڻين ۾ تشبيھ ۽ استعاري جو ڏاڍو سهڻو استعمال ڪيل آهي. تشبيھ ته ڏاڍي جهجهي نموني استعمال ڪيل آهي. ان کانسواءِ تمثيل، تضاد، سونهن ۽ پيار ڀريون سٽون به کوڙ آهن، جيڪي پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿيون. کوڙ جملا وري علامت نگاري جي معنيٰ رکن ٿا. جن جو مقصد ظاهر ۾ ته هڪ آهي پر لڪيل معنيٰ وري صفا الڳ ۽ ڏاڍي زوردار آهي.

هتي تشبيھ ۽ استعاري جا ڪجھ مثال پيش ڪجن ٿا:

ڳالهه جيڪا ڏينڀوءَ جيان سندس مٿي ۾ ڀُون ڀُون ڪري رهي هئي.

نيرو وشال آسمان کيس پنهنجي اندر جينءَ خالي لڳو.

سندس گهر جا ڀاتي به ديوارن جيان بيجان ۽ بيحس هئا.

اداسي کيس اڇي پوتيءَ جينءَ ويڙهيل هئي.

مان مِٺي نديءَ جهڙي ڇوڪري آهيان.

جسم اونداهي سُرنگ جيان آهي ۽ روح کي ان مان گذرڻو آهي.

هوءَ گونچ مان ٽاري ٿي پئي هئي ۽ ٽاري ٽار ۾ بدلجڻ لڳي هئي.

کيس تازي ٽڙندڙ گل جي خوشبوءِ آئي.

سندس نگاهون مئخانو بڻيل هيون.

اي خدا! مرد جي سيني جي سرحد محدود ڇو ڪئي اٿئي؟

ڪهاڻين ۾ سادن مختصر جملن ۽ ڊگهن مرڪب ۽ مرتب جملن جو هڪجهڙو استعمال آهي. ان ڪري ائين هرگز به نه ٿو چئي سگهجي ته، مجيب سادن جملن جو استعمال ڪيو آهي ۽ کيس ڊگهن جملن تي پڪڙ گهٽ آهي. مختصر ۽ ڊگهن جملن جا ڪجھ مثال:

تون منهنجي زندگيءَ جي روشني آهين.

ماڻهوءَ جو مثال به ٻرندڙ ميڻ بتيءَ جهڙو آهي.

هي چنڊ ڪنهن به وقت مونکي ماري وجهندو.

امان مونکي چنڊ تڙپائي ٿو.

ماڻهوءَ جو رَوَيو ايترو تيز وار آهي جو اهو روح زخمي ڪري سگهي ٿو ۽ وجود فنا ڪري سگهي ٿو.

منهنجي بهارن جهڙي جيون کي خزان جو کاٽ لڳي ويو، گل ڪومائجي ويا، خوشبوءِ ختم ٿي وئي ۽ خوابن جي پوپٽن جا لاش اندر جي چمن ۾ لٽڪيل رهجي ويا، مان هڪ قبرستان جهڙو وجود بڻجي جيئڻ لڳس.

محبت جي زنجير عشق جي ڇير ۾ بدلجي وئي، هو ٿورو ئي عرصو ڇم ڇم جي آواز ۾ مخمور رهيا ته هڪ رات هن خواب ۾ ڏٺو ته: عشق جي ڇير زنگجي وئي آهي ۽ سندس محبوبا جا پير ڦٽجي پيا آهن.

هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قمبر ۲۰۱۹ع ۾ ڇپايو آهي. هاڻي ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ڏانهن اچون ٿا.

۱_ ڪهاڻي “دل جي آڳنڌ تي لڙي آيل جدائي” هڪ سريئلسٽڪ ڪهاڻي آهي. يعني خوابن ۾ پيش آيل واقعا. هيءَ ڪهاڻي هڪ ڊگهو بحث گهري ٿي. هر پڙهندڙ الڳ مقصد به ڪڍي سگهي ٿو. ڪهاڻيءَ جي واحد ڪردار عورت يا ته مڙس جي جدائيءَ ۾ پاڳل بڻجي وئي آهي. . . يا ته ان مرد شادي ئي نه ڪيس ۽ هوءَ پاڳل بڻجي خيالي دنيا ۾ رهڻ لڳي هئي. . . يا سندس مڙس سان ڪو حادثو پيش آيو. . . يا مڙس کيس ڇڏي هليو ويو هو. پر سبب جيڪو به هجي هن جي محبت ۾ ايڏي ته تڙپ آهي جو پاڳل بڻجڻ کان پوءِ به مڙس کي وساري ناهي سگهي. اهو به مقصد ته هتي پيار ڪندڙن کي چريو قرار ڏئي قيد ڪيو ويندو آهي يا پيار ڪرڻ وارا چريا ئي هوندا آهن. ڪهاڻي جو هڪ اهم رخ محبت ڪندڙن جي بيوسي، اڪيلائپ ۽ نراسائي به آهي.

۲_ ڪهاڻي “احساس جون لهرون” وجوديت Existentialism ۽ بي تڪائپ Absurdity جي عڪاسي ڪري ٿي. هي فنَ يورپ ۾ پهرين جنگ عظيم جي تباهڪارين کان پوءِ نروار ٿي عروج تي پهتا. مقصد هيو زندگيءَ جي بي مقصد هئڻ، کوکلي، بي لوث رشتن، بي رونق زندگي ۽ انسان جو انسان تان کڄي ويل ويساھ جي عڪاسي ڪيل آهي. هيءَ ڪهاڻي سخت مصيبتن ۽ ذهني مونجهارن سبب دماغ اندر خيالي دنيا بڻجي پوڻ، سهارا ڳولڻ ۽ سهارن جو ملڻ ناممڪن بڻيل رهڻ، اميد بڻائڻ ۽ نااميدي گهر ڪري وڃڻ آهي.

۳_ ڪهاڻي “سائي چادر جو ڏک” هڪ نفسياتي ڪهاڻي Psychological story آهي. هي شديد محبت جي ڏک ۾ اچي بدلو وٺڻ جي جوش ۾ نفسياتي مونجهارن ۾ مبتلا ٿي وڃڻ ۽ وحشي بڻجي وحشت مان لذت وٺڻ جي عڪاسي پڻ ڪري ٿي. ڪهاڻي ۾ جديد سائنسي طريقن وسيلي علاج نه ڪرائڻ بدران روايتي رسمن وسيلي علاج ڪرڻ جي به عڪاسي ٿيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ محبت ڀريا کوڙ سهڻا ۽ اثرائتا جملا پڻ آهن. علامتي جملا پڻ خاص مقصد رکن ٿا.

۴_ ڪهاڻي “پهرين انام ڪهاڻي” وجوديت، نفسيات، علامت نگاري ۽ سريئلسٽڪ بنيادن تي سرجيل آهي. هڪ مصور جي فن جي گهرائپ کي هڪ سنجيده ۽ ذهين شخص وسيلي سمجهايو ويو آهي. هڪ نفسياتي مونجهارن جو شڪار شخص جيڪو پنهنجي ذهن ۾ جڙيل تصورن کي حقيقت سمجهي ٿو. علامت اها آهي ته، دنيا هڪ خواب آهي. ٻاروتڻ، جواني ۽ پوڙهائپ ڪينءَ ٿا گذري وڃن ڪا خبر ئي نه ٿي پوي. هڪ ڏينهن اسانکي شايد ڪو ياد ڪرڻ وارو به نه رهندو.

۵_ ڪهاڻي “خوابن جي دنيا مان خارج ٿيل ماڻهو” وجوديت ۽ سريئلزم جو ميلاپ آهي. خوابن جي دنيا ۾ رهندڙ هڪ حساس دل نوجوان جي آکاڻي، جنهن جا خواب آخر ۾ سچا بڻجي کيس اذيتون ڏين ٿا. ڪهاڻي جي شروعات معصوم ڳالهين ۽ خيالن سان ٿئي ٿي ۽ اڳتي هلي ڪرب، ڊڄ ۽ مصيبتن تي انت ٿئي ٿو. معصوميت، خوشي ۽ آزاديءَ جي علامت بڻيل پکي به انت ۾ خوف، خطري ۽ موت جي علامت بڻجي وڃن ٿا.

۶_ ڪهاڻي “سيئي سِڪان ساريان” محبت ۾ ميلاپ نه ٿيڻ جي درد ڀري ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي ۾ بيان آهي ته: خاندان کان ٻاهر جي محبت، قبائلي رسمن رواجن مطابق ذات کان ٻاهر شادي نه ٿيڻ، ننڍپڻ جي پيار کي دل جو مالڪ بڻائي رکڻ ۽ پيار ۾ وصال نه ٿيڻ جو ڏک آهي. هيءَ ڪهاڻي سنڌ جي ٻاهراڙيءَ جي سماج جي ايڪسري آهي. جيڪا هڪ نه پر پنهنجي اندر ڪيترين ئي محبتن جو قبرون رکي ٿي.

۷_ ڪهاڻي “سُڪي ويل گل جي خوشبوءِ” علامت نگاري جو سهڻو مثال آهي. خودڪشي لاءِ تيار ٿيندڙ هڪ نوجوان جي آخري لمحن جو مختصر داستان. سندس زال ڳورهاري هوندي آهي. هِتي سُڪل گل مان مراد موت طرف اشارو ۽ تازي گل مان مراد زندگي (پيٽ ۾ موجود ٻار جو جنمجڻ) آهي. مقصد ته زندگيءَ جو چهرا مٽائي هلندو رهڻ ئي زندگيءَ جي جيت آهي.

۸_ ڪهاڻي “زندگيءَ جي ايش ٽري ۾ سڙي ويل ساهه” وجوديت ۽ بي تڪائپ جي موضوع تي سرجيل آهي. مسلسل انتظار ۽ بيچيني. اڪيلو سهارو به مدد لاءِ ميسر نه هجي ته، زندگي بي مقصد بڻجي وڃي ٿي. زندگيءَ مان خوشيون نڪري وڃن ۽ پريشانيون گهر ڪري وڃن ته بيماريون ۽ پوڙهائپ به تڪڙو اثر ڏيکارين ٿيون، ائين هيءَ ڪهاڻي عمر جي آخري لمحن جي هڪ عذابناڪ تصوير آهي.

۹_ ڪهاڻي “رهجي ويل ملاقات جو لمحو” مري ويل محبوبا جي يادن سبب ڪرب وچان زندگي گهاريندڙ هڪ وفا شعار محبوب جي ڪهاڻي آهي، جيڪو پنهنجي محبوبه جون ڳالهيون ساريندي ساريندي پنهنجو دماغي طوازن وڃائي ويهي ٿو.

۱۰_ ڪهاڻي “ٺري ويل چانهه جو ڪوپ” علامت نگاري جو هڪ بنهه خوبصورت حوالو آهي. هن ڪهاڻيءَ جو موضوع جنسي مسئلو آهي. مرداڻي ڪمزوري جي عڪاسي تي پڻ روشني وڌي وئي آهي. عورت جو مجبور ٿي ماحول مطابق هلڻ قبولي وٺڻ، پر دل گهريو مرد ملڻ شرط عزت ۽ قدر وساري ويهڻ جي سهڻي عڪاسي پڻ ڪهاڻيءَ ۾ نظر اچي ٿي.

۱۱_ ڪهاڻي “سيني جي سرحد مان نڪري ويل ڇوڪري” نوجوانيءَ ۾ پيار ۾ غلط چونڊ سبب ڌوڪو کائڻ، محبت جي جذبي ۾ بي قدر مردن هٿان لڄ لٽائي ويهڻ، مرداڻي سماج ۾ عورت جي ڪمزور هئڻ واري رخ جي عڪاسي ڪري ٿي. هيءَ ڪهاڻي تهذيب جي ديوار تي ڇاپيل ڀونڊي جيان آهي.

۱۲_ ڪهاڻي “اڪيلائيءَ جو آخري ڇرڪ” هڪ محبت ماريل شخص جي خوابن وسيلي پيار ڪرڻ جي آسيس پوري ڪرڻ بيان ڪري ٿي، حساس طبيعت نوجوان ڇوڪري سان محبت ۾ ڪيل ڌوڪو کيس وڌيڪ محبتون ڪرڻ کان روڪي رکي ٿو، جيتوڻيڪ هُو اڪيلائيءَ مان بيزار به آهي ۽ دل ۾ محبت لاءِ گهر به خالي اٿس. مرد جي زندگيءَ کي پرسڪون بڻائڻ لاءِ ماءُ يا محبوبا جي پيار جو هجڻ لازمي آهي.

۱۳_ ڪهاڻي “خوف جي خوشبوءِ” نفسياتي مونجهارن تي مبني آهي. پنهنجن ويجهن مائٽن ۽ نوجوان محبوبا جي مرڻ سبب موت کان ڊنل نوجوان جي ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ ۾ علامت هيءَ آهي ته، زندگيءَ تي ڪو ڀروسو ناهي، دنيا فاني آهي، ڪير به گهڻو زنده نه ٿو رهي سگهي. ان ڪري اجايو وقت وڃائڻ بدران محبتون ونڊي سماج ۽ دنيا کي خوشيون ڏجن.

نفسياتي اثر هي آهي ته، پنهنجن جو موت انسان کي ڪمزور، ڊڄڻو ۽ سودائي بئاڻي ڇڏي ٿو. ان سبب هر وقت موت جو پاڇو پنهنجي مٿان محسوس ڪري ٿو جنهن سبب ماڻهو دنياداريءَ ۾ به ناڪام رهي ٿو.

۱۴_ ڪهاڻي “ هن دل جي خانه بدوشي” شڪ جي عڪاسي ڪري ٿي. محبت ۾ ساڙ  يا شڪ شايد هر عورت جي مزاج جو حصو آهي. اصل ۾ ڪنهن به عورت جو اهو شڪ وارو لاڙو سندس پيار جي گهراين جو سبب هوندو آهي ۽ اڪثر ڪري اهي شڪ گهرن کي ٽوڙڻ جو سبب به بڻجي وڃن ٿا. هتي به ائين ئي ٿئي ٿو. هڪ نوجوان جي محبوبا سندس سچي محبت تي شڪ ڪري نئين محبت ڳولي وٺي ٿي. هيءَ ڪهاڻي لفظن جي حسناڪيت جو سهڻو مجموعو آهي. دراصل هيءَ ڪهاڻي لاحاصل محبت جي درد جو احساس ئي آهي.

۱۵_ ڪهاڻي “ڪهاڻيءَ جي ڪناري بيٺل ڇوڪري” علامت نگاري جو مثال آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ظاهري طور ته هڪ ڪهاڻيڪار کان سندس محبوبه جون شڪايتون آهن پر علامتي طور انسان جون سندس خالق سان شڪايتون آهن. ڪهاڻيڪار ڪردار خلق ڪري ٿو ۽ رب پاڪ انسانن کي خلقي ٿو. ان ريت انسان به دنيا ۾ پنهنجي ڪهاڻيءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ آيو آهي ۽ هي انسان / ڪردار به سموري حياتي پنهنجي خالق / رب پاڪ کان شڪايتون ئي ڪندو رهي ٿو. هيءَ ڪهاڻي پيار ڀريل ٻولن ۽ جذبن سان ٽمٽار ڪهاڻي آهي.

۱۶_ ڪهاڻي “ننڍپڻ ۾ مري ويل شخص” هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ کي ڳولي ٿو، دراصل هُو پنهنجي زندگيءَ جي واقعن، حادثن ۽ المين کي ئي ساري ٿو. . . اها ئي سندس ڪهاڻي آهي. کيس جڏهن ياد اچي ٿو ته، ڪهاڻيءَ کي ڪو ماڻهو فصل ۾ کڻي وڃي رهيو آهي ته، هُو ان وقت مري وڃي ٿو. هيءَ ڪهاڻي ٻارن جي نفسيات ۽ استحصال تان پردو کڻي ٿي.

۱۷_ ڪهاڻي “ڪهاڻين جو ديوتا” به گذريل ٻن ڪهاڻين جي موضوع جو تسلسل آهي. يعني ڪهاڻيون نمبر ۱۵,۱۶, ۽ ۱۷ جو بنيادي موضوع ڪهاڻيڪار ۽ ان جا مسئلا آهن. زندگيءَ جي لاهين چاڙهين، ڪمن ڪارين سبب هڪ ڪهاڻيڪار وٽ ڪڏهن موضوعن جي ڀرمار ۽ خيالن جي وسعت هوندي آهي ته ڪڏهن ڪو به خيال يا موضوع سندس ذهن ۾ اچڻ لاءِ تيار ناهي هوندو. هنن ٽن ڪهاڻين ۾ ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪتاب جو ليکڪ پاڻ کي چِٽي رهيو آهي يا وري ائين چئجي ته سڀني ڪهاڻيڪارن جي نمائندگي ڪندي عڪاسي ڪري رهيو آهي. پر اهي ٽيئي ڪهاڻيون مختلف رخن کان هڪ تخليقار جون ئي ڪهاڻيون آهن.

۱۸_ ڪهاڻي “وائلن جي ٽٽل تار جهڙي ڇوڪري” سماج جي هڪ اهم برائي نياڻين جي جنسي استحصال جي عڪاسي ڪري ٿي. اسپتالن ۾ موجود ڊاڪٽرن هٿان نرسن ۽ ڊاڪٽرياڻين جو جنسي استحصال. . . ڇوڪرين جو لڄ لٽائي مايوسين جي ور چڙهي وڃڻ، سچي محبت ۽ ساٿ جي ڳولا ۾ جسم جي گرميءَ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ مختلف مردن کان وقتي محبت ۽ سڪون ماڻڻ جي سماجي حقيقتن تي لکيل هڪ دلير موضوع واري ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ ۾ فقط مسئلن کي بيان ڪيو ويو آهي ۽ ڪٿي به اگهاڙپ بيان ڪيل ناهي.

۱۹_ آخري ڪهاڻي “بارش کان بارش تائين” جيڪا ڪتاب جو عنوان رکندڙ پڻ آهي، جو موضوع پيار جو ٽڪنڊو آهي. هڪ نوجوان پاران خالي دل ۽ خالي جيون کي سهارو ڏيڻ لاءِ ڇڏي ويل محبوبا جي جاءِ تي ٻي محبوبا کي وٺي اچڻ ۽ گهر جي اڱڻ ۾ سندس موٽي آيل محبوبا کي ڏسي محبت جي ٻه واٽي تي ڦاٿل شخص جي ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي جو انت پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي ته اهي پاڻ نتيجو ڪڍن. جديد مختصر ڪهاڻي ۽ ناول جي پڇاڙيءَ کي اڌ ۾ ڇڏڻ يا منجهائي رکڻ هڪ قسم جو ٽرينڊ بڻيل آهي. ان مان ليکڪ مقصد ڪڍڻ جو بار پڙهندڙن تي ڇڏي کين سوچڻ ۾ ڦاٿل رکي ٿو. اصل ڳالھ آهي به پڙهندڙ جي ذهن کي ڌڪ هڻڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪرڻ جي، جنهن لاءِ هن قسم جا مختلف طريقا استعمال ٿيندا رهندا آهن.

مجيب اوٺي جي هن پهرين ڪهاڻين جي ڇڳي ۾ ڪهاڻي جي بيان جو انداز نرالو ۽ نئون آهن. ان ۾ ڪنهن به قسم جي نقل يا اثر جو عنصر نه ٿو ملي. سندس بيان ۾ رواني به آهي ته حسناڪيت به. ڪهاڻين جو انت ڇرڪائيندڙ هجڻ ڪري سندس بيان جو انداز کوڙ اثردار بڻيل آهي. ڪهاڻين ۾ استعمال ڪيل لفظ ۽ جملن جي جوڙجڪ ۾ رواني آهي ۽ ڪٿي به جملا اجايو ڇڪيل تاڻيل محسوس نه ٿا ٿين. ان لاءِ چئي سگهجي ٿو ته، مجيب پنهنجو الڳ ۽ نرالو دڳ جوڙيو آهي.

ڪهاڻين ۾ اردو لفظن جو ڪجهه استعمال نظر اچي ٿو.

ڪهاڻيون مختصر آهن انڪري مجيب کي ڪردارن جي اوسر يا پلاٽ جي اڻت جي تڪليف گهٽ ئي ڪرڻي پئي آهي. سڄو مقصد ڪردارن ۽ ڪهاڻين وسيلي پيغام ڏيڻ، زندگيءَ جي مختلف رخن جي عڪاسي ڪرڻ ۽ پڙهندڙن کي سندس ٺاهيل ڄار ۾ ڦاسائي رکڻ جو آهي، جنهن ۾ مجيب گهڻي ڀاڱي ڪامياب ئي ويو آهي. ڪهاڻيون صبر ۽ ٿڌائپ، غور ۽ فڪر گهرن ٿيون. ڪهاڻين وسيلي زندگيءَ ۽ موت جو، زمان ۽ مڪان جو، فنا ۽ بقا جو ڪهڙو فلسفو اڻيل آهي ان کي به سمجهڻ جي ضرورت آهي. ڪهاڻين جا سڀ موضوع هڪ پاسي پر پيار هڪ اهڙو عنصر آهي جيڪو هر ڪهاڻيءَ ۾ سگهارو جزو بڻجي ڇمڪندو رهي ٿو. پيار جي راز کي سمجهڻ لاء به ڪهاڻيون وڏو ڌيان گهرن ٿيون.

ڪهاڻين جو هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ جديد موضوعن سان ڀريل هڪ سگهارو ڳٽڪو آهي. هي ڳٽڪو سنڌي ڪهاڻيءَ کي نوان موڙ ڏيڻ جي به خوب صلاحيت رکي ٿو. ڪهاڻين ۾ تخيل ۽ حسناڪيت جي خوشبوءِ مهڪيل آهي. سهڻا جملا ۽ حقيقت ڀريا قول به کوڙ اثر رکندڙ آهن.

مجيب اوٺو پنهنجا الڳ پڙهندڙ ٺاهيندو ۽ هڪ ڀيرو سمجهه ۾ اچي وڃڻ کان پوءِ سندس پڙهندڙن جو تعداد به تيزيءَ سان وڌندو. هي ڪهاڻيون نون ليکڪن لاءِ به هڪ مثالي دڳ بڻجي سگهن ٿيون.

 

(ادبي رسالي “ماهوار ريکائون” ۾ ڇپيل)


No comments:

Post a Comment