Friday, July 2, 2021

ريشمي بوڇڻ - غفار سومرو

ريشمي بوڇڻ

ڪهاڻي

غفار سومرو



سوناري پرڻي کان پوءِ سون چاندي ته ڪو نه کڻي آئي هئي پر سندس ڀاڳ واقعي سون جهڙو سچو کرو هو. هوءَ گهڻي خوبصورت به ڪو نه هئي پر ڪردار ۽ گفتار ۾ ڏاڍي سهڻي سيبتي هئي. منهن مهانڊي ۾ موچاري، رنگ سانورو، قد پورو پنو، پر هاٺي ڪاٺيءَ ۾ مضبوط بدن واري ۽ سخت محنتڻ هئي.


ميهار سان شادي ڇا ٿيس، ڄڻ اڳيون سوجهرو ئي چٽ ٿي ويس. مڇي مانيءَ واري گهر مان هڪ آلو بصرن تي ويلو ٽارڻ واري ڪکائين گهر ۾ اچي پهتي. پنهنجي گهر ۾ وري به لسي مکڻ سان ماني کائي وٺندي هئي، گهاٽي کير واري چانھ پي وٺندي هئي، پر هتي کير مکڻ ته پري رهيو پر لسيءَ لپ به ميسر ڪو نه ٿيس جو سڪل نڙيءَ کي آلو ڪري سگهي.

سندس ساهري گهر ۾ پوڙهي سس کانسواءِ، هڪ ڪن ڍُڪي ٻڪريءَ جو ۽ ٻيو ڪو جانور هو ته رڳو هڪ ڪتو هو، جو به بک وچان هميشه لوڙھي ۾ کوٽيل گور ۾ ستل هوندو هو.

گهر جي ڀرسان ٻارو زمين جو ته هو پر اهو به سالن کان غيرآباد پيو هو، جتي ڪرڙ ڪانڊيرا ۽ ڊڀ ڄمي ويل هئا. ساڳي حالت گهر جي به هئي؛ هڪ ڪچو ڪوٺو، ڪکائين ڇت، چوڌاري ڍنگرن جو لوڙھو، گند ڪچرو، ڪک ڪانا هر پاسي کنڊڙيل، نه ڪو سولو هنڌ بسترو، نه ئي ڪو چڱو ٿانءُ ٿپو.

اڃا سندس هٿن پيرن تان مينديءَ جو رنگ به ڪو نه لٿو ته ميهار هٿ ۾ ڏاٽي ۽ ڪپڙو کڻي ڏنس. صبح شام پرائيءَ ٻنيءَ مان ٻڪريءَ لاءِ ڪانبو ٻڌي، گاھ ڪرڻ سندس روز جو معمول ٿي پيو. ڪجھ ڏينهن ته ميهار ساڻس گڏيو ويندو هو ۽ ايستائين ساڻس بيٺو رهندو هو جيستائين سوناري ڀري گاھ جي نه ڪري وٺندي هئي. واپسيءَ تي اڌ رستي مان پاڻ ته هليو ويندو هو، يارن دوستن ڏانهن ڪچهريون ڪرڻ ۽ سوناري اچي ٻڪريءَ کي گاھ وجهندي هئي. چٻا ٽنڊا ٿانءَ، ڌوئي ٿانئيڪا ڪندي هئي. صفائي سٿرائي ڪري، ماني ڪُني ڪندي ھئي. پاڻ ۽ پوڙھي سس کي ماني کارائي، اڌ مانيءَ جو ڪتي اڳيان به اڇلي ڇڏيندي هئي. صفائي پسند هجڻ سبب، گهڻن ڏينهن جي مٿاڪٽ کان پوءِ سوناري، سڄي گهر مان گند ڪچرو ڪٺو ڪري ڊڀ ڊڀوليون ڪٽي، ميڙي سيڙي کڻي باھ ڏني. ٻهاري پائي، پاڻي ڇڻڪاري، گهر صاف سٿرو ڪري ڇڏيائين.

ميهار اهو سڀ ڏسي، پيو خوش ٿيندو هو. هاڻي هو به گهر وانگر صاف سٿرو، ڌوتل ڪپڙا پهريو، مڇن کي تيل هڻيو پيو گهمندو هو. ماءُ جو فڪر به خير ڪو هيس. ان کي به سوناري سينگاري سنواري کٽ تي ويهاري ڇڏيو هو.

گهر جي ڪم ڪار کان پوءِ واندي وقت ۾ ٽوپو ٽاڙي ڪري، ڀرت ڀري ٻه چار رپيا به جوڙي وٺندي هئي.  

سوناريءَ ڪجھ ڏينهن ۾، ڀاءُ جي مدد سان، گهر ٻاهران ٻنيءَ ٽڪر کي به گند گاھ کان صاف ڪرائي، هر هڻائي پوکي لائق بنائي ورتو. رات جو جڏھن ميهار اچي سندس پاسي ۾ ستو ته سوناريءَ وجھ وٺي چيس؛ ”ميهار! پرائي ٻنيءَ ۾ گاھ ڪندي سٺو نه ٿو لڳي. پنهنجي ٻني تيار آھي، سڀاڻي لوسڻ جو ٻج آڻي پوکي وٺ ته منهنجي هن ڪانبي مان جند آجي ٿئي.“

ميهار کيس پاڻ ڏانهن ويجهو ڇڪي، ڀاڪر ۾ ڀريندي چوڻ لڳو؛ ”پهرين اچ ته پنهنجي ٻنيءَ کي ريج ڪريون!”

سوناري کيس هلڪي ٿپ هڻندي چوڻ لڳي؛ ”ڪيڏو ڪنو آهين، سڄو ڏينهن واندو گهمين ٿو، نه ڪم جو نه ڪاڄ جو، رات جو رڳو ٿئي ريج ڏيئڻو. اڄ واعدو ڪر ته سڀاڻي ٻج آڻيندين، پوءِ سولو اچڻ ڇڏينديسانءِ!”

 ميهار ته هو مستي ۾ صفا اڏ ٿي ٽٽس، پڪو واعدو ڪيائين. تڏھن سوناري نرم گرم زمين جيان، سندس هيٺان وڇانئجي وئي.

ٻئي ڏينهن ميهار اهو چئي گهران نڪتو ته لوسڻ جو ٻڄ وٺڻ شهر ٿو وڃان. سوناري سڄو ڏينهن انتظار ڪندي رهي ته ميهار اجهو آيو، پر ميهار ڄڻ گهر جو رستو ئي ڀلجي ويو. شام جو سج به ٽٻي ڏني ته ميهار به اچي لوڙھو ٽپيو. ٻج جي ٿيلهي آڻي کٽ تي رکيائين. سوناريءَ کي ته خبر هئي ته ڪا شيءِ شڪل ڪو نه آندي هوندائين پر وري به راتوڪي سندس پيار ڪرڻ واري انداز مان سمجهيائين متان نه متان ڪو خيال ٿيو هجيس، ڪو مٺائي ذرو وٺي آيو هجي. ان آسري تي ٿيلهي کولي ڏٺائين. ٿيلهيءَ ۾ لوسڻ جي ٻج کان سواء ڪجھ به ڪو نه هو. سوناريءَ کيس هڪ نظر کڻي ڏٺو ۽ ٿيلهي کڻي آڻي ڇپر جي مُنيءَ ۾ ٽنگي ڇڏيائين. ميهار ۾ ٿوم ڪو نه ڀانيائين ته هو ٻني ريج ڪري، ٻڄ ڇٽيندو، تنهن ڪري سوناريءَ نياپو ڪري ڀاءُ کي گهرائي لوسڻ پوکي ورتي.  

لوسڻ به لڻڻ جهڙي ٿي ته ٻڪري به ڦر سوئڻ لڳي ۽ هڪ ئي واري چار ڇيليون ڏنائين. سوناري هاڻ خوش هئي. پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻڪري ڦرن سميت کولي ڇڏيندي هئي ۽ پاڻ گهر جو ڪم ڪار ڪندي، نظرداري به ڪندي رهندي هئي. ڪجھ ئي سالن اندر سوناريءَ جو گهر ٻڪرين جو ڄڻ واڙو ٿي ويو ۽ سندس گهر اڱڻ تي ڇيلڙن سان گڏ سندس پٽڙو ملوڪ به بانبڙا ڏيڻ لڳو. ميهار جي اها ئي ڪار، سج اڀريو، ڪپڙو ڪلهي تي، جوڳي نه ڪنهن جا مٽ. گهر تڙ ته ڇڏيو پر جوان زال ۽ ننڍڙي کير پياڪ ٻار جي به پرواه خير ڪي. هاڻي ته هو راتيون به سنگت وٽ گهارڻ لڳو هو. ماءُ اڳي ئي قبر ۾ پير لڙڪايو ويٺي هئي. چوڻ آکڻ کان به بس هئي. سوناري ڪجھ پڇي ڳڇي ته ميهار جي وات مان گگ پئي ڪري. گار جو زيپٽ، ڪنهن مهل ته هٿ به کڻي وٺي. سوناري ٻيو ته ڪجھ نه ڪري سگهندي هئي، ڪاوڙ وڃائڻ لاءِ وڃي گهر جو ڪم ڪار شروع ڪندي هئي. يا ڏاٽي-ڪپڙو کڻي گاھ تي هلي ويندي هئي.  

چنڊ جون پڇاڙڪيون تاريخون شروع ٿيون ته چانڊوڪي رات جي بدن تي به ڄڻ ڪاريون چادرون ويڙھجڻ لڳيون. چور چڪار به جهٽ هڻڻ لاءِ ڦرڻ لڳا. ميهار جي لوڙھي ٻاهران به چڪر ڏنائون پر سوناريءَ کي جاڳندي ڏسي اونداهيءَ ۾ گم ٿي ٿي ويا.  

ميهار جڏھن صبح جو دير سوير سنگتين کان اٿي گهر اچي، لوڙھي جو ڍنگر پري ڪري اندر گهڙڻ لڳي، تڏھن اوپرا پير ڏسي هروڀرو سوناريءَ تي ئي شڪ ڪرڻ لڳو. هر وقت ڪاوڙ ڪروڌ ڪرڻ ۽ چوڪس رهڻ لڳو. سوچيائين؛ ”مان جڏھن نه هوندو آھيان، شايد ساڻس ڪو ملڻ اچي ٿو!”

سوناريءَ جڏھن گاھ پٺي لاءِ نڪري يا ڪاٺي ڪلي ڪرڻ وڃي ته هو ڪجھ دير بعد سندس جاچ لهڻ لاءِ لڪي ڇپي، جائزو وٺڻ لڳو. هاڻي راتين جو به گهر کان گهڻو ٻاهر نڪرڻ گهٽائي ڇڏيائين. راتيون جاڳي گذارڻ ته سندس وس ۾ ڪو نه هو جو ننڍي هوندي کان ننڊ کيس ستت وڪوڙي ويندي هئي، پر پوءِ به کڙڪي کُڙڪي تي اک کلي ويندي هيس، پر ڪا پهر نه ڏسي وري سمهي پوندو هو.  

تنهن رات دير سان سندس اک کلي وئي، ٻڪرين واري پاسي کان گوگاءُ ڪن تي پيس. کٽ جي سيرانديء کان رکيل لٺ کڻي اٿيو. پير پير ۾ ڏيندو اچي وٿاڻ ۾ پهتو، ڏٺائين ته سوناري هڪ ٻڪريءَ کي ڪلي سان ٻڌي هٿ ڇنڊيندي ٿي اچي. اوچتو ميهار کي ڏسي ڌٻڪي بيهي رهي. ميهار ڪاوڙ مان پڇڻ لڳس؛ ”ڇو اڌرات جو واڙي ۾ آئي آھين؟”

”ٻڪري رسو ڇنائي وئي هئي، ٻڌڻ آئي هيس.“ هن کيس ورندي ڏني پر اونداهيءَ سبب سندس شڪ ڪندڙ اکيون ڪو نه ڏسي سگهي. هوءَ موٽي اچي ننڍڙي پٽ سان گڏ ستي. ميهار گهر اندران لوڙھو جانچڻ لڳو، کيس شڪ ٿي پيو ته سوناري سان پڪ ڪو ماڻھو ملڻ آيو هوندو. پر جڏھن ڪجھ به ڏسڻ ۾ نه آيس ته هو به موٽي اچي لٺ سيرانديءَ کان رکي سڌو سنئون ٿي سمهي پيو. صبح جو وري گهر ٻاهران لوڙھي جي چوڌاري گهمي ڦري آيو پر هن ڀيري کيس ڪنهن جو به کر پير نظر ڪو نه آيو.

سوناري گاھ ڪري ته ورتو پر گاھ ڀريءَ کان زياده ٿي ويو. ڳڻتي ۾ بيهي سوچڻ لڳي ته هاڻ ڀري ٻڌي ۽ کڻي ڪيئن. تنهن وقت پرڀرو واٽ ويندڙ ڪاڪي جمعي جو ڇوڪرو فيصل گهميو واپس ٿي ويو. تنهن جو سوناريءَ کي ڏٺو ته پاڻ لڙي آيو چيائين؛ ”ادي سوناري! ڪهڙين ڳڻتين ۾ بيٺي آھين؟”

سوناري بوڇڻ مٿي تي ٺاهي رکندي وراڻيو؛ ”ادا! اڄ گاھ ڪجھ ڳچ ٿي ويو آھي، ڀري ٻڌڻ ۽ کڻڻ لاءِ پريشان آھيان، چڱو ٿيو جو تون اچي وئين. وارو ڪر، هٿ وجهرائي، ٻڪريون بک کان رسا ڇنائينديون هونديون.“

ڪاڪي جمعي جي ڇوڪري ڪپڙي جي هڪ پاسي کان ورتو. سوناري ٻي پاسي کان، ڇڪ ڏيئي ڀري ٻڌرائي کيس مٿي تي کڻائي پنهنجو رستو ورتيون هليو ويو. سوناري به ڀري کڻي گهر جو پنڌ پٽيو.  

اهو سڄو ڪجھ ميهار، پريان وڻ جي اوٽ مان بيٺي ڏٺو. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وچان ڏند ڪرٽڻ لڳو، هيڪر ته سوچيائين، ڇوري کي هڪل ڪري ڊوڙي پڄانس، رکانس ٻه چار لٺيون، پوءِ پيو شرح شاھ ڪندو، پر وري رڪجي ويو، اهو سوچي ته پهرين گهر وڃي سوناري کي ٿو ڦيھ ڪڍان.

سوناري گهر پهچي، ڀري کولي گاھ ڪڍي ٻڪرين آڏو اڇليو ته ميهار به لوڙھيو ٽپيو، پري کان ئي هڪل ڪيائين؛ “ڪميني رن! ان جمعي واري ڇوري سان ڪهڙو پئي منهن ڪارو ڪيوئي!”

سوناري هڪي ٻڪي رهجي وئي، عجيب ۽ ڪاوڙ ڀريل نظرن سان مڙس ڏانهن ڏسڻ لڳي. کيس ائين لڳو ڄڻ  ڪنهن اڄ سندس مٿي تان بوڇڻ لاهي ورتو هجي. هڪل ڪندي مڙس کي چيائين؛ “ميهار! مون بک ڏک سان ٺاھ ڪري ورتو آھي، پر لوئي ۽ لڄ جي هميشه حفاظت ڪئي آھي. خبردار جو مون تي ڪو گندو الزام مڙهيو ٿئي!”

ميهار هٿ ۾ جهليل لٺ لهرائيندو هن ڏانهن ڀڳو. تنهن وقت سوناري جهٽ ڏيئي ڇپري جي مني ۾ ٽنگيل ڪهاڙي ڇڪي ڪڍي ورتي. ميهار لٺ مٿي کڻي کيس زور سان هڻڻ چاهي، تنهن وقت سوناري به ڪهاڙي کي گهمايو؛ ڪهاڙي جي تيز ڌار ميهار جي کاٻي هٿ کي چيريندي وئي. لٺ سندس هٿ مان ڇڏائجي وڃي پري پئي. هو رت ڳاڙيندڙ هٿ پڪڙي اتي ئي ويهي رهيو. سوناري، ميهار جي هٿ مان ٺينڍيون ڪري وهندڙ رت ڏسي، پاڻ وڍجي وئي. ڪهاڙي اڇلي هڪدم ميهار کي اچي چنبڙي. کيس ڀاڪر ۾ ڀري آڻي کٽ تي ويهاريائين. ڊوڙ پائي چلھ مان ڇار جي لپ ڀري، ميهار جي وڍيل هٿ جي زخم مٿان ٻرڪي، اکين مان گونگا ڳوڙها ڳاڙيندي، مٿي تي پاتل ريشمي بوڇڻ مان هڪ وڏي ليڙ ڦاڙي، سندس هٿ کي ڇڪي پٽي ٻڌڻ لڳي. ميهار، سوناري جي اکين مان وهندڙ ڳوڙھا ڏسي شرمساريءَ وچان ڪنڌ جهڪائي ويٺو رهيو!

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment