Tuesday, January 28, 2020

تمنا نه رھي - صدام حسين ڪولاچي


تمنا نه رھي
مختصر ڪھاڻي
صدام حسين ڪولاچي
هوءَ سوين ماڻهن جي هجوم ۾ به اڪيلي هئي، کيس ڪائنات بي اثر، ٻوڙي، گونگي ۽ معذور ٿَي لڳي، ماڻهن جي اکين تي کوپا نظر آيا، سمنڊ ڪناري ويهي پنهنجا اهنج گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي، مون ننڍپڻ کان ئي ٻڌو هو ته؛ پرائي عورت سان ڳالهائيندين ته اُها رد عمل ضرور ڏيندي. پوءِ اهو سٺو ۽ خراب ٻنهي صورتن ۾ ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري مان سمنڊ ڪناري ڪلاڪين اڪيلو ويهي، ڪڏهن ويرن ته ڪڏهن هن حوا-ڄائيءَ کي ڏسندو رهندو هئس. جڏهن هوءَ ڏسي وٺندي هئي ته تڪڙ ۾ منهن ڦيرائي ويهي رهندو هئس ۽ ڪلاڪين وري نه ڏسندو هئس. ائين ڪندي ڪيئي هفتا گذري ويا، شايد! اسان ٻئي هڪ بيماريءَ جا مريض هئاسين. دل گهرندي هئي ته وڃي ڳالهايانس پر پوءِ فيصلو تبديل ڪري ڇڏيندو هئس. نيٺ هڪ ڏينهن دل وڏي ڪئي ۽ وک کڻي ڀر ۾ وڃي ويٺومانس.


“آپ يهان نئي آئي هو؟” هن پڇا ڪئي.
وراڻيم ته؛ “نهين! چار سال هوگئي هين”
نرم لهجي ۾ پڇا ڪيائين ته؛ ”سنڌي هو؟“
ڪنڌ لوڏيندي ها ڪيم.
ائين ڪيئي ڏينهن سوالن جوابن جا سيڪشن پئي هليا. مونکي به آچر جي شام جو بي صبري سان انتظار ٿيڻ لڳو. ائين لڳڻ شروع ٿيو ته مان جيئندو ئي رڳو آچر جي شام لاءِ آهيان. هوءَ بي حد خوبصورت هئي. کيس ڪڏهن مرڪندي ته ڪو نه ڏٺو هو. پر اکيون کڻي نيهاريندي هئي ته مان بي وجود ٿي ويندو هيم. سمنڊ ويرن ذريعي سندس تعارف ڪرائيندو هو، هر هر اچي دماغ جا ٺڪاءُ ڪڍندو هو ته؛ ”هيءَ مون کان به گهري اٿئي! جيڪڏهن ڪجهه ٻيو سوچيو اٿئي ته پهرين مون کان وڏو ٿيڻو پوندئي. سوچ ۽ سمجهه کي پاسيرو رکڻو پوندئي.“
ننڊ رسي ويندي.
مان تاءَ ۾ اچي چوندو هئس ته؛ ”هل چريا! تو کي ڪهڙي خبر! وڃي ڪناري سان ڀاڪر ڀر! ڇوليون کاءُ! پٿرن سان پيار ڪر! تو کي ڪهڙي خبر ته محبوبا جو مرض ڪيڏو نه وڻندڙ آهي؟!؟!“
نيٺ هڪ ڏينهن کانئس پڇيم ته؛ ”اڪيلي ويٺي هوندين آهين. مڙس يا ٻار گڏ ناهن ايندا ڇا؟
منهنجي اهڙي سوال تي سندس چهري جو رنگ مٽجي ويو. اکيون ڳاڙهيون ٿي ويس ۽ مون کان منهن ڦيرائي وراڻيائين. مان اٿڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن ٻانهن ۾ جهلي ورتو ۽ لڙڪ اگهندي چانڊوڪيءَ ۾ آسمان ڏانهن نيهاريندي چيائين ته؛ ”ڇا ٻڌايان؟ هر لفظ ڪهاڻي آ! خوابن جو طوفان سمايل اٿم! لڙڪن چهري تي ائين لنگهه ٺاهيا آهن، ڄڻ ڪا ٻوڏ آئي آ! رهزن آهيان، جيڪڏهن ڪير ارمانن جي قتلام تي سزائون مختص ڪري ها ته مان ڪڏهن جو سوليءَ ٽنگجي چڪي هجان ها. سڏڪن تي بندش پوي ها ته صليب تي ٽنگيل هجان ها. آخر تون به چٿرن ۽ مهڻن واري معاشري جو حصو آهين. ستم ستايلن جا ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي سگهه ڪٿان آڻيندين؟.“
هيءَ لفظ ٻڌي، سمنڊ تاءَ ۾ آيو. پٿرن سان ٽڪرائجڻ شروع ڪيائين ته خاموش ٿي ويس. سمنڊ، ڪڏهن ڪاريهر بڻجي وڃي ته ڪڏهن پٿرن کي اچي چئي ته؛ ڏس ڏاڪڻيون چڙهڻ شروع ٿيو اٿئي. پکين جي چو چو بند ٿي وئي. هوڙا بيهجي ويا. اکين اهي منظر ڏٺا، جيڪي ڪڏهن نه سوچيا هئا.
”مان ته تو کي پهرين ڏينهن ئي سمجهي وئي هيس ته تنهنجي طبيعت به مون جهڙي آهي. ڇا تو سان به ماڻهو گهٽ پيار ڪندا آهن، هر ڪو سمجهندو آهي ته تون سائيڪو، يعني چريو آهين.“ هن چيو.
مان وري ڪنڌ لوڏيو
”نالو ڇا اٿئي؟“
هن نرم لهجي ۾ ورندي ڏني ته؛ ”تمنا!“
”سٺو نالو آهي. تمنا جو مطلب خواهش آهي. تنهنجي ڪهڙي خواهش اڻپوري آهي جو هتي اڪيلائپ جو شڪار آهين؟“
چنڊ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته؛ ”هيءُ به جواني چڙھيو آهي. ڪيڏو نه خوبصورت ٿو لڳي. اڄ ڪروڙين ماڻهو هن ڏانهن غور سان ڏسندا هوندا. ڪير پرين جو نياپو ڏيندو هوندس ته ڪير ڏوراپو. هر ماڻهوءَ کي رڳو پنهنجو مطلب ياد هوندو. پر جڏهن ڪنهن کي اهو چنڊ ملي وڃي ته اهو نقص ڪڍڻ شروع ڪندس. مان به شايد! ائين ٿي وئي آهيان. ماءُ پيءُ حادثو ڄاڻائي ماريا ويا. اڪيلي ڌيءَ هيس. لالچي مڙس ملڪيت خاطر ڪجهه ڏينهن اهميت ڏني پر جڏهن ڊاڪٽرن چيو ته اولاد ڪو نه ٿيندئي ته اُن به اِن چنڊ جيان مون ۾ داغ ڳولي لڌو ۽ طلاق ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيائين.“
جهٽ کن لاءِ دل گهريو ته ڀاڪر ڀري آٿت ڏيانس پر پوءِ پاڻ سنڀاليم ته ڪٿي غلط نه سمجهي. ”الله وڏو آ!“ چئي جذبن ۽ احساسن کي گهاڻي ۾ گهوٽي ڳيت ڏئي ويس. ڪيترا ئي پهر گذري ويا. ٻئي ماٺ رهياسين.
تمنا جي ڳالهين، جيءُ جهوري وڌو هو. منهنجي، عورت بابت سوچ، نظريو تبديليءَ جي چوٽ چڙهيا ۽ ڊگهو ساهه کنيم ته ائين لڳو ڄڻ ڪو بگهڙن جي دنيا جو رهاڪو هجان، جتي طلاقيل عورت جي ڪا حيثيت ناهي. عورت ۽ مرد کي برابريءَ جا حق مليل هئڻ جا فسلفا ضرور آهن پر حقيقت ۾ اهڙو ڪجهه ڪونهي. هتي رڳو مرد کي اهميت ملندي آهي ۽ هو هر گناهه ۾ معافيءَ جو مستحق قرار ڏنل آهي. ذهن ۾ سوال آيو ته ڇا عورت ائين ئي هن بدبخت معاشري جي گهاڻي ۾ پيڙهبي رهندي؟
تمنا مونکان موڪلائڻ کانسواءِ ئي هلي وئي. ڀانيم ته؛ هن سمنڊ کان وڌيڪ ڏک، درد ۽ تمنائون سندس اندر دٻيل آهن. مان کيس ڪو نه روڪيو. پوئتي نه پئي نيهاريائين. شايد! لڙڪ اگهي رهي هئي.
پنج هفتا گذري ويا. وري تمنا سمنڊ ڏانهن وک ڪو نه کنئي. تمنا هيم ته هڪ ڀيرو ملي ته کيس چوان ته؛ ”تنهنجا سڀ خواب آئون پورا ڪندس.“
کيس ڏاڍو ڳوليم، پر ڏس پتو نه پيو. ڪجهه ڏينهن بعد خبر آئي ته گلشن اقبال مان عورت جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو. جنهن جي سڃاڻپ تمنا طور ٿي. پنهنجي هٿن سان خبر پئي ٺاهيم. لڙڪن جو مينهن وسندو رهيو، ڪي بورڊ پاڻي ٿي ويو. آفيس جي خالي ڪمري ۾ وڃي ٻارن جيان دانهون ڪري رُنس. اوچتو تمنا اکين آڏو اچي وئي. لڙڪ اگهندي چيائين ته؛ ”هر لفظ ڪهاڻي آ! هر دور جي پڄاڻي آ! بس تون جيئڻ سک!“
مان لڙڪ اگهندي ڪنڌ لوڏيم ته؛ ”ها! ضرور!“
۽ هوءَ هلي وئي.
هاڻ سامونڊي ڇولين سان پيار ٿي ويو آهي. بس افسوس اٿم ته تمنا نه رهي.

No comments:

Post a Comment