Wednesday, June 2, 2021

شاعر - غفار سومرو

شاعر

ننڍڙي ڪهاڻي

غفار سومرو



مون ته کيس پري کان ئي ڏسي، لاڙو ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي. هروڀرو موبائل ڪڍي، ڪن تي رکي، تکو تکو قدم کڻي گوهي ڏيڻ چاهي. پر رستي ويندي ساڳي گهٽيءَ ۾ سامهون ايندي، مون کي به ڏسي ورتائين. هڪل ڪري سڏ ڪيائين؛ “هلو مسٽر غفار!” ساڻ ساڄي ٻانهن به مٿي ڪري هٿ لوڏي، بيهڻ جو اشارو ڪيائين.


هاڻي ڏسي ڪري نه بيھ ته به ويل، جي بيھ ته ٻه ٽي ڪلاڪ چٽ. اتر ۾ چانھ پيارڻ جو بل به سندءِ ڳچيءِ ۾. مٺڙي نور سان موبائل جيب ۾ رکي، اڳتي وڃي جهڪي سلام ڪيومانس. ڀيڙي ڀاڪر ۾ ڀريائين. هڪ هٿ کان پڪڙي، بيهي رهيو؛ “ڇو ابا! نه ملڻ نه جلڻ، نه اچڻ نه وڃڻ؟”

هٿ ڇڏائڻ جي هلڪي ڪوشش ڪندي چيم؛ ”سر! گهر جا ڪجھ ڪم ڪار وڌي ويا آھن، تڏھن حاضري ڀري ڪو نه سگهيو آھيان!”

هن منهنجي هٿ کي اڃا وڌيڪ زور سان قابو ڪندي، نهايت پيار ۽ پاٻوھ وچان چيو؛ ”ڏس! وڏڙن جي ڪچهريءَ ۾ وڏي مڻيا ٿيندي آ. ماڻهو گهڻو ڪجھ سکندو آ، بابا ڀيرو ڀڃندو رهندو ڪر!”

چيم؛ ”جي سر! ستت حاضري ڀريندس!” مختصر جواب ڏنم ته جيئن هٿ ڪڍي ته گولي ٿيان. هن رهندو منهنجي هٿ جي آڱرين ۾ پنهنجي هٿ جون آڱريون منڊيءَ وانگيان ڦسائيندي چيو؛ ”اڙي بابا اهو وري سر ٻر نه چوندو ڪر! سائين چئو سائين! سنڌي آھيو، سنڌي ڳالهايو!”

“جي سائين!” وري به مختصر جواب ڏيئي، هٿ کسڪائيندي چيم.

دل ئي دل ۾ دعا پيو گهران ته يا پيران پير هٿ ڇڏي ته مان کسڪ سورت پڙھان. پر منهنجا هٿ مارئيءَ جيان عمر جي قيد ۾ قابو هئا. گهران نڪتو هوس سبزي وٺڻ. امان سٺ روپيه ڏيندي چيو هو ته؛ ”جيستائين مان ماني ٿڦي ٿي وٺان، تيستائين تون آلو، بصر، ٽماٽو وٺي موٽ! پڻهين اجهو، بک بک ڪندو ايندو!”

ان وقت آئون اسڪول جو ڪم پوري ڪري اڃا راتوڪي لکيل ڪهاڻي ويٺي نظر مان ڪڍي. نوٽ بڪ بند ڪري، ويهاڻي هيٺان رکي، سبزي وٺڻ لاء نڪتو هوس. امڙ کي چيم؛ “ بس هيئن وڃان ٿو، هيئن موٽان ٿو!”

هڪ ته ڪهاڻي پوري ڪرڻي هئي، ٻيو ته بابي جي ڪاوڙ پئي ياد آئي. منجهند جو هو مزدوريءَ تان ماني کائڻ لاءِ موٽندو هو ته بک جون ڄڻ ڀريون کنيون ايندو هو. مانيءَ ۾ ٿوري به دير ٿيندي هئي ته امان جي ڪڍ، رڻ ٻاري ڏيندو هو. گار جو ريهٽ، ڪنهن  ڪنهن مهل ته چنبن جو زيپٽ. پوء ته ڪاوڙ ۾ لنگهڻ تي ئي امان کي روئيندي پٽيندي ڇڏيون هليو ويندو هو.

ابي جو خيال ايندي ئي نماڻو ٿي چيم؛ ”سائين اجازت!؟ سبزي وٺڻ نڪتو آھيان، امان انتظار ڪندي هوندي!”

“وڏي ڳالھ آ يار! هڪ ته ملين قسمت سان! مٿان وري ايڏي تڪڙ! هو سامهون سومرا چوڪ تي هوٽل آھي! هل ته چانھ چڪو پيون. پوءِ ڀلي هليو وڃجانءِ!”

هٿ ته اڳي ئي سندس هٿن ۾ جڪڙيل هو. مون کي ڇڪيندو هوٽل طرف روانو ٿيو. اڳيان هو، پويان آئون. ائين گهليندو ويو، جيئن ٿڪل رڍ کي ڪن کان وٺي، واپاري پڙيءَ تي نيندو هجي. مون کان ڪهاڻي لکڻ ته وئي وسري، ابي جا موچڙا پئي سجهيا ۽ امان ويچاريءَ جي قسمت تي رحم پئي آيو. ابي جي اچڻ جو وقت به اچي پهتو هو. هوڏانهن امڙ به انتظار ۾ هئي. دل گهريو ته هٿ ڇڏائي وٺي ڊوڙ پايان، جيئن ننڍپڻ ۾ اسڪول نيندي ابي جو هٿ ڇڏائي ڀڄي ويندو هوس. هڪ ڀيرو وري هٿ ڇڏائڻ لاءِ ٿورو زور ڀريم پر هن کي پرواه ئي ڪو نه هئي. ڇا ته پوڙھي کي طاقت  هئي. پوڙھو ته ڪو نه هو، پر جوان به ڪو نه هو، پاڻ کي ٺاهي جوڙي رکندو هو. گهڻ پڙھيو اديب شاعر هو. بلڪ استاد شاعر چوڻ گهرجيس.

هوٽل جي  ڪنڊ ۾ اڪيلي خالي ٽيبل ڏسي، ڇڪي آڻي ڪرسيءَ تي ويهاريائين. ٽيبل تي رکيل جڳ مان هڪ ساهي ٻه گلاس پاڻيءَ جا ڀري اول پاڻ پيتائين. پوءِ اڌ گلاس ڀري مون ڏي سوريائين. مون کي اڃ ته هئي ڪو نه، پوءِ به آهستي آهستي هٿ ڇڏائي، گلاس کڻي، پاڻيءَ جا ٻه ڍڪ پي، نڙي آلي ڪيم.

سوچيم؛ ’ڦاٿي کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو! الله مالڪ آ جيڪو ٿيو، ڏٺو ويندو.‘ تڏھن هوٽل جو بيئرو به اچي پهتو. ٽيبل تي ڪپڙو گهمائيندي آرڊر پڇيائين.

“ٻه ڪپ چانھ!” هن، مون کي غور سان ڏسندي چيو. ڄڻ آئون ڇوڪرو نه، دوڌ پتي چانھ جو ڪپ هجان ۽ هو سرڪيون ڀري پي ويندو. مون نظرون جهڪائي ڇڏيون. تيز تکي نهار، جسم ۾ ٽنگ ڪريو پيٺي پئي وئي. پاسي واري جيب، جنهن ۾ سبزيءَ لاءِ سٺ رورپيه پيل هئا، سختيءَ سان پڪڙي ويهي رهيس، ڄڻ ڪو بشني جيب ڪٽڻ لاءِ تاڙ ۾ ويٺو هجي. چپ خشڪ ٿي ويا. پيشانيءَ تي پگهر اچڻ لڳو. پريشانيءَ وچان ڪرسيءَ تي هيڏي هوڏي ٿيڻ لڳس. هن ويٺي، منهنجي اکين ۾ نهاريو يا الاءِ منهنجي نرم نازڪ چپن جي ڳاڙھاڻ پئي ڏٺي. مون حياءَ کان اکيون کڻي هيٺ ڪيون. هٿ وڌائي، منهنجي کاڏيءَ هيٺان ڏيئي، مٿي ڪري چيائين؛ ”شاعري ڪرين ٿو؟”

چيم؛ “نه سائين!”

“ڇو؟” هن “ڇو” اهڙي انداز سان چيو ڄڻ سندس غزل جو خيال چورايو هجي.

جان ڇڏائڻ لاء چيم؛ ”سائين، شاعري منهنجي سمجھ کان زور آھي!”

هن هلڪو ٽھڪ ڏيندي وراڻيو؛ ”اڙي! آسان ته آھي. مون وٽ ايندو رهين ھا ته هن وقت تائين بحر وزن سڀ سيکاري ڇڏيانءِ ها، تون به نه! ياد ٿئي چار ڏيهاڙا مون وٽ آيو هئين ته ”يتسمنوا “سمجهي ويو هئين.”

دل ۾ چيم؛ ’چڱو ٿيو جو پنجين ڏينهن، تنهنجي نيت پرکي ورتم. نه ته تون منهنجي مقطع جو به ڪم لاهي ڇڏين ها!‘

“هاڻي ڇا ٿو ڪرين؟” مون کي خيالن ۾ ڏسي، ٽيبل هيٺان پير جو لوڏو ڏيندي پڇيائين.

مون جلديءَ ۾ پنهجا پير پري ڪري ورتا. ان وقت بيئري چانھ جا ٻه ڪپ، اچي ٽيبل تي رکيا.

“ڪهاڻي لکندو آھيان!” مون تمام آهستي جواب ڏنو، ڄڻ ڪهاڻي نه پر چوريءَ جو اعتراف ڪندو هجان.

“اڙي پاڳل! اڄ ڪلھ ڪهاڻي ڪير ٿو پڙھي! ڪنهن وٽ ايترو وقت آھي. ڪهاڻيڪار، ڪهاڻي لکي به پاڻ ته پڙھي به پاڻ!... بابا هي دور آھي شاعريءَ جو، چار شعر لک، غزل تيار! ڇھ الفاظ هڪ ٻئي هيٺان لڳاتار لک، نثري نظم ٺڪ، هڻ پوسٽ، ويٺو لائق ڪمينٽس ميڙ. هڪ ڏينهن ۾ مهان شاعر! شاعري! جو ته مزو ئي پنهنجو آ!”

هن چانھ جو ڪپ کڻي، ڄمي ويل ترندڙ ٿري کي ڦوڪ سان ڪپ جي ڪناري سان لڳائي، بال پين سان ڪڍي ورتو. پين کي ڇنڊڪو ڏئي، ٿري ديوار تي چنبڙائي، قلم کي وات ۾ وجهي چوس ڏنائين. قلم جيب ۾ رکي، ڪپ کڻي هڪ سرڪي ڀري، مون ڏي ڏسي مرڪيو.

وري جيب مان هڪ فل اسڪيپ پنو ڪڍي، گلي ۾ ڌاڳي جي ڏوريءَ سان ٻڌل عينڪ اکين تي چاڙھيندي، چوڻ لڳو؛ ”ڀلا! نئون غزل ٻڌ!“

مون ها يا نھ به ڪو نه ڪئي ته هو شروع ٿي ويو. قسم سان، چانھ جو هڪڙو ڪپ ختم ٿيڻ تائين ڇھ غزل، چار وايون، هڪ نظم ۽ ست اٺ بيت ٻڌائي وڃي دنگ ڪيائين. سي به هڪ ساهي. مٿان تشريح به ڪندو ويو ته وزن به ٻڌائيندو ويو. مون رڳو واه واه  ۽ ڪنڌ ڌوڻ ٿي ڪئي. هر ڀيري دعا ٿي گهريم ته؛ ”الله ڪري اهو آخري اسم هجي.“ مس مس وڃي فل اسڪيپ پني جا چار ئي صفحا پورا ٿيا. آخر ۾ پڇيائين؛ ”ڏي حال! آهن نه نڪور شعر، تخيل جي آڏام، تجنيس جو ڪمال!”

مطلب ته هيترو ڪجھ ٻڌڻ کان پوءِ تعريف به مان ئي ڪريان.

لاچار مک تي خوشي ظاهر ڪندي، وراڻيم؛ ”واه واه سائين! ڪمال آ، زبردست!“

پنو ويڙھي سيڙھي، اڳئين جيب ۾ رکيائين. ڪپ ۾ بچيل ٺري برف ٿي ويل چانھ جو آخري ڍڪ ڀري، اٿي بيٺو.

“جاني! هاڻي هلجي، مون کي به سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ وڃڻو آھي، تو کي به شايد سبزي وٺڻي هئي! ٺيڪ آ، سدائين گڏ!” ڪلهي تي رکيل رومال سان مڇون اگهندو، هوٽل مان نڪتو هليو ويو.

هاڻي ڪيئن چوان ته مونکي سبزي “شايد” نه پر “پڪ” وٺڻي هئي. مان به اٿڻ جي ڪئي. تنهن مهل دخل تي ويٺل سيٺ مون کي ڏسي، گهنٽيءَ تي آڱر رکي. بيئري پري کان رڙ ڪئي؛ “صاحب کان سٺ روپيه وٺو!”

مٺڙي نور سان جيب مان سٺ روپيه ڪڍي، ڏڪندڙ ھٿ سان دخل تي رکي، گهر روانو ٿي ويس.


(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل) 

No comments:

Post a Comment