Tuesday, January 28, 2020

ضراب حيدر جي ڪهاڻي مجموعي ”حيدرآباد “ جو هڪ اڀياس

ضراب حيدر جي ڪهاڻي مجموعي ”حيدرآباد “ جو هڪ اڀياس
علي عاجز
image-1
منهنجي ڳوٺ ميلو لڳو آهي. يونيورسٽي کان به موڪل آهي. دوست به ڪالون ڪري رهيا آهن.
”جاني ڪٿي آهين.؟“
”اچ يار ميلا نصيبن جا هوندا آهن...!“
”گهمي وڃ!“

آئون ڳوٺ وڃڻ جو سوچي نڪران ٿو. هالا ناڪي وٽان لوڪل بس ۾ چڙهان ٿو.
شيون وڪرو ڪندڙن جي هوڪن سان گڏ مسافرن جي چڙھ چڙهان شروع آهي. ٿوري دير بعد بس هلي ٿي ۽ ٽپڻي بال جيان ٽلندي حيدرآباد شهر جي هنج مان کسڪڻ لڳي ٿي.
آئون ٺهيو ٺوڪيو من معشوق لڳو ويٺو آهيان. هڪڙو ڪتاب منهنجي ھنج ۾ پيو آهي. مون کان هڪ سيٽ اڳيان عمر جي اڍائين ڏهاڪي ۾ قدم رکندڙ هڪڙي ڪولهڻ ويٺي آهي. سندس هنج ۾ به ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هڪ ننڍڙو وجود پيو آهي. اچانڪ اهو ٻار روئي ٿو. ماڻس پنهنجو پڙو پاسي ڪري ببو وات ۾ وجهيس ٿي ته ٻارڙو چپ ٿي وڃي ٿو.
گاڏي پنهنجي منزل طرف ڊوڙندي، خيبر جو اسٽاپ لتاڙي لنگهي ٿي ته آئون هلندڙ لاريءَ جي دريءَ مان ٻاهر نهاريان ٿو. ٻاهر باغ آهن. سرسبز ٻنيون آهن. وونئڻن ۾ ڀيلاڙو شروع ٿي ويو آهي.
مون کي سردار شاھ ياد ٿو اچي، پنهنجي شاعري سوڌو! جنهن اهڙي ئي ڪنهن منظر جي پيٽگس مان رنگ چورائي انهن کي ڀڄائي پنهنجي شاعري لکي آهي. منهنجي تخيل جو فقير انهي شاعري جي ناد تي رقصِ درويشان آهي.
الائي جي ڇو مون کي محسوس ٿو ٿئي، منهنجي هنج ۾ پيل ڪتاب سڏڪا ڀري پيو. آئون ڪتاب کولي پڙهڻ شروع ڪيان ٿو.
”ڇوڪري شينهن ٿي نه سگهي...!“ ها اها پهرين ڪهاڻي آهي. طوطي جي اکين ۾ لڪيل ڳاڙهي موتيءَ جهڙي ضراب حيدر جي ڪهاڻي مجموعي ”حيدرآباد“ ۾. هن ڪهاڻي جي هڪ ڪردار ڪلو ميان چواڻي ته؛ ”سوئر قسم کا شیر لایا ھوں، دیکو گی تو طبیعت خوش ھو جاوی گی۔۔“ ته پيارو ضراب به ڪلو ميان وانگي سوئر قسم جي ڪهاڻي لکي اچي اسان جي آڏو رکي آهي .
ڪلو ميان اهو شير ته ‎‎‎‎هزارُ روپين ۾ خريدي اچي ٿو. پر مون کي خبر ناهي ته ضراب هن ڪهاڻي پويان ڪيترين راتين جو آرام عيوض ۾ ڏئي، موٽ ۾ هيءَ شينهن ڪهاڻي وٺي، اچي وچ تي پلٿي ماري، ڪانڀ ڪڍي ويٺو آهي. بس ڪلو جي شينهن ۽ ضراب جي هن شينهن ڪهاڻي ۾ هڪڙو ئي فرق آهي ته ڪلو ميان جو شينهن، آخر ۾ شينهن ناهي رهندو. پر ضراب حيدر جي هيءَ ڪهاڻي پنهنجي ڪلائمڪس تائين شينهن ئي رهي ٿي.
ڪهاڻيءَ جي پُڄاڻي تي آئون وري آس پاس نهاريان ٿو.
منهنجي پويان واري سيٽ تي ويٺل همراھ منهنجي ڪلهي تي هٿ هڻي ٿو. مڙي ڏانهس نهاريان ٿو. ٿلهو متارو وهي مان ڪڏهوڪو موٽيل همراه. ڪارا ڪپڙا، مٿي تي ڪاري ٽوپي، جنهن مان اڇا وار ائين نظر ٿي آيا جيئن بليڪ بسڪيٽن جي وچ ۾ لڳل اڇي ڪريم نظر ايندي آهي.
آئون هُن کان پڇان ئي پُڇان، ”ابا هڪڙو پنجاھ ته ڏي! ڪرايو ڪونهي مون وٽ.“ هو اڳ ۾ ئي چوي ٿو.
آئون پرس مان پنجاھ جو نوٽ ڪڍي، هن کي ڏئي ڇڏيان ٿو. ان سان گڏوگڏ ڪتاب بند ڪري رکي ڇڏيان ٿو. باقي سڄي واٽ گانا ٻڌي وقت ڪٽيندو رهان ٿو. تان جو بس اسٽاپ تي رڪي ٿي. مان گهر پهچي فريش ٿيان ٿو.
پر ميلي تي وڃڻ بدران ”نما شام جسم“ پڙهان ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪردارن بدران ڳوڙها ڳالهائن ٿا. اهي گونگا ڳوڙها ... جن کي سنڌي ٻوليءَ جي جادوگر ڪهاڻيڪار ضراب حيدر زبان ڏئي ڇڏي آهي. دينوءَ جي ماءُ جي دردن جا ڳوڙها... خود دينوءَ جي وجود مان معاشرتي بيحسي تي ڳڙندڙ ڳوڙها... ننڍي رئيس جي انهي رئيساڻيءَ جي جنسي بک سبب، ڪنهن الهڙ وهي واري اپسراءَ جي ارهن جهڙا ڳوڙها... جيڪي هو مانڌل سان ملي سُڪائي ٿي..! پنهنجي مڙس هٿان ميري ٿيل مانڌل جي شلوار جو اڳٺ، پنهنجي هٿن سان کولي، ڳجھ ڳوھ ۾ پنهنجو وقت ٽپائي وڃي ٿي.
هن ڪهاڻيءَ ۾ ڳوڙها ته صنا جا به ڳالهائن ٿا، پر جيڪي درديلا ۽ پنهنجي اندر ۾ ڪرڀيلا ڳوڙھا آهن. اهي آهن صابوءَ جي زال جا... هُوءَ وفا جي پُتلي ٿي صابو سان نڀائي ٿي. پر صابو ان جو سلو سندس مٿي ۾ ڪهاڙي کپائي ڏي ٿو ۽ گڏوگڏ هڪ سماجي سرٽيفڪيٽ به... جنهن تي صابوءَ جي منهن جهڙي هڙٻاٽيون نڪتل سماج طرفان سياه مس سان لکيل آهي.
”ڪاري آهين تون! ڪاري ...“
هڪڙي اونهي ٿڌي ساه تي ئي هي ڪهاڻي اختتام پذير ٿي وڃي ٿي.
ٽيون نمبر ڪهاڻي آهي؛ ”بڪاز ماءِ هارٽ از بروڪن (ڇاڪاڻ منهنجي دل ٽٽل آهي). هن ڪهاڻي جي ڪردارن جي محبت يونيورسٽي جي پوائنٽ بس ۾ ڳاڙهن اکرن سان لکيل محبت جي چٺي کان شروع ٿي، زوبيا جي خودڪشي تي ختم ٿيڻ واري هوندي آهي. پر اها انت تي ناهي پهچندي. اوهين خود ئي پڙهو؛
”آئون وڌي زوبيا جي ڀرسان ويٺو هوس. سندس هٿ پڪڙيو هئم، هٿ چميو هئم، ۽ کيسي مان مُنڊي ڪڍي، کيس پارائي هئم. انهيءَ لمحي محسوس ڪيو هئم ته زوبيا جي سانت وجود مان هڪڙو آواز اُسريو هو؛
منهنجو جسم ۽ روح، قيامت تائين تنهنجي امانت رهندو، آئون محبت ڪاڻ نه، پر محبت ساڻ مري رهي آهي.‘“
هن جملي ۾ ئي سڄي ڪهاڻي جو روح سمايل آهي.
هونئن به دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو هوندا آهن. هڪڙا اهي، جيڪي محبت ڪاڻ جيئندا آهن. ٻيا اهي، جيڪي محبت ڪاڻ مرندا آهن.
نه محبت ڪاڻ جيئڻ ۾ بزدلي آهي، نه وري محبت ڪاڻ مرڻ ۾ بزدلي آھي...!
هتي زوبيا جي ڪردار تي ڪو به نقاد، مايوس ڪندڙ هجڻ جو ليبل ڀلي لڳائي. پر مون کي ته زوبيا به ماٿيلي جي انهي مومل جو تسلسل ٿي لڳي، جنهن جي جي ڪجلين اکين جي ڪيف، ڪيئي ڪٽ مست مرد، مخمور بڻائي ڇڏيا هئا. پر آخر ۾ راڻي ڪاڻ چتا تي چڙهي ڀسم ٿي وئي.
شايد هُن به آخري فيصلو ڪرڻ کان اڳ، اهو ئي سوچيو هوندو.
چوٿين نمبر تي شامل ڪهاڻي آهي؛ ”منڇر.“
”منڇر“ تي ڪجھ تبصرو ڪرڻ کان اڳ، مهاڳ ۾ شامل نامياري ڪهاڻيڪار طارق قريشي جي رايي مان هڪ ٽڪرو رکان ٿو.
”محبوب سائين ضراب حيدر! تنهنجي ڪهاڻي منڇر نه فقط نوحو آهي، ڪائنات جيتري قديم هڪ تهذيب جي تباهيءَ جو بلڪ تصوف جي دل سان لکيل اهو درس آهي، جنهن ۾ تو اهو آفاقي پيغام ڏنو آهي ته؛ پرماري طبقا، پنهنجي اندر جي منڇر کي براين جي ايم اين وي ڊرين جي گندي پاڻيءَ سان گدلو ڪري، بني آدم کي ضمير ۽ خمير فروش بڻائيندا آهن.“
ضراب حيدر ھن ڪهاڻي ۾ ٻه موضوع کنيا آهن. هڪ آهي؛ منڇر جي تباهي. ٻيو آهي، اين جي اوز سيڪٽر جي آڙ ۾ ڪم ڪندڙ عورتن سان ٿيندڙ جنسي زيادتيون. ۽ ٻنهي سان آخر تائين آرٽسٽڪ انداز ۾ نڀايو اٿس.
حقيقت اها ئي آهي ته هن وقت سنڌ جي سڀني حسين تهذيبي، تمدني آثارن کي هڪ وڏي خفيه سازش ذريعي تباه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي. پر افسوس جو انهن کي اجاڙڻ ۾ اسان جا پنهنجا هٿ آهن. پر دماغ ڪن ٻين ماڻهن جا...! مفاد ڪن ٻين ماڻهن جا آهن... اسان صرف دوسوءَ وانگي دهل تي نچڻ ۾ خوش آهيون. اسان پرائي پياريل ڪچي شراب جھڙي نشي ۾ چوُر ٿي، پنهنجي تاريخي ورثن کي اهڙي ريت اجاڙي رهيا آهيون، جهڙي ريت ڪرشن چندر جي ناول ”هڪ عورت، هزار ديوانا“ ۾، ڪرايي جا غنڊا ڪچو شراب پي، خانه بدوشن جي گهرن تي حملو ڪري، انهن کي ڊاهي پٽ ڪندا آهن. اسان نه ته منڇر بچائي سگهيا آهيون، نه ڪينجهر، نه کير ٿر، نه ڪارونجهر، نه وري حيدر منزل!
اسان جو الميو اهو آهي جو اسان جي پڙهيل ڳڙهيل طبقي مان صرف سچيڏنو ۽ الھ ورائي جهڙا ماڻهو پيدا ٿي رهيا آهن.
اسان جي منڇر جو محافظ پيرل اڃا صدين پراڻي سوچ ۾ ڦاٿل آهي. ان ڪري نه اهو منڇر کي بچائي ٿو سگهي، نه وري پنهنجي گهر جون عزتون...!
اڄ جي تمام تيزي سان پيرل انهي سوچ جي سرنگن مان ٻاهر نه نڪتو ته الھ ورائي جهڙا ڪردار منڇر ته ھميشه هميشه لاءِ ديس دشمنن حوالي ڪري ڇڏيندا. پر هر دور جي زيبو، نوارن کي نالي ۾ نوڪرياڻي ڪري، اهڙي ريت هٽ جو وکر بڻائيندا رهندا جهڙي ريت عرب حملا آورن، سنڌي عورتن کي بغداد جي فاحشي گهرن تي وڪيو هو.
ضراب جي هن منڇر ڪهاڻي جو سنڌي سماج لاءِ اهو ئي سڀ کان وڏو پيغام آهي.
هاڻي سورج مکي سانجھ ٿي وئي آھي. اهي سڀ ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ آئون ميلي تي وڃڻ جو سوچيان ٿو. ٻاهر نڪري وري ٻيهر موٽي اچان ٿو.
ضراب حيدر جي ٻي ڪهاڻي حيدرآباد پڙهان ٿو.
شايد نيپولين بونا پارٽ چيو آهي؛ تاريخ ۾ صرف واقعن جا ڪردار ۽ سال حقيقي هوندا آهن. ٻيو ڪجھ نه! پر ادب  ۾ صرف ڪردار ۽ سال، فرضي هوندا آهن، ٻيو سڀ حقيقت هوندي آهي.
حيدرآباد... ڪهاڻي، جنهن ۾ سنڌ جي عظيم جرنيل هوش محمد شيدي جي قبر جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
اسان جي تاريخ جا لوهر/ واڍا اڃا تائين هوش محمد شيدي جي قبر جو معمو نه کولي سگهيا آهن. نه ئي اسان جا نعريباز احتجاجي، ان طرف ڪو جوڳو ڌيان ڏئي سگهيا آهن. نه وري لاڳاپيل کاتي جا حڪومتي عملدار هوش محمد جي قبر جي اصليت ڳولي سگهيا آهن. ان کان وڏي بي حسي ڪهڙي ٿيندي؟ ڪهاڻيءَ جو مکيه ڪردار ڏاڏو دوست محمد آھي. جيڪو پوٽي جي هوشو جي قبر جي غلط جڳھ تي نشاندهي ڪرڻ واري ڪتاب پڙهڻ مهل چڙي ٿو پوي. پر جڏهن اها ڳالھ ماستر به ٻڌائيس ٿو ته به اعتبار نه ٿو اچيس.
اصل ۾ ضراب جي اها ڪهاڻي، رڃ جهڙي سماج ۾ مور جي رڙ جهڙي آهي. سنڌ جي ويجهي ماضي جي تاريخ کي اهڙي ريت ٽوڙي مروڙي نئين نسل آڏو پيش ڪيو ويو آهي. جو اهي سمجهڻ کان قاصر ٿي، انهيءَ ڪوڙي تاريخ تي اکيون ٻوٽي اعتبار ڪن ٿا. پر دوست محمد جهڙا ڪردار جيڪي انهن حقيقتن جا Eyewitness آهن. اهي آخر اعتبار به ڪيئن ڪن. پر اسان جو پڙهيل ڳڙهيل نئون نسل انهن ڪردارن تي اعتبار ڪرڻ بدران، الٽو انهن کي چريو چئي چٿرون ڪري ٿو. فاتحن، غاصبن جي لکيل هٿ ٺوڪي تاريخ کي سچو سمجهي، دوست محمد جهڙن ڪردارن جي ڳالهين تي تحقيق ڪرڻ به گوارا نه ٿو سمجهي.
پر اسان جي اديب، ڪهاڻيڪار، دانشور کي سوچڻ کپي ته اسان جي تاريخ سان اهڙي تعدي ڇو ٿي ٿئي؟
ڪير ٿو ڪري؟
ان مان کيس ڪهڙو فائدو ٿو پهچي.؟
اهي بنيادي نوعيت جا سوال آهن. جنهن وقت تائين اسان انهن سوالن جا جواب نه لهنداسين. تنهن وقت تائين اسان ڏاڏي دوست محمد وانگي ڪجھ به ڪرڻ کان قاصر هونداسين.
ان کان پوءِ ”رهجي ويل ٽائٽيِنڪ لمحو“، هن مجموعي ۾ شامل ڇهون نمبر ڪهاڻي آهي. جيڪا سنڌ يونيورسٽي جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. هي ڪهاڻي پڙهندي منهنجا لڙڪ لڙي پيا. امرتا پريتم جي ڪتاب ”ایک تھی ساره“ کان پوءِ هي ٻيو ڪتاب هو جنهن کي پڙهندي آئون روئي پيو هئس. هن ڪهاڻيءَ کي پڙهندي مون ڪجھ جملا، انڊر لائين ڪري ڇڏيا هئا. پر هتي اهي انڊر لائن ٿيل جملا لکان ٿو.
”ان ڏينهن نواب چانڊيو پنهنجا آدرش وڃائي، جسماني ۽ روحاني ابينارمل ٿي، غير متوازن معاشري ۾ گم ٿي ويو ته ساڳيو لمحو وسري ويل نيڻن ۽ وڃائجي ويل آدرشن جو مجسمو بڻجي پيو.“
”اُن ساعت، ساڳئي لمحي جي وجود مان مُهين جي دڙي جهڙو پڙاڏو واڪا ڪري نڪرندو هو. ۽ هاسٽل ۾ ننڊ پئجي ويل منهنجي محبوبه جي ستل ناچڻين اکين ۾ خوابن ۽ سپنن جي ڇير ٻڌي ڌمالون هڻندو هو. جيڪا خوابن ۾ روئندي هئي ۽ خيالن ۾ کلندي هئي.“
”ائين ئي نواب چانڊيو سمورا سماجي تضاد وساري. اُن ڇوڪريءَ سان پنهنجي جذبن جو اظهار ڪري ويٺو هو. ۽ موٽ ۾ ساڳي ڇوڪريءَ کيس پنهنجي هماليه جيڏن بلند آدرشن ڀري چماٽ وهائي ڪڍي هئي ته نواب چانڊئي جا سادا ۽ معصوم آدرش ترو لڳي ويل داغ جيان سڙي خاڪ ٿي ويا هئا.“
”سنگيت منهنجي محبوبه تو جهڙي هئي. ڄامشوري جي محبوب هوائن جهڙي هئي. ڄامشوري جي محبوب ڇوڪرين جهڙي هئي. سنگيت! تو کي خبر آهي ته اُن لمحي مان اڄ به مهين جي دڙي جهڙا پڙاڏا واڪا ڪندي نڪرندا آهن. ۽ تو جهڙين ٻين محبوب ڇوڪرين جي ناچڻين اکين ۾ خوابن ۽ سپنن جون ڇيرون ٻڌي ڌمالون هڻندا آهن ۽ منهنجي ريشمي ريشمي پشم جهڙي سنگيت وانگي زرد ٿي پونديون آهن.“
ضراب جي لفظن جي سيور جھڙي ٿڌي ۽ اڇي روشني جهڙي رنگينگي سان ڀرپور هن خوبصورت ڪهاڻي ۾ ٻين دورن جو محبتن جو ذڪر آهي.
ٻين نسلن جي محبتن جو ذڪر آهي.
هن ڪهاڻي کي پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته اسان جا نسل موسم جيان مٽبا پيا وڃن. پر اسان جي محبت جي باري ۾ نفسيات ساڳئي جي ساڳئي رهي ٿي.
”عاقبت جو توشو“ ڪهاڻي ۾ خميسي خان جي شوقن سبب سندس سدامست سهڻي جي فطري گهرج پوري نه ٿي ٿئي. 
سنڌ جو سُري کاڌل جاگيردارڻو ۽ وڏيراڻو سماج جيڪو ھاڻي ڪنهن حد تائين آخري سسڪين ۾ آهي. انهي ڪوڙهين وڏيرن جي ڪُڙم ۾ اها عادت به رهي آهي ته، عمر جو ٽيون حصو گذرڻ کان پوءِ ڪنهن غريب ڪڙمي، ڪاسبي جي گل مُکڙي نياڻي سان شادي جو سانگ رچائيندا. وڌندڙ عمر سبب، جڏهن سندن خواهش تڪمل کان اڳ ترڪي ويندي آهي.
تڏھن ڳوليندا آهن ڪي يوناني حڪيم، سناسي ۽ چوندا آهن. ”گهوڙو ڪم نه ٿو ڪري اهڙي ڪا دوا ڏي جو اڙيل وڇيري وانگي اڏام ڪري.“
پر جي آخري اهي سڀ حيلا بهانا، بي فائدي ثابت ٿين ٿا ته ڦُوھ جوانيءَ جي جوڀن ٽارين تي ٽڙندڙ سندن انهي ڌيءَ کان ننڍي زال کي، پنهنجي فطري گهرجن جي پورائي لاءِ ڪسرتي بدن واري هاري دوسو جهڙن مردن جو سهارو وٺڻو پوي ٿو.
۽ جنهن جو انت اچي ڪهاڙي جي وار تي ئي ٿئي ٿو.
ڪهاڻي مجموعي ۾ شامل ڪهاڻي ”طالبان“ جنهن موضوع تي لکيل آهي. ان موضوع تي ضراب جي هڪ ڪهاڻي سگريٽ کي ڪٿان دکائجي؟ سندس ڪتاب ”سرحدن کان اڳتي“ نالي مجموعي ۾ پڙهي هئم.
پر هن ڪهاڻي جا جيڪي ٻه ڪردار آهن. اهي آهن؛ ڊاڪٽر ۽ گُلنار جيڪا ڪوئيٽا جي پٺاڻ آهي. سندس خاندان واپار جي سيزن ۾ سنڌ ايندو آهي. هن جي نيئن نڪوري اڌ پڪل انب جهڙي عمر سنڌ ۾ گذري ٿي. ڊاڪٽر هن جي ڳلن جا پڪل صوف ڳاڙها ساريندو رهي ٿو، ۽ پوءِ اڪيچار ورهين پُڄاڻان وٽس علاج لاءِ ايندڙ گُلنار سان ملي ٿو. ساڻس ٻيهر دوستي ڪري ٿو.
جيڪا وحشي طالبانن جي جهالت واري سماج ۾ رهي اُهو به وساري ٿي ويهي ته فطري طرح جنسي عمل ڪيئن ڪيو وڃي ٿو.؟
هُوءِ تڙ تڪڙ ۾ اڳٺ کولي، سلوار هيٺ سرڪائي، اونڌي ٿي آڏو سمهيس ٿي. ڊاڪٽر کي ڄڻ بجلي جو ڪرنٽ لڳي ٿو.
سيڪس جي غير فطري طريقن ۽ پٺاڻن طالبانن جي ذهني ۽ نفسياتي ڪشمڪش کي هن ڪهاڻي ذريعي وائکو ڪيو ويو آهي.
هتي سندس بي باڪي مون کي سعادت حسين منٽو کان به مٿي ٿي لڳي.
گهڻو اڳ نسيم کرل جي هڪ  ڪهاڻي”ڪرنٽ“ پڙهي هئم. جنهن ۾ مڙس پنهنجي پسند جي شادي ڪيل زال سان ميلاپ وقت کيس نوڊ ڏسڻ ٿو چاهي. هو چاهي ٿو ته هو ڪمري اندر ٻرندڙ بتين جي روشني ۾ خدا جهڙي باڪمال سنگتراش جو تراشيل بدن کي ڏسي سگهي. کير جهڙي اڇي بدن مان لذت ۽ لست وٺي سگهي. پر سندس زال آهي. جيڪا انهي سڄي روداد کي ڏوھ ٿي سمجهي. 
”کيس چوي ٿي. نه  اهو ڏوه آ. مرد نه ڏسي.“ 
”ڪٿي پڙهيو آ؟“ 
”بهشتي زيور ۾.“
ضراب حيدر جي هي ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ آئون ڳچ دير سوچيندو رهان ٿو ته اها طالباني سوچ اهڙن ڪتابن وسيلي سنڌي سماج ۾ به ايترو وقت اڳ اچي وئي هئي ڇا؟
هنن ڪهاڻين کان علاوه گڊلڪ، ميٽني شو، هڪ غريب دور جي امير ڪهاڻي، هوائن جي ايوان ۾ وڃائجي ويل ڪهاڻي ... ۽ اچيومينٽ هن ڪتاب جون بهترين ڪهاڻيون آهن.
ضراب حيدر جو هي ڪتاب سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ خوبصورت اضافو آهي.

آخر ۾ آئون سنڌي ادب ۾ موجود سمورن سٺن لفظن سان گڏ، ضراب حيدر کي هن مجموعي جون واڌايون ڏيان ٿو.





ضراب حيدر جي ڪھاڻين تي ھڪ نظر
ڪليم ٻٽ
ڪتاب: حيدرآباد
ليکڪ: ضراب حيدر
صنف: ڪھاڻيون
صفحا: ۲۲۵
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گھر، دڙو
سال: ۲۰۱۸ع
”حق تي دنيا توھان تي ملامت ڪندي آھي ۽ توھان کي ٿڪون ھڻندي آھي، توھان کدڙا ھوندا ئي بي شرم آھيو، نھ ڪنھن جي عزت جو خيال ھوندو اٿوء ۽ نھ وري ڪنھن جي لڄ جو احساس.“
اھو آھي ضراب حيدر جي لفظن جو جادو جيڪو پڙھندڙ کي ڪيتري ئي وقت تائين جڪڙي رکي ٿو. اھڙي ريت ان ساڳي ڪھاڻي ”نِماشام جسم“ جو ھي جملو بھ ڪمال آھي: ”ھاءِ ھاءِ! گھر جو چشم و چراغ! شڪر آھي ڪنھن تھ اسان کدڙن کي گھر جو چشم و چراغ سمجھيو.“
يا وري: ”تون عورت آھين ۽ مان کدڙو. توکي ھيٺان سمھاريندڙ ۽ مون کي اونڌو ڪندڙ مرد ساڳيو ئي آھي.“
ڪجھ وقت اڳ ڪينجھر رسالي جي ڪنھن شماري ۾ مون سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت ڪھاڻيڪار ضراب حيدر جي ڪھاڻي ”حيدرآباد“ پڙھي ھئي ۽ پڙھڻ سان ئي ھڪ الڳ دنيا ۾ ھليو ويو ھوس. اھا ڪھاڻي سنڌ جي سھڻي شھر حيدرآباد جي تاريخ تي لکيل آھي جنھن ۾ پڪي قلعي جي اھميت کي نروار ڪيو ويو آھي. سوشل ميڊيا تي ان ڪھاڻيءَ جي حوالي سان مون راءِ ڏيندي لکيو ھو تھ ضراب حيدر جي ڪھاڻي حيدرآباد منھنجي نظر ۾ سنڌي ٻوليءِ جي ڪلاسڪ ڪھاڻي آھي ۽ ان کي ضرور بھ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ گھرجي.
ڪجھ وقت اڳ اھو ڄاڻي خوشي ٿي تھ محترم ضراب حيدر جي ڪھاڻين جو نئون ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو آھي ۽ ان جو نالو ”حيدرآباد“ آھي. ھن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن تي ضراب حيدر جون پندرھن ڪھاڻيون: ڇوڪري شينھن ٿي نھ سگھي...!! نِما شام جسم، بِڪاز ماءِ ھارٽ از بروڪن، منڇر، حيدرآباد، رھجي ويل ٽائٽينڪ لمحو، عاقبت جو ترشو، طالبان، گڊ لڪ، ميٽني شو، ھڪ غريب دور جي امير ڪھاڻي، ھوائن جي ايوان ۾ وڃائجي ويل ڪھاڻي، اچيومنٽ، دل چريءَ جو فيصلو ۽ ھڪ سراب جو الميو شامل آھن.
ھن ڪتاب جي پھرين ڪھاڻي ڇوڪري شينھن نھ ٿي سگھي تي مان آخر ۾ راءِ ڏيندس، جڏھن تھ نِما شام جسم اھڙي ڪھاڻي آھي جنھن جو ذڪر مان وري وري بھ ڪريان تھ بھ گھٽ ھوندو. سنڌي سماج ۾ جيڪا ڄٽڪي ۽ فرسودا سوچ ڪنھن آمر جيان بنا ڪنھن جواز جي راڄ ڪري رھي آھي، ان کي وائکو ڪرڻ لاءِ ضراب حيدر جي ھي ھڪڙي ڪھاڻي ئي کوڙ آھي. ڪھاڻي جي منڍ کان وٺي پڄاڻي تائين اسان جي معاشري ۾ عورت جي بي وسي ڏسي روح ئي ڏڪي وڃي ٿو، پوءِ ڀلي اھا عورت ھڪ کدڙي جي ماءُ ھجي يا وري صابو جھڙي وحشي مرد جي زال ھجي.... عورت جو درد ساڳيو ئي آھي. ھي ڪھاڻي سنڌي سماج جي ڪجھ اھم مسئلن جھڙوڪر: ڇوري بازي، کدڙن سان عاشقي ۽ عورت کي ڪاري ڪري مارڻ تي اشد آڱر کنيو بيٺل نظر اچي ٿي ۽ ڪھاڻي جا پڄاڻي وارا منظر تھ صفا دل کي ڏکائي ڇڏين ٿا.
ڪھاڻي ”منڇر“ بھ ڀلوڙ ڪھاڻي آھي، منڇر جي تباھي کان ويندي نوريءَ جي جسم فروشيءَ تائين ھي ڪھاڻي نرالي انداز ۾ لکيل آھي، جيڪا بڊي جبل جي ذڪر کان شروع ٿي منڇر تي اچي دنگ ڪري ٿي. ھي ڪھاڻي احساسن جي ڪھاڻي سان گڏ مھاڻن جي منڇر سان عشق جي شاھدي بھ ڏئي ٿي.
حيدرآباد ڪھاڻي جو ذڪر مان اڳ ئي ڪري آيو آھيان، اھا ھڪ ڪلاسڪ ڪھاڻي آھي، خاص ڪري نصابي ڪتابن ۾ سنڌ جي مسخ ٿيل تاريخ پڙھائڻ وارو منظر تي اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي ويون.
بِڪاز ماءِ ھارٽ از بروڪن: ھي يونيورسٽي جي پسمنظر ۾ لکيل سھڻي رمانوي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ھڪ ڦٽيل عاشق سان زوبيا نالي ڇوڪري ملي ٿي ۽ ان ھمراھ جنھن پاڻ سان وري ڪڏھن بھ عشق نھ ڪرڻ جو وچن ڪيو ھڪ ڀيرو ٻيھر عشق جي واديءَ جو راھي بڻجي ٿو. پر محبت جي ديوي ھر ڀيري جيان ھن ڀيري بھ ھُن کان روٺھل ئي رھي ٿي. ھڪ روڊ حادثي ۾ زوبيا جون ٽنگون ڪٽجي وڃن ٿيون ۽ ھوءَ خودڪشي ڪري پنھنجو انت آڻي ٿي، ھي ڪھاڻي احساسن ۽ جذبن سان ڀريل ڪھاڻي آھي.
اھڙي ريت رھجي ويل ھڪ ٽائٽينڪ لمحو بھ يونيورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل اڻپوري چاھتن جي ڪھاڻي آھي. ان ۾ سنگيت ۽ سندس پيءَ جا احساس پڙھي اکين مان ڳوڙھا وھڻ لڳن ٿا. ھي ڪھاڻي پڙھي اھو بھ احساس ٿئي ٿو تھ ھڪ نسل کان ٻي نسل تائين محبت ۾ وڇوڙي جو درد ساڳيو ئي آھي، پوءِ ڀلي اھا محبت ڪينٽين واري نواب چانڊئي جي ڇو نھ ھجي.
ھڪ ٻي ڪھاڻي جنھن منھنجو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪايو اھا ھئي عاقبت جو توشو، ھي ٻھراڙيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل ھڪ دلڪش ڪھاڻي آھي جيڪا انسان جي جنسي انڀڻت تان پردو کڻي ٿي. رئيس خميسو خان جڏھن سونڻ وٽان پنھنجي جنسي تسڪين پوري ڪري گھر ڏانھن وري ٿو تھ پنھنجي زال کي ٻنيءَ مان نڪرندو ڏسي ٿو، ھن جي پٺيان دوسو ڪڙمي بھ نظر اچيس ٿو. جنھن تي سندس غيرت جاڳي ٿي پئي ۽ دوسو کي ڪارو ڪري ماري ٿو ڇڏي. تان جو ھن ڪھاڻي جو موضوع نئون نھ آھي، پر ڪھاڻي جي ٽريٽمنٽ شاندار رکي وئي آھي جيڪا ھن ڪھاڻي جي ڪاميابي آھي.
مون جنھن مھل ڪھاڻي طالبان پڙھڻ شروع ڪئي تھ ائين لڳم ڄڻ ڪنھن بين الاقوامي ادب جي ڪا ڪھاڻي پڙھي رھيو ھجان ۽ دل ان ڳالھ تي خوش ٿيڻ لڳي تھ سنڌي ادب ۾ بھ بين الاقوامي معيار جون ڪھاڻيون لکجن پيون. ھي ڪھاڻي گلنار نالي عورت جي دردن جي ڪٿا آھي، جنھن جي شادي ھڪ طالبان سان ٿيل آھي.
ھن ڪتاب جي پھرين ڪھاڻي ڇوڪري شينھن ٿي نھ سگھي....!! منھنجي نظر ۾ ٻين ڪھاڻين جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ڪھاڻي آھي، تان جو ھي ڪھاڻي حيدرآباد ۾ رھندڙ اردو ڳالھائيندڙن جي مسئلن جي عڪاسي ڪري ٿي پر ھي ڪھاڻي اھو اثر نٿي ڇڏي جيڪو ڪجھ ٻيون ڪھاڻيون ڇڏين ٿيون.
منھنجي نظر ۾ ضراب صاحب جون ڪھاڻيون طالبان، حيدرآباد، نِما شام جسم ۽ منڇر ضرور بھ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ گھرجن. اھي ڪھاڻيون منھنجي حساب سان موجودا دور جي سنڌي ادب جي نمائندگي ڪندڙ ڪجھ ڪھاڻين مان آھن. ھن ڪتاب ۾ ڏنل ڪھاڻيون سنڌو جي وھڪري جيان آھن جن جي سحر ۾ پرھندڙ پاڻ مرادو ترندو ٿو وڃي.


No comments:

Post a Comment