Monday, July 5, 2021

ڪهاڻي ڪتاب ”ميران جوڳڻ“ جو اڀياس - امداد ڪانهيو

ڪهاڻي ڪتاب ”ميران جوڳڻ“ جو اڀياس

امداد ڪانهيو



سنڌي ادب ۾ مرد تخليڪارن جي سگهاري ڪردار رهڻ سان گڏ، عورت ليکڪائن جو به جٽادار حصو رهيو آهي. جتي مرد تخليڪار سنڌي ادب جي جهول ۾ پنهنجي فنپارن جا شاهڪار سِتارا ڀريندا رهيا آهن، اُتي سنڌي جي عورت ليکڪا به هر دور ۾ ڀرپور نڀائيندي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، پوءِ اُها شاعره هُجي يا ڪهاڻيڪاره پر سندس تخليقي پورهيو ڪنهن به طرح نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.


شميم مري شاعره به آهي ته وري ڪهاڻي کيتر ۾ ڪهاڻيڪاره طور اُڀري ويجهڙ ۾ پڙهندڙن اڳيان پُڻ آئي آهي، جنهن جو مثال سال ۲۰۱۸ع ۾ سندس پڌرو ٿيل ڪهاڻين جو ڪتاب “ميران جوڳڻ” آهي.

شميم مري جي ڪهاڻي ڪتاب جي نانءُ منجهان ئي اندازو ٿي پوي ٿو ته سندس قلم سماج جا ڪي سياهه پردا چاڪ ڪرڻ جي راهه تي گامزن آهي.

شميم مري جي هن ڪهاڻي ڪتاب جي ٽائٽل ڪهاڻي ميران جوڳڻ آهي، جيڪا ڪتاب ۾ موجود سڀني ڪهاڻين کان آخر ۾ ڏنل آهي، ڪتاب ۾ بهتر ڪهاڻين سان گڏ گهڻيون فلئش فڪشن جون مختصر ڪهاڻيون ۽ ڪئي خيالي ڊائري ورق يا چُٽڪلا به ڪهاڻي جي نانءُ ۾ پُڻ موجود آهن، هن ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي جونالو رشيدان اوڏڻ آهي.

 اوچتا آيل ڪردار جا اهڙا مڪالما، جيڪي ڪهاڻي جي مزاج يا ڪردار جي بيهڪ ۽ جوڙجڪ سان نه ٺهڪندڙ هجن سي به ڪهاڻي کي سواليه نشان آڇيندي ڏسجن ٿا، جيئن، “ڪربلا جهڙي ان ڪرب ۾ ڪاڪا نهال پنهنجي گهر جي ڇت تان بيهي مڪلي جي قبرستان ڏي نهاري رهيو هو”.

ڪهاڻي ميران جوڳڻ جو ڪلائمڪس قابل داد آهي پر ڪردار جي سُڃاڻپ سموري ڪهاڻي کي بي مزه ۽ جُڙتو بڻائيندي ڪهاڻي جو سموري جوهر کي ڌڪي ٿي.

ڪهاڻي گڏيل ٻار، غيرت، عاقبت، اوٻر، نوران، ڏنگي ۽ اڻپور، پنج سو روپيه چڱيون ڪهاڻيون آهن، باس، جانڻ سائين ۽ سنيل هن ڪتاب جي بهترين ڪهاڻين واري حثيت جون حامل ڪهاڻيون آهن.

ڪجهه ڪهاڻين جا مڪالما، جُملا ڏجن ٿا جيڪي تخليقي ۽ ڪڙي سچ جهڙا آهن، جن کي پڙهندي ذهن سان گڏ دل به ڪٿي ڪٿي ڇرڪ ڀري ٿي وٺي، اهڙا جُملا ۽ مڪالما ڪهاڻيڪاره جي تخليقي ذهن ۽ نِجي ڏات جي اپٽار ڪندي نظر اچن ٿا.

ڪتاب جي مختلف ڪهاڻين ۾ موجود اهڙا نج نبار تخليقي جملا ڪهاڻين کي حُسن ۽ جٽاءُ بخشين ٿا ته اُتي وري ڪجهه بي لباس جُملا به ڪهاڻين ۾ آهن، جيڪي شميم مري جي ڪهاڻين کي اگهاڙو ڪرڻ سان گڏ عورت کي جا بجا بي لباس ڪندي معلوم ٿين ٿا، جئين،

مهيني واري ماهه واري نه ايندي هُين، شهر جي شريفن جون شلوارون خلوت جي خواهش ۾ آليون ٿيڻ لڳنديون هيون، رشيدان جي چڪلي جا گراهڪ بدليا پئي، مڙسهنس کي زميندار جي زمين کيڙڻ ته آئي پئي پر رشيدان جي دل جي سرزمين ڪيئن کيڙجي، راشد کٽ تي اونڌو ڦٿڪيو پئي ۽ استاد مٿس سريو پئي (ٽڪور)، ڇلڪندڙ ڇاتيون، اڀريل اُرهه، عورت جي اُرهن تي پيس، نرن منجهه پاڻي سُرندو محسوس ڪيائين (دونهين)، پوتي اوڍيندي پهريون دفعو مونکي پنهنجي وڌندڙ ڇاتي جو احساس ٿيو ۽ مون ڇاتي جي ٻنهي پاسي کٽي کٽي پر وڻندڙ خارش محسوس ڪئي (سنيل)، نورو تڪڙ تڪڙ ۾ ڪم ٽپائي اچي سيٺ سامهون سر جهڪائي بيهي رهندو هو (اوٻر)، وک تي بيٺل جنتر ڏي ٿا هلون پر ڀوتار ايترو صبر ڪري ته ڇُٽي پوي، سو اتي ئي هڪ ٻه لوڏا هڻي اڳٺ ٻڌي ٿيو روانو....

 ليکڪ بيشڪ بيمار سماج جو نبض شناس طبيب آهي پر هر عمل جو طريقو آهي، ائين ته ناهي جو بس جيئن دل ۾ اچي ڪجي!؟. منٽو جنسيات جي موضوع تي جام لکيو آهي، اسان کي اهو پڙهي ڄاڻڻ گهرجي ته اديب ڪيئن ٿو سماجي بُراين کي فني انداز ۾ چِٽي پيش ڪري. جيڪو سماجن، معاشرن ۾ بُراين، بُڇڙاين ۽ حرامپاين جو ڪُڌو ڪم پسجي ٿو، ان کي ڪهاڻي جي روپ ۾ بلڪل ڏئي سگهجي ٿو پر قبول تڏهن ڪري سگهجي ٿو جڏهن اُهو انهن محرڪات جي مطابق ۽ موافق هجي، پر جي ٺهڪندڙ نه هجي، واڌو هجي، اجايو ورجاءُ هجي ته قبول ڇا اهو سڀ پنهنجي اهميت ۽ افاديت به وڃائي ويهي ٿو.

ميران جوڳڻ تي لکيل پنهنجي رائي ۾ اختر حفيظ لکي ٿو ته، “هوءَ شاعري لکندي لکندي پاڻ کي ڪهاڻيڪاره ڪري ويٺي ۽ انهن مان ڪيتريون ئي اهڙيون (ڪهاڻيون) آهن جيڪي اڌ جاڳ ۽ ننڊ واري ڪيفيت ۾ لکيل آهن پر کيس خبر آهي ته ڪهاڻي وسيلي سماج کي ڪيئن ڦلهوري انهي کي پڙهندڙ اڳيان رکي سگهجي ٿو.”

مُحترم اختر حفيظ ضرور هن ڪتاب جون سموريون ڪهاڻيون پڙهيون هونديون يا وري شايد سڀ جون سڀ نه به پڙهيون هجن پر هن ڪتاب ميران جوڳڻ جي مطالعي بعد اختر حفيظ جي رائي سان سهمت نٿو ٿي سگهجي، هن ڪتاب جون اڌ جاڳ ۽ ننڊ واري ڪيفيت ۾ ڪيتريون ئي لکيل ڪهاڻيون (بقول اختر حفيظ جي) آخر ڪهاڻي ڪيئن ٿيون سڏي سگهجن؟؟. ڪهاڻي ته سُجاڳ ذهن، سالم ڪيفيت ۽ جائيتي هوش حواس ۾ فڪري ۽ فني ترتيب سان لکجي، ڪهاڻي لکڻ نه فقط هڪ تخلياتي پر اُن سان گڏ نِج تخليقي ڪم پُڻ آهي، ان لاءِ اول ڪهاڻي جي جُزيات، ڪهاڻي جي بُنيادي اصولن ۽ ڪهاڻي جي گهاڙيٽن کي سمجهڻ لازمي امر آهي ۽ ان ڪارڻ ڪهاڻي جي صنف تِهائين وڌيڪ ڌيان طلبيندڙ گُهرج رکي ٿي.

 محترم نواز خان زنئور به لکي ٿو ته، “هوءَ جنهن به موضوع کي پنهنجي قلم جي نوڪ سان ڇُهي ٿي، ان کي زنده جاودان بڻائي ڇڏي ٿي، هن جو قلم پارس به آهي، جنهن جي ڇُهئي حرف حرف سون ٿي جرڪڻ لڳي ٿو، هن جو قلم وقت جي اڻمٽ مُهر به آهي، جيڪا ڪاغذ جي گداز سيني تي سدا سلامت رهڻي آهي.”

مُحترم ليکڪ نواز خان جو چوڻ ته موضوع زنده ٿي پوي ٿو، سو کڻي ڪنهن لحاظ کان درست به هجي پر سندس پيش ڪيل ڪاغذ جي گداز سيني واري تشبيهه ميران جوڳڻ جي انيڪ ڪهاڻين جي مزاج سان ڀرپور ٺهڪندڙ ته آهي پر محسوس ائين ٿئي ٿو ته زئنور صاحب جذباتي اولڙي ۾ ڪجهه وڌاءُ لکي ويو آهي ته هن جو قلم وقت جي اڻ مٽ مُهر به آهي، حقيقت ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي، جو مذڪوره ڪتاب جون انيڪ لکڻيون ساڳي موضوع تي رهندي ورجاءُ ۽ ساڳي جذبي جي تشريح ڪندي نظر اچن ٿيون.

هي سڀ رايا ڏاڍا دلچسپ ۽ دلفريب آهن، مان سمجهان ٿو ڪنهن به پڙهندڙ کي اول هي رايا پڙهڻ بجائي پهرين هن ڪتاب ميران جوڳڻ جو مڪمل مطالعو ڪرڻ گهرجي ۽ تنهن بعد ئي پوءِ هي سڀ رايا پڙهڻ گهرجن، اهڙي طرح هن ڪتاب سان گڏ شامل راين مان به تمام گهڻو محظوظ ٿي سگهجي ٿو.

هن ڪتاب ۾ ليکڪه جي ڏنل چوئيتاليهه ڪهاڻين مان گهڻيون ڪهاڻيون هڪ صفحي يا ٻن صفحن جون آهن، تنهن مان با آساني اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڪا به ڪهاڻي ڊيگهه ۾ ناهي.

ڪنهن به پنهنجي مختصر لکت کي ڪهاڻي سمجهڻ، ڪهاڻي سان انصاف ناهي، ڪهاڻي رڳو ڪا لکت ناهي، ڪابه عام لکڻي ڪهاڻي نٿي ٿي سگهي، ڪهاڻي جا به ڪي مُحرڪات هوندا آهن.

 موضوعن جي چونڊ به ڪهاڻي لاءِ وڏي اهميت جي جڳهه رکي ٿي پر هن ڪتاب ۾ موضوع جي چونڊ ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پنهنجي پهرين ڪهاڻي ڪتاب ميران جوڳڻ ۾ شميم مري جيڪي به ڪهاڻيون، فلئش ڪهاڻيون ۽ نثري ٽُڪرا ڏنا آهن سي تقريبن جو تقريبن سڀ پنهنجي موضوع ۾ جنس، جنسيت، جنسي عمل واري هڪ ئي المئي تي آڌاريل آهن.

حيرت جهڙي ڳالهه اها به آهي ته هن ڪتاب ۾ ڪجهه ٻه چار سٽن جون اهڙيون ڳالهيون به ڪهاڻيون ڪري شامل ڪيون ويون آهن، جيڪي ڪنهن به حوالي کان ڪهاڻي نٿيون سڏي سگهجن. ڪهاڻي جي فارميٽ، ڪهاڻي جي گهاڙيٽي، ڪهاڻي جي لوازمات کان خالي، وانجهيل اُهي چُٽڪلا به ڪهاڻي ڪري شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي ڪنهن به طرح ڪهاڻي جو ڪو تاثر ئي نٿا پڙهندڙ کي ڏئي سگهن.

 مان سمجهان ٿو ته لِکڻ يعني ڏات جهڙي صلاحيت رکندڙ ڪنهن به نئين ليکڪ توڙي ليکڪه کي جيڪر فقط ڪنهن هڪ ئي موضوع ۾ گرفتار ڏسجي ته کيس ٻين موضوعن ڏي سوچڻ، لوچڻ، فڪر ڪرڻ ۽ لکڻ لاءِ همٿائي.

اديب ۽ ادب سماج جو ذميوار پاسو آهي، ذميوار حصو آهي، ان ۾ لاپرواهي جهڙو سمجهوتو ناقابل تلافي نقصان آهي، اُن لاءِ ذهن جي دريءَ مان ٻين مڙني ڪهاڻين کي نِت نئين ڍنگ ۽ رنگ ۾ ڏسڻ، ڳولڻ ۽ لکڻ جي صلاح ڏيڻ جي به اشد ضرورت محسوس ڪجي ٿي.

شميم مري جي مزاج ۾ ڪهاڻيڪاره بيشڪ موجود آهي، ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي پر ان کي ظهور پذير ڪرڻ لاءِ کيس تمام گهڻي محنت جي طلب ڏسجي پئي ته جيئن انهي ڪهاڻيڪاره کي شميم مري دريافت ڪري سگهي، ڪهاڻي کي پنهنجي گهاڙيٽي، ويزن ۾ ڳولي لهي سگهي، باقي هن ليک کي ڪنهن به انفرادي ذات، شخصيت، فرد کي نشانو بڻائڻ لاءِ موضوع نه ڪيو ويو آهي.

وقت جي اهم ضرورت آهي ته اسان پڙهندڙ پاران پڌري ٿيندڙ ادبي ڪتابن تي مثبت رائي ۽ اصلاحي تنقيد جي ونڊ ورڇ ڪندي اهو ڄاڻي سگهون ته اسان جي سرجيل تحرير جو مان مقام ڇا آهي ۽ ڇا هئڻ گهرجي!.

 

(امداد ڪانھيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۵ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي کنيل)

(مهيني وار همسري مئگزين جولاءِ۲۰۲۱ع (سنڌي مخزن) حيدرآباد ۾ مڪمل اڀياس آخر ۾ ڏنل لِنڪ تان پڙهي سگهجي ٿو، هتيفقط اختصار پيش ڪجي ٿو.)

No comments:

Post a Comment