Monday, February 3, 2020

ڍاڻيءَ جو موت - ممتاز ڪنڀر


ڍاڻيءَ جو موت
مختصر ڪھاڻي
ممتاز ڪنڀر
پوڙهي چئن راتين کان سڪون جي ننڊ نه ڪري سگهي هئي. سندس اکين کان ننڊ رسي وئي هئي. کيس پيڙهياتي غربت ايڏو دل شڪستو نه ڪيو هو، جيترو ڪمپني جي ڏنل الٽيميٽم، جنهن تحت ڊولپمينٽ وارو ڪم ٿيڻ ڪري کين اباڻا ڪک ڇڏڻا هئا. سندس ڪيتريون ئي پيڙهيون، انهيءَ ڍاڻي ۾ گذريون هيون. ڏڪارن سڪارن، لُکن جهولن ۾ سندس زندگي گذري هئي. هوءَ ڪکائين گهر مان، آسمان ۾ بيٺل تارن کي ڏسي سوچي رهي هئي؛


“ڏوڪري او ڏوڪري! لولو کائو ٿا؟” پنهنجي ننهن کيس ماني ڏيڻ لاءِ سڏ ڪيو هو. اونداهي رات، پهرين تاريخن واري چيٽي چنڊ جي جهيڻي روشني سندن ڪچي اڱڻ ۾ ٻارڙن کي راند لاءِ همٿائي رهي هئي.
“ها... ها .......... امان ڏي”. ننهن ماني ۽ سڪل سڱرين جو ساڳ کڻي آئي.
“لالو ماني کاڌي آهي؟” هن ننهن کان پڇيو.
“نه امان هو ڪمپني وارن جي ميٽينگ تي ويو آهي”
“هاڻي اها ميٽنگ ڪهڙي ڪم جي، ڳوٺ مان ته لڏائين ٿا” هوءَ سڏڪي پئي.
“امان دل وڏي ڪر، پاڻ کي پڪا گهر ٺهرائي ڏيندا”.
سامهون واري ڀٽ تي ڏنل لوڙهو، اتي بيٺل پراڻا ڪنڊين جا وڻ، جنهن قبرستان ۾ سندس پيءُ، ماءُ، مڙس ۽ لالوءَ جو اهو معصوم دفن آهن، جيڪو گذريل سال بيماريءَ ۾ فوت ٿي ويو هو.
هوءَ ماني کائي، وري سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ ٿي لڳي.
“امان او امان ... امان” سندس پٽ لالو، کٽ تي سندس پاسي ۾ ويهندي، سڏ ڪيو.
“جي ابا جي!”
“امان ميٽنگ تي ويو هئس. ڪمپني وارن سان جهيڙو ڪيو ته اسان جا مور مري ويندا، ٻنيون ختم ٿي وينديون، کوهه کارا ٿي ويندا. پاڻي جو زهر، هزارين ايڪڙ زمين کي برباد ڪري ڇڏيندو. اسان جا روزگار ختم ٿي ويندا ...”
“پوءِ ابا هي مڪان، مائٽن جا هڏا ...؟”
“اَمان اهي سڀ پٽ ٿي ويندا.” هو روئي پيو، ته ماءُ به سڏڪي پئي.
“لالا امان! ڇو ٿي روئين؟” سندس پوٽي ڊوڙي اچي ڀاڪر پاتو.
“پٽ پاڻ سڀاڻي هتان لڏي هلنداسين”.
“ڪيڏانهن امان؟ ناري هلنداسين لاباري تي؟ کيکڙي تي چڙهي، پوءِ ڏاڍو مزو ايندو، ناري ۾ ڀلا فصل آهن. ساوا مرچ ۽ ڳاڙها مرچ. وڏي جام ڪڻڪ، پاڻي جا واٽر ڀريل، اسان وهنجنداسين، ڏاڍا مزا ايندا.” هو خوشيءَ مان ڊوڙي پنهنجي ماءُ، جيڪا سانجهڻ ڪري رهي هئي، ان وٽ ويو ۽ چيائين ته؛ “امان پاڻ سڀاڻي ناري هلنداسين لاباري تي.”
“ها ٻچڙا ها، ضرور.” هوءَ کيس ڀاڪر ۾ ڀري روئڻ ٿي لڳي.
سڀ زور سان روئڻ لڳا. پاڙي وارا ڊوڙي آيا، ته؛ ”ڇا ٿيو ڇا ٿيو ... ڪير... ڪٿي، ڪيئن، ڇو ۽ ڇا لاءِ؟!“
“پاڻ سڀني کي لڏڻو آهي.” لالو رڙيون ڪندي چيو ۽ پوءِ سڀ روئڻ لڳا. ڄڻ سڄي ڍاڻي جو موت ٿي چڪو هو!


(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار ۾ پھرين فيبروري ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment