Friday, July 16, 2021

ڇيلي جي عمر - سيف نياز

ڇيلي جي عمر

ننڍڙي ڪهاڻي

سيف نياز



چار ئي دوست اچي هوٽل تي ويٺا.

بيرو آرڊر وٺڻ آيو ته کيس ڇيلي جي گوشت جي ڪڙهائيءَ جو آرڊر ڏنائون!

بيرو آرڊر وٺي هليو ويو ته وري پاڻ ۾ ڀوڳ چرچا ڪرڻ لڳا.

ننڍو بيرو آيو ۽ هنن جي ميز کي ڪپڙو هڻي، صاف ڪرڻ لڳو. هورڙيان چيائينِ؛ ”ھتي ڇيلي جو گوشت صحيح نه اٿو! ٻيو ڪو آرڊر ڏيو!!“

پهرين ته چئني ڄڻن کيس حيرت مان ڏٺو ۽ پوءِ ٽھڪ ڏيندي چيائونس: ”ڀلا تون هن هوٽل جي مالڪ جو دشمن آھين ڇا؟؟ ان جي روزي کوٽي پيو ڪرين!!“


”نه نه ائين ته ناهي!!“ بيرو هٻڪندي، تڪڙ ۾ ميز کي ڪپڙو هڻي وڃڻ لڳو ته هنن مان هڪڙي چيس: ”اسان کي ڇيلي جو گوشت کائڻو آھي! اڄ ان تي موڊ آهي پوءِ ڪهڙو به آھي، کڻي اچ!“

ايتري ۾ وڏو بيرو ھنن لاءِ سلاد ۽ رائتو کڻي آيو ته مزي سان کائڻ لڳا ۽ پاڻ ۾ کل ڀوڳ ڪرڻ لڳا.

ٿوري دير کانپوءِ بيرو تيار ٿيل ڪڙهائي کڻي آيو ۽ سندن آڏو رکيائين. ڪڙھائيءَ جي خوشبوءِ سندن بک کي وڌائي ڇڏيو... بي تاب ٿي، ڪڙهائيءَ مٿان ٽٽي پيا... ائين کائڻ لڳا ڄڻ زندگيءَ ۾ پهريون ۽ آخري ڀيرو کائيندا هجن!!!

کائڻ دوران هڪڙي چيو: ”لوسي بيري جا ڪم ڏٺئي چوي پيو؛ گوشت صحيح نه آھي!“

ٻئي چيو: ”بيرو ٺيڪ پيو چوي.... گوشت ۾ مزو نه آھي!!“ 

”تو کي ڪهڙي خبر....!“ ٽئين ڳالهائيندي چيو؛ ”تو سدائين کاڌيون آھن مئل ڪڪڙيون!!! ڪڏهن ڇيلو کاڌو هجئي ته خبر پوئي.....مان ته هن ڇيلي جي عمر به ٻڌائي سگھان ٿو!!!“

”اڇا!!!!؟“ چوٿين ڄڻي چيو؛ ”ڪيتري عمر هوندي هن ڇيلي جي...!؟“

”ھن ڇيلي جي عمر تقريباً.........“

هن جو جملو اڌورو رهجي ويو...هوٽل ۾ گوڙ وڌي ويو هو. سندن ڌيان، گوڙ طرف ٿي ويو. ڏٺائون ته ڪافي پوليس وارا هئا... جن هوٽل مالڪ کي کڻي سوگھو ڪيو هيو..

”اڙي گڏھ جو گوشت پيو هلائين!!؟“

ھوٽل مالڪ وڏا وڏا قسم کڻندو رهيو ته هڪ پوليس واري چيس؛ ”پڪي خبر پئي آھي ته تون گڏھ ڪهي ٿو هلائين!“

سپاهي هوٽل جي تلاشي وٺڻ لڳا. ٻه سپاهي هوٽل جي اسٽور روم ۾ ويا ۽ ٿوري دير کان پوءِ واپس آيا ته هٿن ۾ گڏھ جي کل ۽ ڪٽيل ڄنگھون هين...

”وڏا! هي حرامي ته واقعي به ماڻھن کي گڏھ جو گوشت ٿو کارائي...!!!“

ھوٽل جي مالڪ جو رنگ ھيڊو پئجي ويو. شوخي ختم ٿي ويس ۽ ڪلها هيٺ لڙڪي پيس... ھنن سميت اڪثر گراهڪن کي الٽي اچڻ لڳي.

انسپيڪٽر غصي مان هوٽل مالڪ کي چماٽ هڻندي چيو: ”ڏس... ماڻھن جي حالت...!!!“ وري سپاهين کي چيائين: ”ھڻوس هٿڪڙي ۽ موجود ماڻھن مان ٻه ٽي شاهد لکو!“

ضروري ڪارروائيءَ کان پوءِ هوٽل کي سيل ڪيو ويو... هي چار ئي ڄڻا به ٻاهر نڪري روڊ سان هلڻ لڳا

 جنهن دوست کي مئل ڪڪڙين کائڻ جو طعنو مليو هو، تنھن طعني ڏيندڙ همراھ کي چيو: ”ڀائو! ٻڌاءِ ته ڇيلي جي عمر ڪيتري هئي!!؟“

ڊاڙي همراه جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو...!!!!

 

(سيف نياز جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۶ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment