Wednesday, June 2, 2021

اُمنگن جو آهنگ - رزاق سهتو

اُمنگن جو آهنگ

ننڍڙي ڪهاڻي

رزاق سهتو



رحمتِ نيرن جي ماني گهڙڻ ويٺي. اکيون ڄڻ سالن کان اوجاڳيل. منهن تان رونق موڪلايل، ساڻو سرير ۽ ساهه کي ڇڪ. نڪي چاهه پاڻ سان نڪي گهر سان، بي ساهه پتلي جيان پئي لڳي. پاري مان اٽو ڪڍي، پاٽ ۾ پلٽيائين. اٽي کي چڱي ڪل ڏئي، ڳوھي تيار ڪري، مکڻ وٽيءَ ۾ رجائي، ڀر ۾ رکيائين. تئو چلھ تي چاڙهي، اڳ ئي باهه ڪري ڇڏي هئائين. وري ڪاٺين کي سوري، باهه کي وڌايائين. تئي تي گهه جا ڇانڊارا هنيائين، اهو جاچڻ لاءِ ته تئو ماني پچائڻ جهڙو ٿيو يا نه. ڳوٿل اٽي مان چاڻو پٽي، چُوڪور تي رکي ٿڦائين. ٿورو ويلي، رجيل مکڻ مان آڱريون ٻوڙي، تنهن مٿان گهمايائين. اوڦٽارو ٺاهي تئي ۾ وڌائين. هي سڀ ڪم بي دليو ۽ پاڻ هرتو پئي ٿيو.


رڌڻي جي ڀر ۾ ڪانون ڀت تي ڪان، ڪان ڪري سندس ڌيان پئي ڇڪايو. هڪ ڪروڌ ڀري نگاهه انهن تي وڌائين. هٿ وري ٻئي اٽي جي چاڻي کي مانيءَ جي ڍنگ ۾ آڻڻ لاءِ حرڪت ۾ اچي ويا. ڪجهه ڪانو اڏري ويا. ڪي لڳاتار ويٺي، ڪان ڪان ڪندا رهيا. پاڻ ٻيهار، ڪانون کي ڏٺائين. اکين مان ڌڪار چٽي پٽي ظاهر پر ڪانون کي تنهن رمز جي ڪهڙي سرت. انهن کي ته مٺو لولو کپندو هو، جنهن جا هيراڪ هئا. رحمت ڪانون ڏانهن ديد کئين.

“توهان کي مٺو لولو ڪا نه ڏيندس. ڪو ئي اچڻو ئي ناهي. پوءِ مٺو وات ڇو ڪرايانوءَ، مان ڪهڙيون مٺيون مانيون کاڌيون آهن. جو توهان کي کارايان هلو.!؟”

هن ڇيڻو کڻي ڪانون کي ڇينڀيندي اڏارڻ لاءِ هنيو. اهي ڪا دير اڏري وري ساڳي جاءِ تي اچي ويٺا ۽ ڪان ڪان جي ڌم لائي ڏنائون.

رحمت انهن کي ڏٺو. وري ڏٺو؛ “او ڪانوئون! ڪان ڪان نه ڪريو. منهنجا ڦٽ ٿا چڪن. اوهان کي برابر مٺو لولو ڏيندي هئس. جڏهن هو اچڻو هوندو هو. ڇا ڇا نه ڪندي هئس.؟”

ڪانون سان ڳالهائڻ لڳي.

“هو ڏاڍو سياڻو اڳواٽ ضرور چوائي مڃندو. فلاڻي ڏينهن اچان پيو. پوءِ اها رات آءُ اڪيلي ڪاٿي هوندي هئس. پاڻ اوسيئڙي جي رڃ ۾ ساڻ هوندو هئم. هنڌ ۾ سمهڻ لاءِ اچان، هن جي سمهڻ واري پاسي کي کٽ تي خالي ڏسان. ديد پوندي ٿڌو ساهه نڪتو وڃي.“

من سان پئي ڳالهيون ڪندي هيس.

“هو سڀاڻي ايندو هتي ئي اچي ڀر ۾ سمهندو.“

سوچ.

اکيون بند ڪري ٻانهن اوڏانهن ورائي ڪندس. ڀاڪر ۾ جُڙي هڪ ٿي وڃڻ جو تصور اکيون پٽيندي اڪيلي اڪيلي پر آسري جا ڏيئا ٻري پوندا هئا. چپن ۾ جملو.

“سڀاڻي ايندو ڏينهن گذري ويندو ۽ ايندڙ رات منهنجي ۽ هن جي هوندي ها ۽ پاڻ ارپڻ جي رات.“

صبح جو رڌڻي ۾ نيرن جي ماني گهڙيندي. برابر ڪانو ايندا هئا. انهن کي مٺو لولو پچائي وجهندي هئي. انهيءَ خوشيءَ منجهه ته هو اچي رهيو آهي. ڪانو ته انهن ڏينهن جا هيراڪ آهن. پر هوءَ ساڳي ڪاٿي رهي آهي. نڪي هو ساڳيو رهيو پر ڪانو ته ساڳيا رهيا. اهو ئي مٺي لولي جي اميد تي ڀت تي اچي ويهن ٿا ۽ ڪان ڪان ڪري رڻ ٻاري ٿا ڏين. هاڻي انهن جي ڪان ڪان هنياءُ پٽي ٿي ڇڏيس. انهن کي ڇا خبر.؟ گهر جو کليو اڱڻ، ساڳيو رهيو پر مٽ، مائٽ، هڪ جيڏيون، ماساتيوين، سئوٽيون، ڪڻو ڪڻو ٿي ويون. جيڏيون سامايون ته هر ڪا شينهن ڪلهي چڙهندي وئي. اهو ڪنهن ڪو نه ڏٺو. ڪلهو مناسب، هيڻو يا طاقتور آهي. بس، لکئي جو ليک، ڄاڻي سڀني اکين تي هٿ رکيا. ويڙهي ۾ جوان مرد ته ساڳيا رهيا پر ناريون مٽجي ويون. ڀينرن جي جاءِ ڀاڄائين ورتي. سڄي ويڙهي کي چوڌاري ڪوٽ، اچ وڃ لاءِ سڀن جو هڪ ئي دروازو. هاڻ ڪوٽ کي مختلف پاسن کان هر ڪنهن پنهنجا پنهنجا در وڌا. اڳ سڀ گڏجي ويهي هڪ ٻئي سان دل جا حال اورينديون هيون. پنهنجا سڀني ٻُنڀا ڇا مٽايا ڄڻ دلين جا در ئي مٽجي ويا. پر رحمت جو ته اندر ئي ٻهارجي ويو.

“هاڻي ڀلا ڪانون کي لولو ڇو ڏئي. جڏهن هو اچڻو ئي ناهي.“

ماني ويلي، تئي تي وڌائين. ڳوٿل اٽي مان اٽو پٽي چاڻو ٺاهيائين. هٿن جي حرڪت سان گڏ گڏ ذهن تي يادگيريون آيون، ويون پئي. سار جا ڪيئي سلسلا جڙي پيا هئس. هڪڙي ياد.

جڏهن هو قيدي بڻيو هئو ته سندس سهرو ڳوٺ کان شهر جيل تي ملاقات لاءِ ويندو هئو. ساري رات سوچيندي رهي. هن لاءِ کيس ڪهڙي شئي ٺاهي ڏيان، جا کيس گهڻي وڻي وڃي. هن جي پسند کاڌي جي شين جا نانو ورجائي من ڪنهن هڪ تي دل اچي وڃينس. صبح جو سوير اٿندي. سس کي به نه اٿاري. سڀ ڪجهه پاڻ ٺاهي. ڏاڍي چاهه سان ڏاڍي ڌيان سان انهن کي بند ڪرڻ کان پهريائين. سڀن پچايل کاڌن کي ٿانون ۾ وجهي. انهن کي اکين تي آڻي. سوچيندي هئي. هُو مانيءَ مان هتان گرهه ڀڃيندو. هن پاسي کان ڀاڄيءَ مان گرهه ٻوڙيندو. نه هتان، هن پاسي کان شروع ڪندو. کيس هتان کائڻ جي عادت آهي. انهيءَ هنڌ کي هنياءَ سان لائيندي ڏاڍو سرور پيو اچيس تن سڀني کاڌن مان ذرو، ذرو ڪانون لاءِ رکي. سهرو روانو ٿئي. ڄڻ سندس دل ساڻ کنيو وڃي. چپن ۾ چئي.

“الله واهي.”

سهرو جيسين ملاقات ڪري موٽي اچي. گهر جو ڪم ڪين اڪليس. سَسُ هر هر ڇينڀيندس؛ “ڇوري ڇا ٿيو ٿي ڪم ۾ ڌيان ڪَرِ.“

سارو ڏينهن ساهه ٽنگيل. جڏهن رات جو سهرو موٽي اچي. رات جي ماني کائي گهر ڀاتي ڪچهري ڪن. هوءَ پَرڀرو ڪَنُ لائي ويٺي ٻڌندي. نه سوال ڪري، نڪي جواب ڏئي، حجابن جا پردا ڪريل. مهڻن جا جملا منهن تي ٻڌڻا پوندس ته.

“ڇوري سهري کان مڙس جو ٿي پڇيس.“

 تنهن کان ڪجهه ڪين ڪڇي. ڏيرن جون ڏنگايون پنهنجي جاءِ. بس ڳالهيون ڪندي مڙس جونالو کڻن ته جهڙوڪ من مٿان مصريءَ جو پاڻي پئي پئجي ويس.

سهري جو مٿي تي هٿ رکي چوڻ؛ “هينئون نه لاهه. ڇوڪرو جلد ڇٽي نڪرندو. ڪو چور يا ڌاڙيل ٿورو ئي آهي. سياسي قيديءَ جو درجو ڏئي رکيو اٿنس. ڏاڍو خوش آهي. ٿورو لانجهو ٿي پيو آهي. آخر گهر ۽ جيل ۾ فرق ته آهي نه تنهنجو پڇائين. چيومانس سُکي آهي.“

ههڙا جملا سندس هاريل دل کي سنڀالي وجهندا هئا. سندس اندر جي اڱڻ تي بهار جو مينهن بڻجي وسندي اڀري آيل جذبن کي سيراب ڪندي ماٺو ڪري. ڪنهن نئين امنگن جو آهنگ جوڙي ڇڏيندا هئا ته من جو اڱڻ اجرو ٿي پوندو هئس. پر اهو سڀ پاڻيءَ فوٽي جيان نڪتو. چپن جي خشڪي، تن جي تاس سڀ جا سڀ اڃايل ۽ آسروند رهجي ويا. دل جو خالي پڻو کيس رولي ٿو ڇڏي.

هو پهريون ڀيرو جيل ڪو نه ويو هئو پر جدائيءَ جا ڏنڀ شاديءَ کانپوءِ ستت ئي شروع ٿي ويا هئس. هو سياسي، نظرياتي طور جنوني هئو. اڃا جوانيءَ ۾ مس پير پاتائون جو سندن شادي ٿي وئي. ڪاليج پڙهڻ ويو. پوءِ جڏهن گهر موٽيو روپوشيءَ ۾ موٽيو. ڪيترن مهينن جي جدائيءَ کانپوءِ گهر ايندو هئو ته رات جي پهرين پهرن تائين. هڪ ٻئي جي بتن جي خبر ئي ڪا نه پوندي هئن. هوءَ ڪٿي ۽ پاڻ ڪٿي آهي. جڏهن ٿَڪُ ورائيندو هئن ته ويهي ڪچهري ڪندا هئا. چوي؛ “دل نه لاهه اجهو ٿا آزادي ماڻيون. تون راڄ جي راڻي ٿيندينءَ، جدوجهد جي هر عمل ۾ ساٿياڻي آهين.”

هوءَ جواب ڏيندي هئي؛ “مان اڻ پڙهيل ڄٽ! رڳو تنهنجا اخبارن ۾ فوٽو ڏسندي آهيان. سمجهان ٿي مڙئي ڪجهه ٿي ويو آهين؟“

“اها ئي تنهنجي سادگي ماري ٿي ڇڏي. مان تنهنجي جنم، جنم جو ساٿي آهيان.”

ائين چئي کيس ڀاڪر ۾ ڀري چپن جي ويجهو ٿي ويندو هئو ته سندس بت مان مهينن جي اوسيئڙي جا ٿڪ لهي ويندا هئا.

هن ڀيري ڊگهي عرصي لاءِ جيل ويل هئو. سو رحمت جو روح ڌڪجي پيو هئو. ارڪان اجڙي ويا هئس. سَسُ ذري گهٽ مار ڏني هئس. ڇو ته وار وچڙيل، ڪنگي لاءِ پيا سڪندا، گَگهو ميرو، پيرن تي مَرُ چڙهيل، منهن اڻڀو، وهنتي ڏينهن وهامي ويا هئس. اکين ڪجل ڪو نه ڏٺو ھوس. چَپ مساڳ کان محروم.

سسڻس چيو هئس؛ ”ڇو رحمت! رن زال جهڙا سانگ ڪيا ٿي. الهه ڏينهن ڏئيس. جڙيو رهي. ٻچو اڃا جيئرو آهي. تو حال پنهنجا وڃائي ڇڏيا آهن. اٿي وهنجي سهنجي پاڻ اجرو ڪر.”

رحمت گسر کان ڪم ورتو. سسڻس اجلت وچان ٻانهن کان ڇڪي وهنجڻ جي جاءِ ۾ آندو هئس. پاڻيءَ جا ٽين ڀري. تيل ميٽ سان گڏ سُرهي صابڻ جي چڪي ڏنائينس. ڇڙٻيون ڏئي ميرو گگهو لاٿائينس. هوءَ ڄڻ ننڍڙو ٻار هجي. جڏهن اڌ وهنتي ٿي ته سس وهجڻ جاءِ مان ٻاهر نڪري آئي. هوءَ اڪيلي ٿي پئي. اکيون ڀرجي آيس. هڪ صدا جو پڙاڏو.

“تو بن ڪانڌ پيو چيڙهه چڳن ۾، ڪهڙا ڪيون سينگار، ڪهڙا خالي وهنجڻ، بس جڏيءَ کي رڳو تنهنجو اوسيئڙو ئي جياريندو پيو اچي.”

رحمت وهنجي ٻاهر نڪتي. سس ڦڻي کڻي وارن کي سنوارڻ ويٺي هئس. ساڳي ڏينهن تي مڙس جي آزاديءَ جي خبر آئي هئي. رحمت جا سارا سانگ سجايا ٿي پيا هئا. ملول دل، خوشيءَ کان جهومي پئي. جاڳي پيا اندر جا احساس، نکري پيو چهرو، ڀرجي آئي دل ۽ من جي ماٽي، ڇلڪي پئي بيقراري، آسروند اکيون در تي اٽڪيل. هو ڪو نه آيو. رڳو جيڏين، ساهيڙين، مِٽن جون مبارڪون مليون. پر هو ڇو ڪو نه آيو. سهري گهر وارن کي ٻڌايو.

“هو شهر ۾ رهي پيو. پارٽيءَ جي اڳواڻ پاران دعوت ۾ رڌل هئو.“

رحمت جي حوالي، سهري اخبار ڪئي. جنهن ۾ مڙس جي تصوير، گلن جا هار پاتل، ڏسندي ئي هوءَ مرڪي پئي. اخبار کڻي پنهنجي منهن هلي وئي. فوٽو ڏٺائين. اڀري آيو اکين ۾ خوشيءَ جو پاڻي، اخبار سيني سان ڪا دير لڳائي بيٺي رهي.

ڏينهن، هفتا، مهينا، سال لنگهي ويا. هو ڪو نه آيو. رحمت اتاولي، اٻاڻڪي، ڪيئي وهم، وسوسا، بت بنجر زمين ٿي پيو، ڦُٽي پيا ڊڀن جا سلا. هينئو ٻيرو ٻير، ڇا ٿيو ڇا نه ٿيو.

آئي پوءِ هڪ خبر. سس سهري جو ڪنڌ جهڪيل، ڏيرن جون هنڀوڇيون، ڳالهه کائونس، لڪائي پئي وئي. اندر کي اڊڪن لوڙهي ڇڏيس. ٻن ڏينهن تائين مئلن ۾ نڪي جيئرن ۾، اکيون آب هارينديون رهيون. نڪي کائڻ، نڪي پيئڻ. مٽ مائٽ سڀ اوپرا لڳا هئس. ڳچيءَ جي هار جو ڌاڳو ڇڄي پيو. سڀ مڻيا وکري ويا. اکين اڳيان انڌارو. قرب وارن جا بي وزن دلاسا. سرير ۾ ساهه، هئس ئي ڪو نه. ڳالهه ئي اهڙي هئي، جيڪا آخر سندس ڪنن تائين پهتي. سندس ڪانڌ ٻي وني ماڻي هئي. پڙهي لکي، جوان، شهري ڇوڪري، نالي واري شهرت واري، اخبار ۾ فوٽو. ڪئپشن.

“ٻن ناميارن شخصيتن شادي ڪري ڇڏي.“

جيڪو هوءَ ڪا نه پڙھي سگهي. هڪ عورت، ٻيءَ عورت مٿان ڳري پئجي وئي. ڳچين ۾ هار، نئين جوڙي کي، رحمت پاتل ڏٺا. جيڪي کيس نانگ بڻجي ڏنگڻ لڳا. جهري پئي، جيءَ جي جهوپڙي.

رحمت آخري حقارت ڀري نگاهه ڪانون تي وِڌي.

“چئو اي ڪانوئون توهان کي مٺو لولو کارايان پادر نه اڇلائي هڻان.“

 

(رزاق سهتو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment