Tuesday, June 15, 2021

سراغ رسانيءَ جو افسانو

سراغ رسانيءَ جو افسانو

چراغ حسن حسرت

انجنيئر عبدالوهاب سهتو



پوليس، جاچ مان ٻه ڳالھيون معلوم ڪيون. ھڪ ھيءَ ته؛ مرڻ واري جو موت ڪنھن اتفاقي حادثي تحت نه ٿيو آھي، بلڪ کيس قتل ڪيو ويو آھي. ٻي ھيءَ ته؛ قاتل بابت ڪا راءِ قائم نه پئي ڪري سگھجي.


قتل جو سراغ ڄاڻڻ لاءِ، مڙني کان وڏي سراغ رسان کي گھرايو ويو. ان، لاش تي ھڪ نظر وڌي ۽ کيسي مان خوردبين ڪڍيائين. ھن، ھڪڙو وار، جيڪو مقتول جي ڪوٽ تي پيو ھيو، کنيو ۽ چوڻ لڳو؛ ”وٺو! معمو حل ٿي ويو.“

ھو، اھو وار مڙني ماڻھن کي ڏيکاري چوڻ لڳو؛ ”بس! اسان کي ھاڻي ھڪ اھڙي شخص جي تلاش آھي، جنھن جي مٿي تان ھڪ وار ڪاٿي گم ٿي ويو ھجي. اھو وار ھٿ اچي ويو ته سمجھو قاتل پڪڙجي ويو.“

سراغ رسان، قاتل جي تلاش، شروع ڪري ڇڏي. ھو ساندھ چار ڏينھن ۽ چار راتيون نيويارڪ جي گھٽين ۽ رستن تي ڦيراٽا ڏيندو رھيو. ھن ھر شخص جي چھري کي غور سان ڏٺو پئي. کيس ھڪ اھڙي شخص جي تلاش ھئي، جنھن جو ھڪڙو وار گم ٿي ويو ھجي.

پنجين ڏينھن ھن، اھڙي شخص جو ڪڍ لڳو، جيڪو سياح جو ويس-ڌاري ھيو. ھن کي جھازي ٽوپي پاتل ھئي ۽ ھن جا ڪن، ٽوپيءَ ۾ لڪيل ھيا. ھو ’گلوريٽانيا‘ جھاز تي سوار ٿيڻ لاءِ وڃي رھيو ھيو. سراغ رسان به سندس ڪڍ ڪڍ لڳو آيو ۽ وڃي جھاز تي پڳس. گجگوڙ ڪندي چيائين؛ ”ان کي گرفتار ڪيو!“

پوءِ ھو سينو ٺوڪي ۽ کيسي مان اھو وار ڪڍي، چوڻ لڳو؛ ”ھيءُ، انھيءَ شخص جو وار آھي ۽ ان مان ئي ان جو جرم ثابت ٿي ٿو وڃي.“

جھاز جي ڪپتان حڪم ڏنو؛ ”ان جي ٽوپي لاھيو!“

ملاحن، ان جي حڪم جي تعميل ڪئي، ليڪن ملزم ته گنجو ھيو. سندس مٿي تي ھڪ وار به نه ھيو. سراغ رسان سندس مٿي کي ڏسي چوڻ لڳو؛ ”ھن، صرف ھڪ ماڻھوءَ کي قتل نه ڪيو آھي بلڪ، گھٽ ۾ گھٽ ڏھ لک کن ماڻھن جو خون ھن جي ڳچيءَ ۾ آھي.“

 

(لي ڪاڪ تان ماخوذ)

No comments:

Post a Comment