Sunday, January 26, 2020

سچي گيھ جي پرک - دريا خان شنباڻي


سچي گيھ جي پرک
طنز و مزاح
دريا خان شنباڻي
Image result for pull stop cock of train
ڪرملي ڪاروبار جي لحاظ سان ڪڏھن ڪڏھن صفا دل هارائي ويهندو آھي. پر سندس زال، هر وقت، هن جا حوصلا بلند ڪندي رهندي آھي. هن ڀيري به سندس زال جي صلاح سان اها ڳالهه طئي ٿي ته؛ ڪرملي ڳوٺان اصل گيهه شھر کڻي وڃي روزگار ڪندو. سو ڪرملي جي زال ويچاري، اوڙي پاڙي مان ڏھ ڪلو کن گيهه وٺي آڻي ڏنس. ڪرملي ريل ذريعي خيرپور مان ڪراچي لاءِ روانو ٿيو.
ڪرملي کي ريل ۾ ئي گراهڪ لڳڻ شروع ٿي ويا. ماڻھن جڏھن کانئس پڇيو ته هن دٻي ۾ ڇا آھي ته ماڻھن کي چيائين هي اصلي گيهه آھي.


اتي ويٺل مسافرن چيو ته؛ ”اسان ڪيئن يقين ڪريون ته هي اصلي گيهه آھي؟”
گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ به هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي رهي هئي. سو هڪ همراهه کيس چيو ته؛ ”اصل ۽ نقل جي پرک ڪرڻ لاءِ بس هڪڙو ئي زبردست طريقو آھي.”
هن جي ڳالهه تي سڀئي ماڻهو حيران ٿي ويا پر ان همراهه چيو؛ “اهڙي ڪا وڏي ڳالهه ناهي. بس پاڻ کي هڪڙو ننڍڙو ڪم ڪرڻو پوندو”.
ڪرملي کي ته پڪ هئي ته گيهه اصل آھي، سو چيائين؛ “ضرور ضرور!”
ان همراھ، ڪرملي کان گيهه جو دٻو ورتو ۽ ريل جي زنجير ۾ ٽنگيندي چيائين؛ “جيڪڏھن گيهه اصلي هوندو ته هي ريل بيهجي ويندي”.
ڪجهه ئي لمحا گذريا جو ريل بيهجي وئي ۽ ڪرملي ڏاڍو خوش ٿيو. هو اڃا ان خوشفھميءَ ۾ هو جو اٺ ڏھ پوليس وارا ان بوگيءَ ۾ داخل ٿيا ۽ اچي ڪرملي جي سيٽ جي ڀرسان بيهندي پڇيائون ته؛ “ڪس ني ريل ڪي زنجير کينچي هي؟” ٻيا سڀ ماڻھو خاموش ويٺا رهيا ته ڪرملي چيو ته؛ ”صاحب وڏا! ريل جي زنجير کي ڪنهن به ڇڪيو ٻڪيو ناهي، هي ته منهنجي طاقتور گيهه جو ڪمال آھي جو ريل ئي بيهجي وئي”.
پوليس وارا سمجهي ويا، سو چيائون “اڀي چل هماري ساٿ، هم تمهين اپنا جمال دکاتي هين”.
پوليس وارن اهو گيهه جو دٻو به کنيو ۽ ڪرملي کي به کڻي وڃي ريلوي واري ٿاڻي ۾ هنيائون.
ريلوي پوليس وارا حصا پتي ڪري ڪرملي جو گيهه به پنهنجي پنهنجي گهر کڻي ويا ۽ ڪرملي ستن ڏينهن کان پوءِ ٿاڻي مان نڪري پنڌ ئي پنڌ خالي ٻانهون لوڏيندو ڳوٺ اچي پهتو.

No comments:

Post a Comment