Thursday, January 23, 2020

مس-ڪلڪيوليشن


مس-ڪلڪيوليشن
فلئش فڪشن
حڪيم؛ “ڇا ٿيو اٿئي؟”
مريض؛ “پيٽ ۾ سور ۽ برٿي آهي۔”
حڪيم سمجھي ويو ته قبضي اٿس۔
حڪيم؛ “گھر ڪيترو پري اٿئي؟”
مريض؛ “ٻه ڪلوميٽر”
حڪيم ڪلڪوليٽر تي ڪجهه حساب ڪيو ۽ هڪ شيشي مان ڪجهه دوا پيالي ۾ وڌائين.
پوءِ پڇيائينس؛ “سواري اٿئي يا پنڌ آيو آهين؟”
مريض؛ ”پنڌ!“


حڪيم وري ڪلڪوليٽر تي حساب ڪيو ۽ پيالي مان ٿوري دوا ڪڍيائين.
حڪيم؛ ”گھر ڪهڙي ماڙ تي اٿئي؟”
مريض؛ ”ٽه-ماڙ تي.“
حڪيم ٻيهر ڪلڪيوليٽر تي حساب ڪري اڌ چمچو دوا جو پيالي مان ڪڍيو.
حڪيم؛ “بلڊنگ ۾ لفٽ آهي يا ڏاڪڻ؟”
مريض؛ ”سائين ڏاڪڻ آهي!“
حڪيم، هڪ دفعو وري حساب ڪيو ۽ پيالي مان ٿورڙي دوا ڪڍي ورتي.
حڪيم؛ “دروازي کان ڪاڪوس گهڻو پري اٿئي؟”
مريض؛ ”رڳو ٻارنهن فوٽ!“
حڪيم آخري دفعو حساب ڪري ڪنڌ لوڏيو ۽ وري به اڌ چمچو دوا پيالي مان ڪڍي مريض کي چيو؛ “اڳ ۾ دوا ۽ منهنجي في جا ۱۲۰ روپيا ڏي، پوءِ هي دوا پيءُ ۽ سڌو گهر وڃ. رستي ۾ ڪٿي به نه بيهجانءِ! انشاءَ الله مسئلو حل ٿي ويندو. تڪليف ٿيئي ته فون تي رابطو ڪجانءِ۔”
مريض به ايئن ئي ڪيو. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ حڪيم کي فون ڪيائين؛ ”دوا ڏاڍي ڀلي هئي. پر توهان پنهنجو ڪلڪيوليٽر مٽايو. مان ڏهن فوٽن تان هارائي ويس..“

(استاد خالد جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment