Thursday, January 16, 2020

ڊاڪٽر ۽ گُلو ڊکڻ - آصف ڪلهوڙو


ڊاڪٽر ۽ گُلو ڊکڻ
آصف ڪلهوڙو
ڳالهه ڪبي، گُلو ڊکڻ پورو نالو جيڪو به شايد اڌورو آهي معنٰي ”گُلڻ“، هڪ بهترين ”ڊکڻ“. عمر جو ڳچ ۽ ڳپل (بلڪ ساري ڄمار) ڊکاڻڪو ڪم ڪندو رهيو آهي.
اوڙو پاڙي وارن جي ڀڳل هر تاڪ کي جوڙيندڙ هي شخص، هڪ ڏينهن بيمار ٿي پيو.
پاڙي واري ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي وڃي رسيو.
ڊاڪٽر پنهنجي رسمي تپاس کانپوءِ دوا لکي ڏنس ۽ چيائينس؛ ”گُلو! ڏيڍ سؤ روپيا فيس جا ڪمپائونڊر کي ڏنيو وڃجانءِ!!!“


گُلو اهي لفظ ٻُڌي باھ ٿي ويو. چي؛ ”ڏي حوال؟؟؟ هيل تائين گهڻن ٽٽل ڪُنڊن، کٽن ۽ ٻانهيون نڪتل ڪرسين، درن ۽ بئنچن جا ڏوڪڙ ڏنا اٿئي جو اڄ هي وري پنجن منٽن جا ڏيڍ سؤ گهريا اٿئي؟!“
ڊاڪٽر کي گهوريندي وڌيڪ چيائينس؛ ”مون کي ته سدائين چانهن تي ٽرکائي ڇڏيندو آهين ۽ پاڻ پنهنجن پنجن منٽن جي تپاس جا به ڏوڪڙ ٿو گُهرين! ڇا تو ڪڏهن مُنهنجي پورهئي جو قدر ڪيو آهي!!! هليو آهين گُلوءَ سان حساب ڪرڻ! ٻُڏي مرڻ جو مقام آهي!!!“

(آصف ڪلھوڙو جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment