Tuesday, January 21, 2020

سس ۽ چڱائي - منظور ڪوھيار


سس ۽ چڱائي
مختصر ڪھاڻي
منظور ڪوھيار
Image may contain: indoor
صبوح صبوح سان گُلي ڇيڻا پئي ٿڦيا. ڇيڻا ٿڦيندي سهروبه ڳائي رهي هئي؛ ”ڇيڻا ٿڦيندي مون کي هڏڪي لڳي آ.......هڏڪي لڳي آ، مونکي هڏڪي لڳي آ...“
ٽوڪري کڻي، مٿان اچي لالي بيٺس؛ ”اڙي گلي! ٻين کي چانور چونڊيندي هڏڪي لڳي، تو کي وري ڇيڻا ٿڦيندي؟“
”اڙي لالي، اها باھ لڳي سس آ نه، صبوح مردان سان جھيڙو ڪيو ٿئين. ان ڪري ڪمائڻ لاءِ پرديس ويل وَرَ کي ڇيڻا ٿڦيندي پئي ياد ڪيم.“ گليءَ، آخري ڇيڻو گھر جي ٻاهرين ڀت تي ٿڦيندي، سس جي گلا ڪندي وراڻيو.


”سڀئي آڱريون برابر ناهن، ائين نه چوندي ڪر!“ لاليءَ زور سان کيس تنبيھ ڪندي چيو.
”ها ادي! تنهنجي سس جو نالو چڱي، وري سڱ ۾ ماسي به ٿيئي، ته پوءِ ائين ڇو نه چوندينءَ!“، گليءَ ٿڌو ساھ ڀريندي وراڻيو.
”چڱو، پهريان ڇيڻن جي ٽوڪري اڌاري ڏي ته پوءِ سمجھايانءِ ٿي.“
”ڀِتِ تان لاھ!“
لالي هڪ هڪ ڪري، سڪل ڇيڻا ڀت تان لاهي ٽوڪري ۾ وڌا. پوءِ گلي کي چيائين؛ ”ڪن هيڏي ڪر ته سمجھايانءِ!“
”ها ٻڌاءِ!؟“ گليءَ پنهنجي پوتي هٽائيندي، ڪن ڀرسان ڪندي چيس.
لالي سڙٻاٽن ۾سمجھائيندي چيس؛ ”جي سس، سڱ ۾ ماسي هجي ۽ نانءُ به چڱي هجيس ته به ياد رکي ڇڏ، ان مان چڱائي نه ٿيندي!“

No comments:

Post a Comment