Saturday, January 4, 2020

شٽل ڪاڪ - طارق قريشي


شٽل ڪاڪ
زوجياتي ادب
طارق قريشي
سال کن ٿيندو جو ميان بدرالدين زال جا ظلم سهي سهي ايڏو ته مجبور ٿي ويو جو گھران ڪاوڙجي نڪري هليو ويو، پر ويندي ويندي اهو به چئي ويو ته هاڻي هو وري ڪڏهن به گھر واپس ڪونه ايندو. قمرالنساءِ به موٽ ۾ چيو هئس: “تون واپس ايندين ۽ اهڙو واپس ايندين جو زندگي ڀر واپس ئي واپس پيو ٿيندين، ڏسجانءِ!”


ميان بدرالدين، موبائيل فون به گھر ۾ ڦٽي ڪري ويو. پئسا هن وٽ ايترا هئا جو آرام سان سال ڏيڍ ڪٿي به وڃي اڪيلو رهي سگھيو پئي. ملنگ ماڻهو ته هو، سو دل ۾ چيائين ته ٻه، ٽي ڏينهن ته شاهه يقيق سرڪار جي درگاهه تي وڃي ٿو رهان، پوءِ جي پلاننگ پوءِ ڪندس. سو پهرين پهتو چوهڙ جمالي، اتان پڪوڙا کائي، ٻه ٽي پان ٻڌرائي هليو ويو سڌو شاهه يقيق سرڪار جي درگاهه تي.
اهو اتفاق هو يا حادثو، جو مشهور ڪهاڻيڪار ضراب حيدر، هن جي دوستن منجھان هو، اهو پنهنجي رولاڪ روح جي جبر هيٺ اوليائن جي زيارت تي ان درگاهه تي آيل هو، ميان بدرالدين کي ڏٺائين ته خوش ٿي ويو. چيائين:
قيس جنگل ۾ اڪيلا هي، مجھي جاني دو،
خوب گذري گي، جب مل بيٺين گي ديواني دو.
هفتو کن گڏجي ٻنهي خوب رهاڻيون ڪيون، ٻنهي ڄڻن زيارتون ڪيون، اولياءَ جون گھٽ، اتي ايندڙ زائرين ۾ موجود خوبصورت خواتين جون وڌيڪ!
هوڏانهن ميان بدرالدين جي زال قمرالنساءِ بيگم، فيس بوڪ تي تلاش گمشده جو اشتهار ٺاهي، ميان بدرالدين جي فوٽوءَ سميت پوسٽ ڪري ڇڏيو. اشتهار ۾ انعام جو اعلان به ڪيل هو ته ميان بدرالدين کي جيڪو گھر پهچائيندو ان کي پنجاھ هزار روڪ ڏنا ويندا.
ضراب حيدر تازو ئي قسطن تي اينڊرائيڊ فون خريد ڪيو هو، پئڪيج ۾ فيس بوڪ جا مزا به ماڻيندو هو، ان جڏهن اها پوسٽ ڏٺي ته دل ۾ پڪو پهه ڪيائين ته هو مفت ۾ نيڪي ڪندو ۽ نيڪي ڪري درياهه ۾ وجھندو. يعني هو ميان بدرالدين کي گھر به پهچائيندو ۽ انعام جي رقم به ڪو نه وٺندو. (هن جي اها خدا ترسي ۽ سخاوت، هن امير شهزادي جي غريب ٿيڻ جو مک ڪارڻ آهي).
بهرحال، ان قصي ۾ نه ٿا پئون ته ضراب حيدر، ميان بدرالدين سان ڪيترا ۽ ڪيڏا مذاڪرا، مناظرا، مباحثا ۽ مجاهدا ڪيا، ۽ الائي ته ڪهڙا ۽ ڪيترا دليل ۽ حوالا ڏنا ... بهرالحال، وڏا جتن، جهد ۽ هلاکيون ڪري ڪنهن نه ڪنهن ريت ميان بدرالدين کي گھر موٽائي وٺي آيو.
پر هوڏانهن ته تير ڪمان مان، ڪمان سوڌو نڪري چڪو هو. ميان بدرالدين جي زوجه محترمه قمرالنساءِ بيگم جي فيس بوڪ تي اپ لوڊ ڪيل پوسٽ، لائيڪ ته ليکي کان ٻاهر ڪئي وئي، پر شيئر ته ايتري ٿي جو رڪارڊ ئي ٽٽي ويا. ضراب حيدر وڏا خرچ ڪيا هئا، کارائڻ پيارڻ، انگل کڻڻ، فرمائشون پوريون ڪرڻ کان ويندي ڀاڙا، ڪرايا ڪري، ميان بدرالدين کي موٽائي گھر وٺي آيو هو. انعام جي رقم به ڪو نه ورتائين. پر دنيا جا باقي ماڻهو ته ضراب حيدر وانگر لاطمع ۽ بي لوث ته ناهن هوندا نه.
ٽائيم اليپس جو افيڪٽ ھڻڻ کان پوءِ ....
هاڻي ته اها حالت آهي جو ميان بدرالدين گھران نڪري ٿو ته ڪو نه ڪو خدا جو بندو اچي کيس پڪڙي واپس گھر وٺي ٿو اچي. جيڪڏهن سودو سلف وٺڻ لاءِ رڳو مارڪيٽ تائين به وڃي ٿو ته ٻيو ته ٺهيو پر ڪو ريڙهي وارو، چنگچيءَ وارو، ڀاڄي کپائڻ وارو، ڪو دڪاندار هن کي پڪڙي قابو ڪري ٿو، (اڪثر حالتن ۾ ته رسيءَ سان ٻڌي سوگھو ڪري ٿو) ۽ انعام جي رقم ماڻڻ لاءِ گھر پهچائي ٿو وڃي.

No comments:

Post a Comment