Saturday, January 4, 2020

سُڪل ٻوٿ ۽ سڻڀي ڪريم


سُڪل ٻوٿ ۽ سڻڀي ڪريم
سال ۲۰۱۹ع جي آخري مزاحيه ڪھاڻي، جيڪا هرگز نه پڙهجو!
جبار آزاد منگي
سياري جي مند ڇا آئي! مون واري ٻوٿاڙي جو نقشو ئي مٽجي ويو. آئيني ۾ جو ڏسان ته عزتِ ماب محترم ٻوٿ، سُڪل پاٺي جهڙو لڳو پيو آهي. هاڻي ڳالھ سمجھ ۾ آئي ته منهنجي ٻارن جي ماءُ مون کي ڇو ڪو نه سڃاتو!؟
محسوس ڪيم ته هن بي سُري ٻوٿ کي، سڻڀي ڪريم جي ضرورت آهي. سو پنهنجي دلي دوست ۽ جنرل اسٽور جي مالڪ، شڪور ڀائيءَ جي دڪان تي بنا ڪنهن دير پهچي، سڻڀي ڪريم جي تقاضا ڪئي. شڪور ڀائي مارڪيٽ ۾ نئين آيل لوشن جي تعريف ڪندي، اهو خريد ڪرڻ جي صلاح ڏني.


يار شڪور ڀائي! منهنجي بي سُري ٻوٿ لاءِ سڻڀي ڪريم ئي ڀلي آهي مون وارو هي ٻوٿ ۽ لوشن پاڻ ۾ ٺهن ڪو نه!“
يار! ڇڏ مذاق کي، شهر جو سينئر، بيباڪ ۽ بهادر صحافيءَ سان گڏ چونڊيل ڪائونسلر به آهين! سو تنهنجو ٻوٿ بي سُرو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“
شڪور ڀائي! اڄ ڪلھ انهي ٻنهي شعبن ۾ مون جهڙا بي سُرا ئي گهڙي آيا آهن، جن جي نظر ئي پرائي مال تي آهي.“
ها! اها ڳالھ ته سج وانگر سچ آهي. خير ڇڏ ان قصي کي، وٺ بي سُري هجڻ واري قصي کي؟“ شڪور ڀائي اُتاولو ٿيندي چيو.
شڪور ڀائي! قسم ساک سان چوان ٿو ته، جڏهن به ڳائڻ تي دل چوندي آهي ته ڪمري جون دريون ۽ در بند ڪري “آآآآ” ڪندو آهيان ته پاڙي جا ننڍا، وڏا، پوڙها ۽ پڪا ڪتا به منهنجي گهر جي در اڳيان بيهي مون سان سُرُ ملائڻ جي ناڪام ڪوشس ڪندا آهن، پر اهي مون سان پُڄي ناهن سگهندا.“
مون پنهنجي بي سُري ٻوٿ کي کولڻ جو ارادو ئي مس ڪيو ته، ڪنن تي “ڀؤن ڀؤن” جو آواز پيو، ڏسان ته هڪ ڪراڙو ڪتو، شڪور ڀائيءَ جي دخل اڳيان بيٺو ڀونڪي ٿو! شڪور ڀائيءَ، ڪتي کي هڪلڻ جي ڪوشس ڪئي پر ڪتو نه هيڏي نه هوڏي ٿئي! مون سمجهي ورتو ته ڪتو ڪهڙي شيءِ وٺڻ آيو آهي.
شڪور ڀائي! هي ڪتو وار ڪارا ڪرڻ واري ڪريم گهري ٿو. منهنجي ائين چوڻ سان ڪتي ڪنڌ سان هاڪار ڪئي. مون ڏٺو ته ڪتي پنهنجو هيٺيون چَپُ ڦڏو ڪري، مون کي پنهنجا ڏند ڏيکاريا ۽ مون کي شابس ڏني ته شهر ۾ اڪيلو تون ئي آهين، جيڪو ڪتن جي ٻولي سمجهي ٿو!
پر! ڪتو ۽ ڪلر!؟ ڪهڙا وار اٿس جو رنگ ڪندو؟ شڪور ڀائي جو ايترو چوڻ ۽ ڪتي جو وري ڀونڪڻ.
او شڪور ڀائي! هي ڪتو چوي ٿو ته وزيرِ صحت جي ڏنل بيان “ٻار، ڪتن کي ڀتر نه هڻن ۽ ڇيڙ ڇاڙ نه ڪن ته ڪتا ڇو کائن!” اهڙي سونهري بيان کانپوءِ اسان جي دل وڏي ٿي ويئي آهي ۽ اسين ڪتا، ان بيان ۾ پنهنجو تحفط سمجهون ٿا. سو هن عمر ۾ ڪجھ لئي لست ڪرڻ لاءِ پنهنجين هلڪين مُڇن کي ڪارو رنگ ڪرڻو آهي.“
شڪور ڀائي مون کي اهڙيءَ طرح ڏٺو، ڄڻ مان گهڻو وقت انسانن بجاءِ ڪتن سان گذاريندو هجان! هُن پنهنجي ملازم کي ڪتو تڙڻ لاءِ چيو.
شڪور ڀائي! ڪتي کي متان ڇيڙيو اٿئي! ڀتر به نه هڻجانس، کائڻ ۾ دير نه ڪندءِ! اجايو ڏچي ۾ اچي ويندين! اڳ ئي اسپتالن ۾ ڪتي جي بچاءَ واري ويڪسين اڻلڀ اٿئي. صبر ڪر، مان ڪتي کي سمجهايان ٿو.“
اي پشت به پشت ڪتن جا ڪتا! ڪتن جي مڇن رنگڻ واري ڪريم ڪارخاني ۾ تيار ٿي رهي آهي، ڪجھ ڏينهن بعد مارڪيٽ ۾ اچي ويندي. پوءِ وٺي وڃجان.“ مون ڪتي جي اکين سان اکيون ملائيندي، ڪتي کي چيو. موٽ ۾ ڪتي پنهنجا سڀ ڏند ڏيکاري، منهنجو ٿورو مڃيو ۽ پڇ لوڏيندو اڳتي نڪري ويو.
”ڪتن جي ٻولي ڪڏهن کان سمجهڻ لڳو آهين!؟“ شڪور ڀائي وڏي حيرت وچان مون کان پڇيو.
شڪور ڀائي! ڪائونسلر چونڊجي اچڻ کانپوءِ ٿيل پهرين اجلاس بعد، ڪتن جي ٻولي سمجھڻ ۾ اچي وئي! باقي تو کي اها به اڳ ئي خبر آهي ته ڪائونسلر ٿيڻ کان اول ڀونڪڻ به ايندو هيو ۽ ڪتي وانگر پڇ لوڏي .... منهنجو مطلب ڪنڌ لوڏي پير چٽڻ وارو فن به سکيل آهيان.“
يار! اڄ ڪهڙا ٿو بيٺو انڪشاف ڪرين؟ شڪور ڀائي صفا وائڙو ٿي ويو.
”ڏس شڪور ڀائي! مان سينئر، بيباڪ ۽ بهادر صحافي آهيان. سچ اهو آهي به مختلف هنڌن ۽ ماڻهن کان منٿلي وٺڻ منهنجي مجبوري آهي! جنهن کي جاهل ماڻهو ڀتا خوري چون ٿا، شڪور ڀائي تون ئي ٻڌاءِ پگهار به نه هجي! ٻيو ڪو ڌنڌو ڌاڙي به مون معتبر لاءِ عيب هجي! سو ٻچا ته پالڻا آهن نه!؟“
ها اهو ته برابر آهي. پر ضمير به ڪنهن شيءِ جو نالو آهي، سو ان جو ڀرم رکڻ ته هر انسان تي واجب آهي.“
شڪور ڀائي! صفا سادو آهين، ضمير سان دوستي هوندي ته اسان جو خمير ئي نڪري ويندو! هونءَ به جيڪي منشيات ٿا هلائين، سي وري ڪهڙو خير جو ڪم ڪن ٿا. تن کان منٿلي وٺڻ، جوا جي ٽِڪرين تان دش ڪُش يا نال اوڳاڙڻ ۽ عوام جي بجٽ کي ڳڙڪائي پنهنجا اڪائونٽ ڀرڻ وارن کان خرچي وٺڻ ڏوھ ٿورئي آهي.“
اهو ته ٺيڪ آهي پر هو جيڪا ڳالھ پيو ڪرين ڪنڌ لوڏڻ ۽ پير....................“
مون شڪور ڀائيءَ جو جملو ڪٽيندي ڳالھ شروع ڪئي؛ ”شڪور ڀائي جن آفيسرن، چيئرمنن ۽ ادارن کان خرچي پاڻي ملندي آهي ته خوش ٿي، ڪتي وانگر انهن جا پير چٽڻ جي اداڪاري ڪندو آهيان. ڪتي وانگر کڻي پڇ ڪونهي پر ان وقت منهنجو ڪنڌ ڪتي جي پڇ وانگيان لڏندو آهي.“
”۽ ڀونڪڻ ڪنهن وقت هوندو اٿئي؟ شڪور ڀائي لوشن، مزدور کي رکڻ لاءِ ڏيندي مون کان پڇيو.
صاف ڳالھ آهي! جيڪو مال پاڻي نه ڏيندو، ڀونڪڻ انهن تي لازم ۽ واجب ٿي ويندو آهي! جيڪو مون کي سينئر، بهادر ۽ سچو ناهي سمجهندو، هڪ ان تي ۽ ٻيو ان تي به اجايو ڀونڪندو آهيان، جيڪو مون تي ڀتاخور هجڻ جا اجايا الزام هڻندو آهي ۽ ها! شريف ۽ عزتدار سان ته منهنجي لڳندي ئي ناهي.“
”ڏي خبر! اڄ ڪو نشو ٻشو ڪيو اٿئي ڇا؟ يا ڪنهن جهرڪيءَ ڀونڊو ڏنو اٿئي؟
شڪور ڀائي! جهرڪيءَ ته ڀونڊو ناهي ڏنو، پر تو واري ڀاڄائيءَ اڄ جهرڪيءَ وارو ڪم ڪيو آهي.“
سو ڪيئن!؟“
شڪور ڀائي! اڄ صبح جيئن ئي واڪ ڪري گهر موٽيم، ٿڌ سبب مون وارو هي بي سُرو ٻوٿ، سُڪي پاٺي جهڙو ٿي ويو. سو گهر ۾ جيئن ئي گهڙيم ته منهنجي ٻارن جي ماءُ نه ڪئي هم نه ڪئي تم! ڀونڊو ڏيندي چيائين ته؛ ’مئا ڪير آهين!؟ اهو سڪل پادر جهڙو منهن کڻي پرائي گهر ڇو ٿو اچين؟‘“
چئبو، اڄ صبح سان ئي ٺاهوڪي نيرن نصيب ٿي اٿئي؟ شڪور ڀائي کلندي چيو.
ها شڪور ڀائي ائين ئي سمجھ ! پر مون به هڪل ڪري تو واري ڀاڄائيءَ کي چيو ته ٻچن جي ماءُ! مان تنهنجي ووٽ تي چونڊيل تنهنجو، پنهنجو سڪيلڌو ڪائونسلر آهيان.“
ڏٺم ته شڪور ڀائي اڃا کلي رهيو هو ۽ جنرل اسٽور تي بيٺل ٻيا ملازم به هلڪا هلڪا ٽهڪ ڏيئي رهيا هئا.
هاڻي ڇڏ کلڻ کي شڪور ڀائي! سڻڀي ڪريم ڏي ته منهن تي مليان. متان وري ڪو ٻيو وزير اعلان نه ڪري وجهي ته؛ ’جنهن جا منهن ڀلا ناهن يا سياري ۾ سُڪڙجي ويندا آهن، اهي گهر ۾ آهن ته گهر کان ٻاهر نه نڪرن، متان ڪتا نه کائي وجهنس.‘“
”ڀلا جيڪي سڪل ٻوٿ وارا تو وانگيان گهر کان ٻاهر آهن، انهن لاءِ ڪهڙي قسم جو حڪم اچڻ جا امڪان روشن نظر اچن ٿا؟“ شڪور ڀائي پنهنجي پريشاني جو اظهار ڪندي پڇي ورتو.
تن لاءِ هي حڪم اچي سگهي ٿو ته؛ ’جن جا ٻوٿ سڪل پاٺي جهڙا يا ڀلا ناهن ۽ اهي گهرن کان ٻاهر آهن، سي گهر نٿا وڃي سگهن! ڇو ته اسان جي اسپيشل ٽيم، خصي ڪرڻ لاءِ جلد نڪري رهي آهي ۽ خصي واري پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ بيچين آهي.‘“
اڙي ڇورا! پاڻ واري هن يار کي جلدي سڻڀي ڪريم ڏي، ڪٿي ائين نه ٿئي! جو اسان جو هي سينئر، بيباڪ ۽ بهادر ڀتا خور دوست خصوصي ٽيم جي هٿ نه لڳي وڃي! پوءِ نه رهندس بانس، نه وڄندس بانسري.“ شڪور ڀائي مون تي رحم ڀري نظر وجهي هڪ ملازم کي چيو.
شڪور ڀائي! مان ڀتا خور بلڪل ناهيان اهو الزام تون ته مونتي نه هڻ!“
اڙي يار مائينڊ نه ڪر! مون مذاق ۾ چيو.“ شڪور ڀائي منهنجي اعتراض تي صفائي پيش ڪئي.
شڪور ڀائي! تو جهڙن دوستن جي مذاق اکين تي!“
۽ مان سڻڀي ڪريم وٺي پنهنجي بانس کي بچائڻ لاءِ تڪڙو تڪڙو گهر هليو آيس، ان آسري تي ته سڪل ٻوٿ سڻڀي ڪريم سان سڻڀو هوندو ته منجهند واري ماني به ملندي ۽ ٻچن جي ماءُ به سڃاڻيندي!

(نصيرآباد ۱۹ نومبر ۲۰۱۹ع)
(جبار آزاد منگي جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment