Sunday, January 19, 2020

نالائق اولاد کان بي اولاد ڀلو - دودو چانڊيو


نالائق اولاد کان بي اولاد ڀلو
مختصر ڪھاڻي
دودو چانڊيو
وڄوٽو پار ڪري، نئون ڪوٽ قلعي طرف اچي رهيو هئس، ته ڀٽ جي اوٽ ۾ ڪو هٿ لڏندي ڏٺم. ڊسمبر جو ٻيو هفتو هو، ٿر ۾ مينهن ته نه وٺا هئا، پر قهر جا پارا پيا هئا. سوڪهڙي سبب، چنڊ جي روشني، ٿر جي ڀٽن مٿان چاندي! جي چادر وانگي اوڍيل هئي. مون پهرين سوچيو ته؛ ’ڪنهن سڪل اڪ جي ڪا لام لڏي آهي. ههڙي سيءَ ۾ ڀلا آڌي رات جو ھتي ڪير هوندو.‘


چار قدم اڳتي نڪرڻ بعد، مڙي ڏٺم ته هٿ جا اشارا تيزيءَ سان مون کي پاڻ طرف سڏي رهيا هئا. ٿوريءَ دير لاءِ ڊپ به ٿيو ته ڪٿي ڪو جن ڀوت ته ناهي. جسم ۾ هلڪي ڏڪڻي به ٿي. سوچيم؛ ’وٺي ڀڄان. هڪ ڊگهي ڊوڙ پائي ڀٽ تي چڙهي ٻئي طرف ڀڄي وڃان.‘
ڀڄڻ لاءِ مون ور کنجڻ بدران شلوار کي ٻنهي پاسن کان پڪڙي مٿي کنيو.
اڃا وک کڻڻ وارو ئي هئس ته پاڇي اشاري سان آواز به ڏنو؛ “او! واٽهڙو”
منهنجا پير رڪجي ويا.
هڪ ڳالھ جي پڪ ٿي وئي ته؛ ’جن ڀوت ناهي. ڀوت هجي ها ته سڏڻ بدران عجيب آواز ڪڍي ھا. يا ته ڊيڄاري ڀڄائي ها. يا اچي وڪوڙي ها. يقينن هڪ انسان آهي.‘
منهنجي ڏاڏي هر آکاڻي ٻڌائڻ دوران هڪ جملو ضرور چوندي هئي ته؛ ’آدم-زادو مشڪل ۾ ئي ڪنهن آڏو، سهاري لاءِ پڪاريندو آهي. ان ڪري سندس مدد ضرور ڪرڻ گهرجي.‘
ڏاڏيءَ جا لفظ، ياد ايندي ئي آئون اڳتي وڌيس. سندس سڏ جي موٽ ۾ مون به آواز ڏنو؛ “ڪير مڙس آهين ڀائو! جي انسان آهين، ته ٻاهر نڪري اچ، جي جن ڀوت آهين ته ياد رک، آئون سمن سرڪار جو مريد آهيان، هر سال پنج ڪلي جو ٻانگو ڪڪڙ کڻي سمن سرڪار جي ميلي تي وڃي ڪهي پاڻ کائي ايندو آهيان، ان سمن سرڪار جي صدقي مون کي ڪجهه نه ڪجان.”
منهنجي آواز تي هو هلڪو کنگھيو. پوءِ ڏڪندڙ ۽ جهيڻي آواز ۾ چيائين؛ “انسان آهيان، ٿورو سهارو ٿو کپي.”
آئون روڊ تان هيٺ لهي، ڀٽ جي ڪنڊ وٺي، ڪنڊيءَ جي وڻ طرف وڌيس، جنهن جي اوٽ مان هٿ جا اشارا اچي رهيا هئا. چند قدم کڻڻ بعد ڏٺم ته هڪ پيرسن اوڻو جهوڻو ٿي زمين تي ويٺل هو. پنهنجو ڪنڌ ۽ هٿ، گوڏن جي وچ ۾ ڏئي، سيءَ کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. چنڊ جي روشني، سندس چانديءَ جهڙن وارن مان لهي سڪل، ڏٻري، چهري جي جهرين مٿان رقص ڪري رهي هئي. هن مون کي ڏسي، ڪنڌ مٿي کنيو. وڏا راجسٿاني شهپر، وڏي ڏاڙهي، خوبصورت نڪ، چمڪدار اکين سان هڪ رعبدار چهرو، منهنجي سامهون هو. اهڙي رعبدار چهري وارا ماڻهو، ڪڏهن ڪڏهن درگاهن تي نظر ايندا آهن. مون کي پڪ ٿي وئي ته هي ڪنهن نه ڪنهن درگاهه جو فقير آهي.
مون همٿ ڪري ڳالهايو؛ “ڪٿي جو فقير آهين هتي ڇا پيو ڪرين؟”
هن پهرين مون طرف هٿ وڌايو. پوءِ هٿ روڪيندي چيائين؛ “ڪنهن به درگاهه جو فقير ناهيان، تون مدد ڪري سگھين ٿو ته ڪر! نه ته جيڪا واٽ وٺي آيو آهين، اها وٺي هليو وڃ”.
آئون سمجهي ويس ته پيرسن کي منهنجي ڳالهه نه وڻي. مون پنهنجو لهجو تبديل ڪندي چيو؛ “آئون اوهان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهان ٿو؟”
هن هڪ خالي نگاهه مون تي وڌي. وڏو ٿڌو ساهه ڀريو. ڪجهه لفظ نڙيءَ تائين آڻي ماٺ ٿي ويو. مون ڏٺو ته هو سيءَ ۾ ڏڪي رهيو هو. مون پنهنجو کٿو لاهي هن کي اوڍايو. ڪجهه سڪل ڪاٺيون کڻي، هن جي ڀر ۾ رکيم. کيسي مان ماچيس ڪڍي، باهه ٻاريم. جيستائين باهه ٻري، تيستائين هو بلڪل ماٺ هو. باهه ٻرڻ بعد کيس چيم؛ “پنهنجا هٿ سيڪي وٺ، سيءُ گهٽجي ويندو.”
هن هٿ سيڪڻ بعد، مون تي نگاهه وڌي. هلڪي آواز ۾ چيائين؛ “ڪير مڙس آهين؟”
مون باهه ۾ ڪاٺيون وجهندي وراڻيو؛ “نيڻ هار تڙ جو ٺڪر آهيان. مال، لاڙ ۾ آهي. اوڏانهن پيو وڃان”.
هو اڃا ڪجهه چوڻ وارو هو ته مون کانئس سوال پڇيو؛ “ڪير مڙس آهين؟ ڪٿان جو آهين؟”
هن پنهنجو نالو يا ذات ٻڌائڻ بدران ڀر ۾ پيل لٺ کڻي، ان سان سامهون واري ڀٽ طرف اشارو ڪندي چيو؛ “او هن ڀٽ جي پريان واري تڙ جو آهيان.”
مون محسوس ڪيو ته پڪ سان مال جي ڳولا ۾ نڪتو هوندو سيءَ سبب ٿڪجي هتي ويهي رهيو هوندو. ڪجهه باھ سبب منجهس طاقت ايندي. ڪجهه آئون سهارو ڏئي، ڳوٺ ڇڏي ٿو اچانس. ايئن سوچيندي کيس چيم؛ “تون پريشان نه ٿي، باهه تي سيءُ گهٽ ٿئي ته آئون تو کي ڳوٺ ڇڏي ٿو اچان”.
”مون کي ڳوٺ ناهي وڃڻو. تون مدد ڪري سگھين ٿو ته ڪر، نه ته ڀلي هليو وڃ.“ هن ٻيهر ڪاوڙ واري لهجي ۾ ڳالهايو.
مون وراڻيو؛ “آئون تنهنجي ڪهڙي مدد ڪري سگهان ٿو؟”
چيائين؛ “مون کي پڪي قلعي لڳ راضي شاهه جي درگاهه وٽ ڇڏي سگھين ٿو؟“
”ڇو ڪا باس باسيل اٿئي ڇا؟”
منهنجي سوال تي اهڙو گهرو ساهه کنيائين، ڄڻ ڪو اندر مان سامونڊي طوفان ٿي نڪتو هجي. وراڻيائين؛ “باس باسڻ لاءِ نه پيو وڃان، پر جيڪي جوانيءَ ۾ سوين باسون باسيون هئم، اهي واپس وٺڻ پيو وڃان.”
مون کي هن جي ڳالهه ٺپ سمجهه ۾ ڪو نه آئي. سوچيم؛ ’سيءَ ۽ عمر سبب، شايد سندس دماغ چڪرائجي ويو آهي. باسيل باس ڀلا ڪا واپس ٿيندي آهي ڇا؟ ورتل سامان ڳوٺ جي هٽ وارو ئي واپس ناهي وٺندو. پير فقير ڪي واندا ٿورئي آهن.‘
مون ساڻس همدرديءَ وارو اظهار ڪندي چيو؛ “اوهان شايد مون سان مذاق پيا ڪريو. درگاهه تي آئون ضرور وٺي هلان ها، جيڪڏهن مون وٽ ڪو وهٽ يا سواري هجي ها، آئون پاڻ پنڌ پيو وڃان. آئون اوهان کي باهه جو مچ ٻاري ڏيان ٿو. اڌ رات گذري وئي آهي، باقي رات به گذري ويندي. صبح سوير هتان ڪا نه ڪا سواري ملي ويندي. مون وٽ ڪجهه ڏوڪڙ آهن، سي به اوهان کي ڏئي ٿو وڃان. اهي ڀاڙي طور اوهان کي ڪم ايندا”.
هن مون تي هڪ نظر وڌي، پوءِ ڀڻڪندي چيائين؛ “تون منهنجي ڪم جو ناهين. تون ڀلي هليو وڃ”.
آئون منجهي پيس. نه هو منهنجي ڳالهه سمجهي رهيو هو، نه آئون هن جي. پوءِ خيال آيم ته هن پيرسن سان اجايو مٿو کپائڻ بدران هليو وڃان. صبح تائين نئين ڪوٽ پهچڻو هو، جتان هڪ لاري لاڙ ويندي. جتي مال ڇڏي، ڳوٺ پوڙهي امان کي ڏسڻ ويو هئس. وري دل ۾ خيال آيو ته پيرسن مدد لاءِ آواز ڏنو آهي، هن جي ڳالهه سمجهي پوءِ اڳتي وڃان. مون اجهامندڙ باهه ۾ ٻيهر ڪاٺيون ۽ سڪل گاهه وجهندي کانئس پڇيو؛ “ڀلا اهي ڪهڙيون باسون آهن جيڪي اوهان جواني ۾ باسيون ۽ پيريءَ ۾ ڪيل سکائن تان هٿ کڻڻ پيا وڃو؟”
هن ٻيهر ٿڌو ساهه کنيو. مون محسوس ڪيو ته اندر ۾ روئي رهيو هو. هو همٿ وارو ماڻهو هو. لڙڪن جي سمنڊن کي اکين جي بندن اندر روڪي رهيو هو. هن لڙڪن سان ڀريل نڙيءَ کي ڳيت ڏيندي وراڻيو؛ “پٽ لاءِ باسون باسيندو هئس. پاڏا قربان ڪندو هئس، رات جا اوڄاڪا ڪندو هئس..”
“پوءِ ڇا تنهنجي پٽ واري هڪ به سکا پوري ڪو نه ٿي؟” سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي پڇيم.
هن ڪنڌ، نھ ۾ ڌوڻيندي، وراڻيو؛ “باس پوري ٿي. ستن ڌيئرن بعد هڪ پٽ ڄائو. سال اڳ پرڻايو اٿمانس.”
مون وراڻيو؛ “پوءِ ته خوشنصيب ماڻهو آهين. سڀ اميدون پوريون ٿيئي. هاڻي باس واپس وٺڻ وارو جملو نه چئو. ان جو غلط مطلب ٿو نڪري. تون چئو ته آئون شڪرانو ادا ڪرڻ پيو وڃان”.
هن ڪاوڙ مان مون تي نگاهه وڌي. پهرين زمين ڏانهن ۽ پوءِ آسمان ڏانهن نگاهه وجهندي چيائين؛ “تو شادي ڪئي آهي؟”
چيم؛ “نه! امان چوي ٿي؛ هيل سانوڻ ۾ جيڪڏهن مينهن وٺا ته تنهنجي شادي ڪرائينديس”.
چيائين؛ “ڪڏهن به اولاد لاءِ ڌڻيءَ در نه ٻاڏائجان. ڪڏهن به درگاهن تي وڃي باسون نه باسجان، خاص ڪري پٽ جي اولاد لاءِ. جيڪو نصيب ۾ هوندو، اهو ٿيندو. نه ٿيندو ته ان جو ڏک گهٽ آهي. پر جڏهن پڙ وجهي، پني، باسون باسي، چلا ڪاٽي پوءِ ڪو اولاد ٿئي ٿو ۽ اهو نالائق ٿي پوي ته اهو ڏک بي اولادي هئڻ کان وڏو ڏک آهي.”
ايئن چئي هو ٻيهر ماٺ ٿي ويو. هاڻي هن جي اکين جا بند ڪمزور ٿي چڪا هئا. ڳوڙها سندس اڇي ڏاڙهيءَ تان ٿيندا، ٿر جي سڪل واريءَ تي ڪري رهيا هئا. مون سندس ڪلهي تي هٿ رکيو. آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ڪافي دير لڙڪ لاڙڻ بعد وراڻيو؛ “اڄ سائو سومار آهي. اڄ رات وڃان پيو ان درگاهه تي، جتي پٽ لاءِ باسون باسيون هئم. اڄ ان پٽ مون کي گهران لوڌي ڪڍي ڇڏيو آهي. آئون درگاهه تي وڃي اهي ڪيل سڀ سڏ ۽ صدائون واپس ٿو وٺڻ چاهيان، جيڪي مون پٽ جي اولاد لاءِ گهريون هيون.”
ائين چئي هو سڏڪن ۾ پئجي ويو.
آئون سندس ڳالهه سمجهي چڪو هئس. مون وٽ کيس ڏيڻ لاءِ آٿت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. مون مچ ٻارڻ لاءِ وڌيڪ ڪاٺيون ويجهيون ڪري ڏنيون ۽ سندس ڪلهي ٿي هٿ رکي موڪلائي وڃڻ لڳس. پٺيان ٻيهر سڏ ڪندي چيائين؛ “هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ! نالائق اولاد کان بي اولادي ڀلو آهي.”
آئون هن جا لڙڪ، سڏڪا، ڏک ۽ درد اتي ڀٽ جي پاسي ۾ ڇڏي، وڏا وڏا قدم کڻي نڪري ويس.

No comments:

Post a Comment