Tuesday, February 18, 2020

ڪرونا وائرس - دلشاد ڪڇي


ڪرونا وائرس
مائيڪرو فڪشن
دلشاد ڪڇي
ان ڳوٺ جو بداخلاق، ظالم ڀوتار جو گھمنڊ ان وقت مٽي ۾ مليو، جڏهن کيس پراسرار وبا وڪوڙي وئي. ڊاڪٽرن مطابق سندس بيماري خطرناڪ ۽ وچرندڙ آهي، هن مان ٻين کي به وائرس لڳي سگھي ٿو، ان ڪري احتياط ضروري آهي.


ڏينهن رات اوطاق جي حاضري ڀريندڙ، خوشامد ڪندڙ سندس واٺن به هن وٽ اچ وڃ ڇڏي ڏني. چين ۾ پکڙجندڙ ڪورونا وائرس جو هر طرف هل هو. ڪنهن شرارتي نوجوان پوري ڳوٺ ۾ اها ڳالهه هلائي ته هي ڀوتار شهرن ۾ وڏين هوٽلن تي چائينيز کاڌا کائيندو هو، تنهن مان کيس به اهو ساڳيو “سوئراڻو وائرس” لڳي ويو آهي. ان ڪري ڪير به ڀوتار جي ويجھو نه وڃي. ان ۾ ئي سڄي ڳوٺ جي ڀلائي آهي.
اھي ڳالھيون ٻڌي، ڳوٺاڻن به اهو پڪو پهه ڪيو ته؛ ڀوتار ڀلي ماري ڇڏي پر سندس بيماريءَ هٿان مرڻ قطعي پسند نه ڪنداسين. هنن سندس اوطاق جي ڀرسان ئي گذرڻ ڇڏي ڏنو ۽ وڃي ٻيا گس ورتائون. ايتري قدر جو هن جا ذاتي ملازم جيڪي سندس خوف کان چري به نه سگھندا هئا، اهي هاڻ سندس بيماري جي خوف کان ڳوٺ ئي ڇڏي ڀڄي ويا.
هاڻي سندس اوطاق ويران آهي. ڀوتار خود ڪنهن وٽ وڃي به نه ٿو سگھي، ڇو جو هن کي ٻاهر نڪرڻ لاءِ به اهي سڀ سهولتون گهرجن جيڪي سندس بنگلي کانسواءِ ڳوٺ ۾ ٻيو ڪٿي به ناهن. ڳوٺ اندر آساني سان هلي به نٿو سگھي!!

No comments:

Post a Comment