Tuesday, January 21, 2020

وڏي گونھاندي


وڏي گونھاندي
مختصر ڪھاڻي
Image result for Jackal catching a sheep
هڪ رڍ ڌڻ کان الڳ ٿي، جهنگ ۾ گم ٿي وئي. هڪڙي گدڙ جي مٿس نظر پئجي وئي، سو پويان لڳو آيس.
رڍ، گدڙ کي پويان ايندو ڏسي، ساھ بچائڻ خاطر ڀڄڻ لڳي. گدڙ وري، شڪار ھٿان وڃڻ جي انديشي سبب، ڪڍ لڳو آيس.
ڀڄندي ڀڄندي، رڍ گپ ۾ ڦاسي پئي. گدڙ پويان ڀڳو پئي آيو سو به ڀڄندي ڀڄندي، گپ ۾ ڦاسي پيو. ٻئي گپ ۾، جو جاتي سو تاتي، سڪ ٿي ويا.


گدڙ، شڪار وڃڻ واري حسرت وچان ۽ رڍ، ساھ وڃڻ جي انديشي سببان، هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا.
گدڙ چيس؛ ”ٻڌ! تنهنجا ڌڻي ڌوڪي به هوندا؟“
رڍ چيو؛ ”ها...“
گدڙ وري پڇيس؛ ”اهي تو کي، پيرو کنيو، ڳوليندا به هوندا؟“
رڍ چيس؛ ”ها..“
گدڙ رکي وري پڇيس؛ ”ڪتا به ساڻ هوندن؟
رڍ چيس؛ ”ها! تازي ڪتا ساڻ ھوندن.“
گدڙ چيس؛ ”پيرو کڻندي، هتي به اچي نڪرندا؟
رڍ چيو؛ ”ها! ضرور ايندا..“
گدڙ، گپ ۾ ڦاٿل ڄنگھون، چوريون، جيڪي نه چُريون. ”لڳي ٿو..“؛ بيوسيءَ ۾ ڏاڏر ۽ ڏکو ڪندي رڍ کي چيائين؛ ”اڄ ته وڏي گونهاندي ٿيندي.“

No comments:

Post a Comment