Thursday, June 10, 2021

ڪاٺيءَ جي ٽنگ

ڪاٺيءَ جي ٽنگ

چراغ حسن حسرت

انجنيئر عبدالوهاب سهتو


 

”لالا! بنواري لال! چؤ تو کي ڪاٺيءَ جي ڀلي سھڻي ٽنگ وٺڻي آھي؟ ٻه سال ٿيندا جو ورتي ھيم. ھاڻي چوان ٿو ته وڪڻانس. غربت وڌي وئي آھي. گيدي ۾ ڪوڏي به ڪانھي. ان کي، پاڻ کان پري ڪرڻ تي دل به نه ٿي چوي. ليڪن پيٽ ۾ ٻريل رڻ جي ڪري، اھو چاھت وارو رشتو ٽوڙڻو پوندو. ٽنگ، تمام ڀلي شيءِ آھي. ان جي مدد سان ماڻھو، سولائيءَ سان اندر ٻاھر اچي وڃي سگھي ٿو. مگر ڀاءُ! پيٽ ته کائڻ لاءِ گھري ٿو. ھاڻ ٺھڻ جي ڳالھ ڪر! ھيءَ ٽنگ اٿئي ولائتي. اسٽيل جون ڪمانيون، رٻڙ جا جوڙ، لچڪدار چنبا ۽ کڙيون. جيئن وٺڻ وقت ھئي، تيئن جو تيئن آھي. بلڪ ان کان به سٺي بيٺي آھي. سچ پڇين ته ان دور جي ٽنگ، مون ڪڏھن نه ڏٺي آھي. اگر زندگيءَ جو ڪو مزو آھي ته اھو ھيءُ آ ته ھھڙي جڙيل ٽنگ ھٿ اچي وڃي. بس، اھو احساس ئي، ماڻھوءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي ته اھا ٽنگ سندس ملڪيت آھي. لالا احسان! مان ته تو سان چڱائي پيو ڪيان! جيستائين جيئرو ھوندين، دعائون پيو ڏيندين. وري جو اگھ ٻڌندي ته واڇون ئي ولليون ٿي ويندءِ! ھيڏانھن مون اگھ ٻڌايو، ھوڏانھن تون چوندين؛ منظور! تو کي ھيءَ ٽنگ، چئن سؤ رپين ۾ ڏئي ڇڏيندس. اڙي! توبانھ! مان ڇھن سون بدران چار سؤ چئي ويس! ليڪن خير! ڇڏ ان کي! جيڪو واتان نڪري ويو سو نڪري ويو. مڙس جي زبان آ، ڀاءُ مڙساڻي زبان آ! مان ۽ ڳالھ تان ڦران! ليڪن ان اگھ تي ته مفت آ.“



لالا بنواري لال چيس؛ ”مون کي ھٿرادو ٽنگ نه کپي.“

منڊڙي مڙس، سلوار مٿي ڪري، ٽنگ ڏيکاريس ۽ چيائينس؛ ”ھن ۾ سڀ کان وڏي خوبي ھيءَ آھي ته ھن تي ڀروسو ڪري سگھجي ٿو. ڪي ٽنگون ته ٿورن ڏينھن ۾ ڌڪ پٽيو وڃن. ڪنھن جي ڪماني ٽٽي پئي، ڪنھن جا جوڙ ڍلا ٿي ويا، يا چنبا ڏوڙا ٿي ويس. ليڪن ھيءَ ٽنگ، دلي دوست وانگر نينھن نباھڻ واري آ. نه ڳڍريون پونس، نه گوڏن جو سور. نه خارس ٿئي، نه پَٽَ روڙ پويس. نه سور پويس، نه ساڻي ٿئي. اھا ھڻي، ماڻھو ماڻھو لڳندو آھي. اڙي يار ٿورو غور ته ڪر! ڪنھن راجا يا مھاراجا کي به اھڙي ٽنگ نصيب ۾ آھي؟ جڏھن دل چوئي لڳاءِ! جڏھن دل چوئي کولي رکينس ۽ ھڪ ٽنگ سان وڃي بستري ڀيڙو ٿيءُ! راجا مھاراجا کي ڇڏ، ڪنھن شھنشاھ کي اگر سڻس پئجي وڃي ته ھو ان مزي کان محروم آھي ته اوڇنگارون ڏئي روئي! ليڪن، بادشاھن جا اھڙا ڀاڳ ڪاٿي!؟ ھيءَ ٽنگ تو کان سواءِ ڪنھن ٻئي کي ھٿ به نه ايندي! اصل ۾، مان خود به ائين ٿو چاھيان ته اھا تو کي ئي ملي! ھان پنجاھ جو نوٽ نقد سوٿيءَ ۾ ڏي ته ھيءَ ٽنگ تنھنجي ٿي. مون کي ڏک ته ٿيندو ته اسان جي خاندان ۾ نه رھي. ليڪن ڇا ٿو ڪري سگھجي! ھاڻ مان وڌيڪ ڪجھ به نه ٻڌندس. انھيءَ اگھ تي ته ڄڻ مفت ۾ آ.“

بنواريءَ ٻڌي، چيس؛ ”منھنجي ڪھڙي ڪم جي؟“

”اڙي ابا! تون سمجھين ئي نه ٿو!. تون پاڻ استعمال نه ڪئي ته ٻچڙا ان کي گھوڙي ڪري سواري ڪندس. باھ ٻارڻ وقت، ٽانڊي سورڻ لاءِ، چمٽي جو ڪم ڪندي. اصلي ڄنگھ، ٿورو چلھ ۾ وجھي ته ڏس، ڇا ٿو ٿئي! فراسيون ڇنڊڻ، تماڪ ڪٽڻ جي ڪم اچي سگھي ٿي. گھرن ۾ ڪتا ٻلا، اڻيھي ڪاھي ٿا پون. ھڪ دفعي ڪنھن ڪتي ٻلي تي لَوَڙَ ڪري اڇلي ته ڏس. مجال آ ڪنھن ڪتي ٻلي جي، جو وري تنھنجي گھر جو رخ به ڪري. تون ڪتن کان ته ضرور ڀؤ ته ڪندو ھوندين. جيئن ڪتي کي ايندو ڏٺئي، پنھنجي جاءِ تان ھٽي بيٺين. ان ۾ تعجب جي ڪھڙي ڳالھ آ، جيستائين منھنجي اصلي ڄنگھ صحيح سالم ھئي، منھنجو به اھو ئي حال ھيو... ھيءَ ھٿرادو ٽنگ لڳاءِ، ڪتن جو ڪو ڀؤ ئي نه رھندئي. ڀلي ٻه لک ڪتا به اچن، تنھنجو ڇا بگاڙيندا! ڪتن کي ايندي ڏسين ته اطمينان سان بيٺو مشڪندو رھ ۽ ھيءَ ٽنگ اڳيان ڪري ڏين! ھاڻي ڀلي جيترو به ان کي ڇنن، مٿئون بيھي نوس نوس ڪنس، چڪ پائينس، چٻاڙينس، ڀونڪي ڀونڪي کڻي آسمان مٿي تي کڻن. تو کي ڇا ٿيندو!؟ ان لاءِ ته مان چوان ٿو ته؛ ھيءَ ٽنگ ھڻي، وڏو رعبدار مڙس ليکبين. وري جڏھن مون کي اھو خيال ٿو اچي، دل ٿي چوي ته تو سان خاص رعايت پڻ ڪجي. يعني ڏيڍ رپئي ۾ ئي ڏئي ڇڏيانءِ! مون واري ڳالھ دل کي ڪيئن لڳئي!؟ استاد ھٿ اڳتي ڪر! بس ڏيڍ رپيو تون ڪڍ، مان به ھيءَ لاھي تنھنجي حوالي ٿو ڪيان!“

”اڙي يار! تون به ڪھڙي قسم جو ماڻھو آھين؟ منھنجي ڳالھ به سمجھ ۾ نه ٿي اچئي؟ گوشت پوست جي اصلي ڄنگھ جو ڇا ھي!؟ لکين ڪروڙين پيون ٿيون ڌڪا جھلين، ٽڪي ڌڙي به ڪو وٺڻ لاءِ تيار ناھي. منجھانئن ته ماڻھو ڪڪ ٿي پيا آھن. جڏھن ڏس، اھي ئي ساڳيون ٻئي ٽنگون. تون عام ماڻھن جھڙو ٿورو ئي آھين. جيڪڏھن مون ۾ نه تو جيتريون خوبيون ھجن ھا، مان ھڪڙي ڄنگھ ڪپرائي، ڪاٺيءَ جي ٽنگ لڳرايان ھا. اگر تون ڄنگھ ڪپرائڻ تي رپيو پئسو خرچڻ نه ٿو چاھين ته پاجامي کي ٿورو اڊيڙائي، ھيءَ سھڻي ٽنگ ائين لڳائي ڇڏ!“

سؤپيري ڇا ھي، ڌرتيءَ تي سرڻ وارو ھڪڙو حقير جيت! خبر اٿئي ڪيتريون ڄنگھون ھونديون اٿس. سؤ کان ته گھٽ نه ھوندس؟ اگر انسان جون، جنھن کي ساري خدائي، اشرف المخلوقات ٿي سڏي، ٽي ٽنگون ھجن ته ڪھڙي آفت اچي ويندي؟ تون ٽن ٽنگن تي ھلڻ شروع ڪر ته تنھنجا ڀاڳ کلي پون. ٽن ٽنگن واري واڻيي کي ڏسڻ لاءِ خلقون نه اچي ٽُٽَن ته چئجان! سڄي قوم تو تي فخر ڪري، يورپ کان ماڻھو تو کي ڏسڻ اچن. دنيا جي ھڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين تنھنجو نالو مشھور ٿي وڃي. تنھنجو ڪاروبار اھڙو چمڪي پوي جو بس ڇا چئجي؟! جيڪو ڏسڻ اچي، سو اٽو، چانور، لوڻ ۽ تيل تو کان خريد ڪري. ٽنگ جي ٽنگ، اشتھار جو اشتھار. شھرت، عزت ۽ نيڪنامي مفت ۾. تون ھلندين پراڻين ڄنگھن سان پر ھيءَ نئين ٽنگ به کٽ کٽ ڪندي ساڻ ھوندئي. اھو کڙڪو، جيڪو به ٻڌندو، ڀڳو ڀڳو پيو ايندو. جيڪڏھن مون واري ڳالھ سمجھ ۾ آئي اٿئي ته پوءِ اچ پاءُ نمڪ-پارا ۽ کير جو پيالو ڏيار، بس ھيءَ ٽنگ تنھنجي ٿي.“

بنواريءَ نمڪ-پارا توريا، کير جو ھڪڙو گلاس، سندس حوالي ڪيائين. جڏھن ھو نمڪ-پارا کيسي ۾ وجھي ۽ کير جو گلاس پي چڪو ته بنواريءَ چيس؛ ”جيڪڏھن تون اھي ٻئي شيون، نذراني طور قبول ڪرين ۽ ھتان ھليو وڃين ته وڏا وڙ ٿيندا.“

اوپري ھمراھ، دروازي جي ويجھو پھچي چيس؛ ”چڱو يار! موڪلاڻي! ليڪن ھيءَ ٽنگ تنھنجي ٿي چڪي آھي. ائين سمجھ ته مان تو وٽ گروي رکي چڪس، جڏھن چاھين کڻي وڃجانءِ. مان پنھنجي وصيت نامي ۾ ان ڳالھ جو ذڪر ضرور ڪري ويندس. منھنجي مئي کان پوءِ به شايد تو کي ان جي ضرورت نه پوي، ان لاءِ مان اھا بئنڪ ۾ رکائيندس. ان جو سود پيو تو کي ملندو. جڏھن کپئي، چيڪ موڪلي بئنڪ مان ڪڍائي وٺ! چڱو خدا حافظ.“

 

(ھڪڙي آمريڪي افساني تان ماخوذ)

No comments:

Post a Comment