Monday, June 14, 2021

ھاريءَ جو خواب

ھاريءَ جو خواب

چراغ حسن حسرت

انجنيئر عبدالوهاب سهتو



گذريل سياري جي موسم جي ھڪ رات، مون ھڪ خواب ڏٺو، جيڪو پنھنجي علائقي جي پادري اباشيو کي وڃي ٻڌايم. ھن ٻڌي چيو؛ ”ھيءُ خواب ڪنھن کي نه ٻڌائجانءِ!“ اوھان کي ياد ھوندو، جڏھن حڪومت سان پوپ جو ٺاھ ٿيو ھيو ته ڊان اباشيو قربان گاھ جي ڏاڪي تي بيھي ھڪڙي تقرير ڪئي ھئي، جنھن جو مضمون ھيو؛

”ھارين جا چڱا ڏينھن اچڻ وارا آھن. پوپ، مسيح کان اجازت ورتي آھي ته ھارين جون سموريون ضرورتون، ھڪ ھڪ ڪري پوريون ڪيون وڃن.“ ان ئي رات، مون خواب ۾ پوپ کي يسوع سان ڳالھيون ڪندي ڏٺو.



يسوع چيو؛ ”اھو مناسب ٿو لڳي ته ھن صلح جي يادگار ۾ فوسينو جي علائقي جي سموري زمين، ويچارن ھارين ۾، جيڪي اھا کيڙين ٿا، ورھائي وڃي.“

پوپ جواب ڏنو؛ ”منھنجا! آقا! ھن علائقي جو جاگيردار شھزادو تورليونيا اھا ڳالھ ٻڌي، مڃيندو؟ اھا ڳالھ به ياد ھجيو ته شھزادو تورليونيا، پطرس حواريءَ جي مقدس فنڊ ۾، ھر سال ھڪ وڏي خطير رقم، چندي جي طور تي، جمع ڪرائيندو آھي.“

يسوع چيو؛ ”اڇا! ته پوءِ ھن صلح جي يادگار ۾ ھارين تان ڍل معاف ڪري ڇڏجي.“

پوپ چوڻ لڳو؛ ”آقا! اھا ڳالھ حڪومت ڪا نه مڃيندي ۽ اوھان کي خبر آ ته حڪومت ھر سال، جيڪي ٻه ارب ليرا، جناب پطرس جي فنڊ ۾ ڏيندي آھي، سي ھارين جي ڍل مان ئي اُڳاڙيندي آھي.“

يسوع چيو؛ ”ته ھارين جي دل جون مرادون پوريون ڪيون وڃن ته اڄ جي ننڍن ننڍن ھارين ۽ زميندارن جي ايراضين ۾ ڀلو فصل ٿئي، ته جيئن کين ڪنھن ڳالھ جي محتاجي نه ٿئي.“

 پوپ چوڻ لڳو؛ ”خداوندا! اگر ننڍن ننڍن زميندارن جي ايراضين ۾ فصل ڀلا لڳا ته زرعي پيداوار جا اگھ، ڏاڍا ڪري پوندا، ۽ اوھان کي ڄاڻ آھي ته اسان جا سمورا بشپ ۽ ڪارڊينل، وڏا وڏا زميندار آھن.“

يسوع کي ان ڳالھ تي ڏاڍو ڏک ٿيو ته ھو ھارين جي معاملي ۾ بلڪل بي وس آھي ۽ ڪنھن ٻئي جو نقصان ڪئي بغير، کين نفعو نه ٿو پھچائي سگھي.

اھو ڏسي پوپ، جنھن کي ھارين سان سچي محبت ھئي، چيو؛

”خداوندا! اچو ته اسان پاڻ ھلي ھارين جي حالت ڏسون. ٿي سگھي ٿو ته اسان، حڪومت، شھزادو تورليونيا ۽ بشپن کي ناراض ڪئي بغير، ھارين کي ڪو فائدو پھچائڻ جو، ڪو نه ڪو طريقو ڪڍي وجھون.“

نيٺ پوپ ۽ يسوع، ٻئي اڏامي اچي فوسينو پھتا ۽ مارسيڪا جي علائقي جي سمورين ٻھراڙين جو معائنو ڪيائون. يسوع، اڳيان اڳيان ھيو ۽ سندس ڪلھي تي وڏو ٿيلھو ھيو. پوپ، سندس پويان پويان ھيو. ان کي ان ڳالھ جي اجازت ھئي ته کيس جيڪا شيءِ ھارين لاءِ مناسب لڳي سا ٿيلھي منجھئون ڪڍي وٺي. ٻنھي، ھر ھنڌ ساڳي ڪيفيت ڏٺي. ھنڌ ھنڌ تي، ھاري ھڪ ٻئي کي گاريون ڏيندي، پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ ڪندي ۽ جڳ جھان جي شڪايت ڪندي نظر آين. ھو ڏينھون ڏينھن ويا پئي نادار ٿيندا ۽ اھا ڳالھ سندن مت ۾ ويٺي ئي نه پئي ته کاڌي پيتي جي شين ۽ پائڻ چوڙڻ جو سامان مھيا ڪرڻ لاءِ، ڪيڏانھن واجھائين. اھا ڪيفيت ڏسي، پوپ کي ڏاڍو رنج پھتو ۽ ھن ٿيلھي منجھان جونئون ڪڍيون ۽ اھي ھيءُ چئي مارسيڪا تي ڦٽي ڪيون؛

”منھنجا! ٻچڙئو! ھيءُ جونئون وٺو ۽ پنھنجي بتن کي کنھندا رھو ته جيئن فرصت جي گھڙيءَ ۾ اوھان جو ڌيان گناھ ڏانھن نه وڃي.“



(اٽليءَ جي ناول نگار اگنئزيو سلون جي ۱۹۳۳ع ڌاري لکيل جڳ مشھور ناول فونتامارا تان ماخوذ)

No comments:

Post a Comment