Sunday, January 12, 2020

سيلف انجري - ميان گل محمد ڪلھوڙو


سيلف انجري
ڪھاڻي
ميان گل محمد ڪلھوڙو
”ھم ڪراچي ايئرپورٽ پر ٽيڪ آف ڪر چڪي هين، اس وقت پاڪستان ۾ دس بج ڪر ڇياليس منٽ هوئي هين، اور ڪراچي ڪا درجه حرارت اٺاره سينٽي گريڊ هي.” جهاز ۾ انائونسمينٽ ختم ٿي.


“آپ ڪراچي ڪي بعد ڪهان جائين گي؟ ميرا مطلب هي آپ ڪراچي مين ھي رھتي ھين يا ملڪ ڪي ڪسي اور علائقي مين؟” پوڻن ٻن ڪلاڪن ۾ ڪيترا ئي ڀيرا ڳالهائڻ يا نه ڳالهائڻ بابت سوچيندي سوچيندي، نيٺ وحيد، سامهون واري سيٽ تي ويٺل بيحد خوبرو ۽ پراعتماد نظر ايندڙ ڇوڪريءَ سان ڳالهايو.
ان ڇوڪريءَ سفر دوران پهرين ته آءِ فون تي ڪجهه پڙهيو پئي، پوءِ ڪالر جي چوڌاري رکيل سافسٽيڪيٽيڊ قسم جي بلوٽوٿ ھينڊ فري لڳائي پڪ سان ميوزڪ مان مزو وٺندي رھي ھئي ۽ هاڻ جهاز جا دروازا کلڻ جي انتظار ۾، ڏاڍي پرسڪون انداز ۾ پنهنجي سيٽ تي ويٺي ھئي.
“اوهان پنهنجي لهجي ۽ شڪل ۾ ته سنڌي پيا لڳو؟” جواب بدران ھن جي طرفان سوال آيو.
“جي جي، سنڌي ئي آهيان. دبئي جي هڪڙي ڪمپني ۾ تازو ڪمپيوٽر سافٽ ويئر انجنيئر مقرر ٿيڻ بعد، پهريون ڀيرو موڪلن تي آيو آھيان. مان سکر جو آهيان.”
“هاڻ يقينن رسم نڀائيندي مون کي به موٽ ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائڻو پوندو. عاليه نالو آهي منهنجو. منهنجو ننڍو ماما دبئي ۾ سيٽل آهي. پيپرز مان فري ٿي دبئي گهمڻ ۽ رليڪس ٿيڻ وئي هئس. منهنجو جنم ته بدين ۾ ٿيو. ڪجهه سال اڳ اسان جي پڙهائي سبب بابا حيدرآباد بدلي ڪرائي ورتي هئي ...”
“عاليه مناسب لڳي ته پنهنجو نمبر ڏئي ڇڏيو، پرديس ۾ ڪڏهن ڪڏهن دل گهڻي گهٻرائيندي آهي، اوهان جي ماما يا سندس پٽن سان گڏجي ڪو چانهه جو ڪپ ...”
ايتري ۾ جهاز جا دروازا کلي ويا ۽ هو هيٺ لهڻ لڳا. ”ها ها لکو نمبر، زيرو ٿري...”
ڪي پيڊ تي نمبر ٽائيپ ڪندي، وحيد جي فون جي رنگ وڄڻ لڳي.
“ايڪسڪيوز مي عاليه ...”
ڪال اٽينڊ ڪيائين؛ ”هائو هائو هائو ... اصل ۾ فلائٽ ليٽ ٿي وئي ھئي، پوءِ ٻي فلائيٽ ڪيچ ڪري آيو آهيان. يار سڀ فون تي پڇندين ڇا!؟ پنج منٽ ترس ڪال ڪريان ٿو..”
وحيد، سندس دوست يونس جي ڪال ڪٽي، پاسي ۾ نهاريو ته عاليا لائونج ڏانهن ويندڙ ماڻهن جي رش ۾ گم ٿي وئي هئي.
هن هڪدم موبائل جي اسڪرين ڏانهن ڏٺو. يونس جي ڪال اٽينڊ ڪرڻ سبب هو عاليا جو نمبر، سيو ڪري ڪو نه سگهيو هو. هو تکو تکو لائونج تائين پهتو پر هوءَ اتي به کيس نظر ڪا نه آئي.
وحيد شام تائين سکر پهچي چڪو هو. ڪوچ ۾ ننڊ مان سجاڳ ٿيندي ئي هن کي پهريون خيال، عاليه جو آيو. گڏوگڏ گهر موٽڻ جي خوشي به ڏهوڻيِ ٿي وئي ھئس. سندس چهرو وڌيڪ روشن ٿي ويو ۽ ڇاتيءَ جي ويڪر به وڌندي محسوس ٿيڻ لڳي. پر ٻئي لمحي جڏھن هن موبائل جي اسڪرين ڏانهن نهاريو ته عاليا جو نمبر سيو نه ڪري سگهڻ جو درد، ٿڌي آهه جي صورت ۾ ظاهر ٿيو! هن غلط وقت تي ڪال ڪرڻ تي دل ۾ يونس لاءِ خوب گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ پنھنجي تڪڙ واري عادت تي به ڪاوڙ آئي ھئس.
پنجن ڏينھن ۾ ئي عشق ڳاٽي تي چڙهي ويو ھئس. هن فيس بوڪ تي سمورين عاليائن کي سرچ ڪري ڇڏيو. پر ساڌ ٻيلي وٽان سنڌو ۾ لهندڙ سج جهڙي چهري واري عاليه کيس ڪٿي به نظر ڪا نه آئي. دبئي ۾ ڪجهه ئي عرصي ۾ سڄي دنيا جو حسن هن جي نظرن مان ٿي گذريو هو، پر لاڙ جي سڳداسي چانورن جي خوشبوءِ، خيرپور جي کجين جهڙن اوچن خيالن واري ڇوڪري، هن جا ڇڪا ئي ڇڏائي ڇڏيا هئا. هو پاڻ به پنهنجي هن حالت تي حيران هو! هن کي اهو ڏک، وڏي قرض جيان رهيو هو، ته هو نمبر ڇو نه سيو ڪري سگهيو. کيس هر هر پنهنجي تڪڙ ۽ يونس جي ڪال تي ڪاوڙ پئي آئي.
پوءِ هر ڀيري آخر ۾ فون جي اسڪرين ڏانهن ڪانٽيڪٽس لسٽ ڏانھن حسرت ۾ ڏسندو هو، جتي عاليا جو نمبر ته ڪڏهن به نظر ڪو نه آيس پر ڪجهه ڏينهن کان سندس تصوير چٽي نظر اچڻ لڳي هئس! هن بدين ۽ حيدرآباد ۾ پنهنجي واسطيداري بابت سوچڻ شروع ڪيو. پر مسئلو اھو ھو ته عاليا جي پيءُ جي نالي يا ڊپارٽمينٽ بابت به ته ڪا خبر ڪو نه ھئس، ڪيئن ھن جو ڏس پتو ڳولھي لھي؟
ٿڌو ساهه کڻي، پنهنجي منهن ڳالهايائين؛ ”ڪير ٿو چئي ته ھن جديد دور ۾ عشق ڪرڻ سولو ٿي پيو آھي؟!”
موبائل هن لاءِ اک، ڪن، نڪ جيئن وجود جو حصو ٿي چڪو هو. چارج تي لڳائيندو هو، ته به پري ڪو نه ٿيندو هو. رات جو سمهڻ مهل به موبائل صفا پاڻ سان گڏ ... رات جو ڪچي ڦڪي ننڊ مان اک کلندي هئس ته پهرين نظر موبائل جي اسڪرين تي وجهندو هو ۽ ڪڏھن آڌيءَ مهل سجاڳ ٿيندو هو ته، سندس آڱريون موبائل جي ڪي پيڊ تي هونديون هيون! کيس يقين هو ته عاليه ضرور رابطو ڪندي. ڏينهن ۾ ٻه ٽي ڀيرا فرينڊ رڪويسٽس، مئسينجر ۽ واٽس ايپ چيڪ ڪرڻ لڳو ھو.
۱۳ ڏينھن جي وچ ۾ ايندڙ آچر تي ھو حيدرآباد ۽ ڄامشوري جا سمورا گهمڻ جھڙا ماڳ به رلي آيو ھو پر ڪو به اھڙوخوبصورت اتفاق ڪو نه ٿيو، جھڙو سکر ۾ ئي ٿي ويو.
“مون ته سوچيو پئي اوهان ڪال ضرور ڪندا، پر اوهان ته ٻين کان مختلف ثابت ٿيا ... اوھان جي اھا ئي انفراديت مون کي ڇڪي وٺي آئي ۽ ڏسو آئون پاڻ سکر ھلي آيس.” ھو مٿي تي ھٿ ڏئي ليوڪ جي پارڪ (ليوڪس) پارڪ ۾ ويٺو ھو، جتي ھوءَ سندس ڀر ۾ اچي ويٺي.
“اصل ۾ مان اوهان جو نمبر سيو ڪري ڪو نه سگهيس.”
وضاحت ڏيندي چيائين؛ ”اصل ۾ھڪڙي دوست جي ڪال اچي وئي هئي، ان دوران اوهان رش ۾ گم ٿي چڪيون هيون.” وحيد ڄڻ خوشيءَ ۽ حيرت جي برج الخليفه تان ڳالهائڻ لڳو.
“ھا، ادا، ٻاھر منھنجو ويٽ پئي ڪيو، لگيج مان سامان به کڻڻو ھو.”
ٻئي لمحي چوڻ لڳي، ھن ڀيري پھرين منھنجو نمبر سيو ڪريو ... وري سيو ڪرڻ وسري نه وڃيوَ.... زيرو ٿري ...”
ايتري ۾ وحيد جي اک کلي پئي، هو سيارو هوندي به پگهر ۾ وهنتل هو! موبائل سندس هٿن ۾ هو ۽ هڪ مڪمل موبائل نمبر، موبائل جي اسڪرين تي لکيل! هن هڪدم نمبر عاليا جي نالي سان سيو ڪري ورتو.
هو هن وقت هڪ عجيب بي نانءُ ڪيفيت ۾ هو، هن موبائل ۾ وقت ڏٺو، ته صبح جا سوا ۹ ٿيا ھئا. ھن عاليا جي نمبر تي ڪال ڪئي.
“ھيلو السلام عليڪم”
“وعليڪم السلام، ڪير ڀائو؟” ھن پاسي کان ڪنھن مرد جو رعبدار آواز آيو.
“سائين معاف ڪجو غلط نمبر لڳي ويو.”
وحيد ڪال ڪٽي، پهرين پنهنجي آڱرين، پوءِ موبائل جي ڪي پيڊ ڏانھن نهاريندي پنهنجي منهن ڀڻڪيو؛ ”مان جڏهن به تڪڙ ۾ نمبر سيو ڪندو آهيان، ته غلط ڊجٽ ئي دٻائيندو آھيان!”

No comments:

Post a Comment