انفيرئرٽي ڪامپليڪس
زوجياتي ادب
طارق قريشي
پوليس انسپيڪٽر: “ڪريڊٽ
ڪارڊ چوري ٿئي ڏيڍ مهينو ٿي ويو ۽ اوهان رپورٽ هاڻي لکرائڻ آيا آهيو؟”

پوليس انسپيڪٽر:
“پوءِ هاڻي ڇا لاءِ رپورٽ ٿا داخل ڪرائڻ چاهيو؟ ڇا توهان جي دل هاڻي اهو ڪو نه ٿي ٻولي،
ته توهان جو ڪريڊٽ ڪارڊ، ھڪ چور وٽ وڌيڪ محفوظ آهي؟ هاڻي توهان جي دل اهو مڃڻ کان ڇو
ٿي انڪار ڪري ته اهو چور جيڪو به آهي، بھرحال هڪ ڪفايت شعار چور آهي ۽ هڪ دردمند
دل جو مالڪ آهي، هن جي اندر ۾ شرافت موجود آهي. توهان جو ڪريڊٽ ڪارڊ چور وٽ آهي ته
معنيٰ توهان جي زال جي شر کان محفوظ آهي.”
ميان بدرالدين:
“مون وٽ جيڪي ٽيون ڏينهن کان ايس ايم ايس الرٽ آيا آهن، انهن جي مطابق ڪريڊٽ ڪارڊ
مان گذريل ٽن ڏينهن ۾ روزانو ٽيهن، ٽيهن هزارن جي شاپنگ ڪئي وئي آهي.”
پوليس انسپيڪٽر:
“معنيٰ ته هاڻي اهو چور، نه ئي ڪفايت شعار رهيو آهي ۽ نه ئي دردمند دل جو مالڪ
رهيو آهي ۽ نه ئي وري هن جي اندر ۾ شرافت موجود رهي آهي.. ايئن نه؟”
ميان بدرالدين: “نه
نه، منهنجو چور بابت اڃا به اهو ئي رايو آهي ته هو هڪ ڪفايت شعار چور آهي ۽ هڪ
دردمند دل جو مالڪ آهي، هن جي اندر ۾ شرافت موجود آهي.. ها البته، ڀانئيان ٿو ته
منهنجو ڪريڊٽ ڪارڊ، هاڻي چور وٽ ڪونهي بلڪ هن جي زال جي هٿ چڙهي ويو آهي.”
No comments:
Post a Comment