Sunday, June 13, 2021

ان جي پڙھڻ سان گھڻن جو ڀلو ٿيندو

ان جي پڙھڻ سان گھڻن جو ڀلو ٿيندو

چراغ حسن حسرت

انجنيئر عبدالوهاب سهتو



ھن، جھاز تان لھندي ئي منھنجو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائي ورتو. سندس انداز منجھان ائين پئي لڳو ڄڻ ڌرتيءَ جي گولي جي ڪنڊ ڪڙڇ کان واقف ھجي ۽ بمبئيءَ ورھين پڄاڻان آيو ھجي. ھن جھڙو بدشڪل ۽ بي ڊولو شخص، اڄ تائين منھنجي نظر مان نه گذريو آ. ليڪن سندس بدصورتيءَ ۾ به ھڪ خاص قسم جي ڇڪ ۽ ڪشش ھئي. سندس بي ڊولن مھانڊن، ڪاري رنگ ۽ اڍنگي بت تي نظر پوندي ئي ماڻھوءَ کي بيزاريءَ جي احساس سان گڏوگڏ حيرت به ٿيڻ لڳي.



سندس نالو شھريار ھيو. مون سان جلد گھرگھلو ٿي ويو. ھن جڏھن ڳالھائڻ شروع ڪيو ته لڳو پئي ته ڄڻ سندس آواز ۾ ھڪ قسم جو مٺاس ۽ نرمي ھجي. سندس ڳالھيون ٻڌي، ماڻھوءَ جي دل خواھ مخواھ ڏانھنس ڇڪجي پئي وئي. ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالھيون ڪرڻ پڄاڻان، مون کي چوڻ لڳو؛ ”عورتن جو اندر، ڪو به نه ٿو ڄاڻي سگھي.“ اھو ٻڌي، مون کي کانئس، ھڪ قسم جي مايوسي ٿي پئي. ڇو جو مان ان شخص کان، جيڪو بظاھر سياح پئي لڳو، ڪو عجيب غريب داستان ٻڌڻ پئي گھريو. مگر ھن ھڪ اھڙي ڳالھ ڪري وڌي، جيڪا ھزارين سالن کان ماڻھو چوندا آيا آھن. چڱي وٿي وجھي، ھو پڇڻ لڳو؛ ”تو ’اوراتما‘ جو نالو ٻڌو آھي؟“

مون جواب ڏنس؛ ”مون کي ٿورو ياد پوي ٿو. شايد ڪنھن ناچڻيءَ يا خوشبوءِ جو نالو آھي.“

ھو چوڻ لڳو؛ ”نه صاحب! ’اوراتما‘ ھڪ شھر جو نالو آھي. ھيءُ شھر اھڙي ھڪ ملڪ ۾ واقع آھي جنھن بابت اوھان ماڻھو ڪجھ به نه ٿا ڄاڻو. وري جي مان اتان جون حالتون ٻڌايان ته اوھان ڪجھ سمجھندئو به نه. بس ايترو ٻڌي ڇڏ ته ان ملڪ جي حڪومت ھڪ آمر جي قبضي ۾ ھئي ۽ اتي چوچلا نالي ھڪڙي جڙي ٻوٽي ججھي پيدا ٿيندي آھي. ان ملڪ ۾ اوھان جي ھن خادم کي ھڪڙو واقعو پيش آيو، جنھن کي وسارڻ ناممڪن آ.

مان ان ملڪ ۾ پورا پندرنھن سال رھيو آھيان. اتان جي حاڪم جو مشير ھيس ۽ ھو منھنجي مشوري کان بغير ڪو به ڪم نه ڪندو ھيو. منھنجي چوڻ تي ڪڏھن ھو پاڙيسري سلطنتن سان جنگ جوٽيندو ھيو ۽ ڪڏھن ناڪي ۽ آمد ۾ واڌارو ڪري ڇڏيندو ھيو. مون کي اثر و رسوخ فقط پنھنجي زباني طاقت جي ڪري حاصل ٿيو ھيو. اھو صحيح آھي ته بد صورتيءَ ۾ پنھنجو مثال پاڻ ھيس. مگر قدرت مون کي بيان جو حسن ۽ زبان جو مٺاس عطا ڪري، ان ڪميءَ جي تلافي ڪري ڇڏي ھئي. مان به ان ئي قوت جي ٻَرَ تي سلطنتن کي قرض وٺڻ يا ڏيڻ تي آماده ڪري سگھان ٿو. سپاھي منھنجي تقرير ٻڌي، جنگ جي ميدان جي پٿريلي زمين تي راتيون گذاري ڇڏيندا آھن ۽ چون به نه ڪندا آھن. مون کي زبان جي تلوار جي زور تي شورش کي ختم ڪرڻ جو ڍنگ به اچي ٿو. جنگ جا ڪتا، منھنجي سيٽيءَ جو آواز ٻڌي ڇيڇاڙ باڇاڙ ڪندا آھن ۽ امن جا پاريھر منھنجي ھڪڙي اشاري تي پنھنجا پر ٽيڙي ڇڏيندا آھن. جڏھن ماڻھو مون کي پھريون دفعو ڏسندا آھن ته ڏڪي ويندا آھن، ليڪن جڏھن مان زبان کوليندو آھيان ته ڏھن منٽن جي اندر اندر پوريءَ طرح مٺ ۾ ڪري وٺندو آھيانِ. ڇا تنھنجي خيال ۾ اچي ٿو ته ڪا عورت مون جھڙي شخص کي پسند ڪندي؟“

مون چيس؛ ”تاريخ ۾ اھڙا مثال ته موجود آھن ته.........“

ھو ڳالھ ڪٽيندي چوڻ لڳو؛ ”معاف ڪجو! اوھان منھنجو مطلب نه سمجھيو. ٿورو منھنجو داستان ٻڌي وٺو ته اوھان تي منھنجو مطلب واضح ٿي پوندو. يوسف، منھنجو ھڪڙو دوست ھيو. ان جا وار ڀورا ھيا ۽ اکيون نيريون، جيڪي کلڻيون لڳنديون ھيون. جڏھن ته ھو مردانگيءَ واري حسن جو پورو نمونو ھيو، ليڪن سندس ڳالھائڻ ۾ ڪا ڪشش نه ھئي. منھنجي ۽ ھن جي دوستيءَ جو سبب به اھو ھيو ته اسان ٻئي ھڪٻئي جو ضد ھياسين. ھو جڏھن منھنجي چھري تي نظر وجھي ته سندس دل ظاھري وجاھت ۽ مردانگيءَ واي حسن جي غرور ۾ ڀرجي وڃي. وري جڏھن سندس نڙيءَ مان چند اڻ چٽا آواز نڪرن، جنھن کي ھو ڳالھائڻ سان نسبت ڏيندو ھيو، ته مون کي اطمينان ٿي ويندو ھيو ته خدا مون کي سھڻي صورت ناھي ڏني ته ڇا ٿيو، زبان ۾ ته اثر رکيو اٿائين.

ھڪ دفعي مون کي شھر ’اوراتما‘ ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿي پيو. ان موقعي تي وري يوسف به ساڻ ھجيم، ڇو جو کيس ان ملڪ ۾ تمام گھڻا واپاري حق حاصل ھيا. ھو ڪيترن ئي ڪارخانن جو مالڪ ھيو. سڄي ملڪ ۾ مھنجي نالي جي ھاڪ ھئي. اخبارن ۾ منھنجون تعريفون ڇپبيون ھيون. ان ڪري مان جڏھن ’اوراتما‘ پھتس ته ماڻھو مون کي ڏسڻ لاءِ ڪنڊ ڪڙڇ کان اچي ڳاھٽ ٿيا. يوسف کان ڪنھن پڇيو به ڪو نه. انھن مڙني جا سر، منھنجي آڏو جھڪي ويا. منھنجي زبان مان نڪتل ھڪ ھڪ لفظ وٽن پوري لائبرريءَ کان وڌيڪ قيمتي ھيو.

دنيا ۾ اھڙا ماڻھو به کوڙ آھن، جيڪي اھڙن موقعن تي پاڻ کي چڱيءَ طرح سينگاريندا آھن. چھري تي پائوڊر ھڻندا آھن. ڳٽي تي نقلي تر ڪڍندا آھن ۽ طرح طرح جي پائوڊرن جي استعمال سان سھڻو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. ليڪن ڪوششن سان ڇا ٿو ملي. ماڻھو، سڻڀن ڳٽن کي ڪو نه ٿا ڏسن، بلڪ سڻڀين ڳالھين جو ٿا قدر ڪن. قد ڪاٺ کي ڪير ڪو نه ٿو پڇي. خيال جي لطافت ۽ بيان جو رنگين انداز، مڙني کي مريد ڪيو ڇڏي.

ھا! ته مان اوھان کي ٻڌايو پئي ته ھڪ ڏينھن مان ۽ يوسف ’اوراتما‘ جي مشھور ڪلب ’ھزار پايا‘ ۾ مٿين بالڪونيءَ ۾ ويٺا ھياسن. اچانڪ يوسف چيو؛ ڀاءُ يار! ’اوراتما‘ ۾ مون ھڪ حسين عورت ڏٺي آھي، جنھن جي سونھن ۽ سوڀيا جو مثال دنيا جي پردي تي ڪٿي به نه ٿو ملي سگھي. مون پڇيس؛ ”ڪير؟“

ھن چيو؛ ”شھر جي رئيس جي ڌيءُ ليليٰ. ان مون کي ھڪ ئي نگاھ ۾ ونگي ڇڏيو، ليڪن تون ته شڪل صورت ۾ گنيڊي کان گھٽ ڪونھين، تو کي انھن ڳالھين سان ڪھڙي دلچسپي ٿي سگھندي. مون چيس؛ ”اھو صحيح آ، خدا مون کي حسين نه جوڙيو آ. ليڪن ھن مون کي فصاحت بخشي، ان ڪميءَ جي تلافي ڪري ڇڏي آھي.“ يوسف چوڻ لڳو؛ ”انھيءَ ڪري مان، ان معاملي ۾، تو کان مدد ٿو گھران.“

”مان تنھنجي مدد، ڪيئن ٿو ڪري سگھان.“

”ھن ملڪ ۾ تون وڏو ماڻھو سمجھيو ٿو وڃين. ٻيو....“

”ان ۾ ڪو شڪ ئي ناھي. مان وڏو ماڻھو آھيان.“

”۽ مون جھڙو حسين شخص، ملڪن ۾ ڪو نه ملندو.“

اڳتي چوڻ لڳو؛ ”ھاڻ ٻڌ! اھا منڊم صرف شام ڌاري گاڏيءَ ۾ چڙھي اچي ٿي ۽ ميدان جو چڪر ھڻي واپس موٽي ٿي وڃي. يا ته ڪي خوشنصيب ان وقت سندس جھلڪ پسن ٿا يا ڪڏھن ڪڏھن ھوءَ پنھنجي گھر جي دريءَ وٽ ويٺي نظر اچي ٿي. مان چوان ٿو ته اسان ٻئي ملي، ان پريءَ کي شيشي ۾ لاھي وٺون.“

”ليڪن اسان ٻنھي مان ٿيندي ڪنھن جي؟“

يوسف چيو؛ ”منھنجي، ٻيو ڪنھن جي؟“

اڳتي چوڻ لڳو؛ ”ليليٰ، جڏھن سير ڪرڻ لاءِ ميدان تي ايندي آ ته مون کي اتي ويٺل ڏسندي آھي. مگر منھنجي اصلي نالي کان واقف ناھي. بلڪ ھوءَ مون کي شھريار ٿي سمجھي. دراصل مون خود، سندس انا جي ذريعي کيس غلط فھميءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي. منھنجو خيال آھي ته تنھنجي شھرت، سياسي ڄاڻ ۽ ڏاھپ ۽ منھنجي وجاھت ۽ حسن، جيڪڏھن ھڪ شخص ۾ ڪٺا ٿي وڃن ته دنيا ۾ ڪھڙي عورت اھڙي آھي، جيڪا اھڙي شخص جي زال ٿيڻ نه چاھي. ھن تنھنجا سمورا ڪارناما، ھڪ ھڪ ڪري ٻڌا آھن ۽ مون کي وري وري ڏٺو اٿائين.“

”ليڪن اھا ول، ڀت تي چڙھندي ڪيئن؟“

”ٻڌ! ليليٰ جي گھر سان گڏ ھڪڙو ھيٺانھينءَ تي باغ آھي. ليليٰ جنھن ڪمري ۾ راتين جو اڪثر اچي ويھندي آھي، سو انھيءَ باغ ۾ کلندو آھي. ڪمري سان گڏ، نارنگيءَ جو وڻ آھي، جنھن تي عشق جون وليون چڙھيل آھن. اگر اتان بيھي، ڪو ليليٰ سان ڳالھائي ته ان جو چھرو دريءَ مان بلڪل نظر نه ايندو. مگر ھڪٻئي سان ڳالھيون سولائيءَ سان ڪري سگھندا. مان چوان ٿو ته رات جو تون اتي وڃ ۽ منھنجي بدران، ساڻس محبت جو اظھار ڪر. ھوءَ تنھنجو چھرو ته ڏسي نه سگھندي، ان ڪري اھو ئي سمجھندي ته ھيءُ اھو ئي حسين شخص آھي، جنھن کي مان ڏھاڙي ميدان تي ڏسندي آھيان.“

مون ٿوري دير ماٺ ڪرڻ بعد، کيس چيو ته؛ ”چڱو يار! مان ان معاملي ۾ تنھنجي مدد ضرور ڪندس ۽ مون کي يقين آھي ته منھنجون ڳالھيون ٻڌي ھن جي دل تي تنھنجي محبت جو چِٽُ اھڙو ته گھرو ٿي ويندو جو دنيا جو ڪو به حادثو، ان کي ميساري نه سگھندو.“

رات ڌاري، يوسف مون کي ڪاري چادر آڻي ڏني. منجھس سڄو جسم ويڙھي سيڙھي، ليليٰ جي ڪمري وٽ وڃي بيٺس. مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪو ٿڌا ساھ پيو ڀري. گڏوگڏ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ھڪ اڇاڻ مائل شڪل نظر آئي. ڪوٽ جي ڪالر ۾ ٻوٿ لڪايم ۽ تقرير شروع ڪري ڏنم. ائين لڳو ڄڻ، منھنجو آواز ٻڌندي ئي بت بڻجي بيھي رھي. ڪيڏي ڪيڏي مھل ’ھا‘ يا ’نھ‘ چيائين پئي يا پنھنجي سونھن ۽ سوڀيا جي ساراھ ٻڌي، ڪنھن حد تائين وڏي آواز ۾، چيائين پئي؛ ”صاحب! اوھان مون کي ٺاھيو پيا نه!.“

مان ڪلاڪ کن، تقرير ڪندو رھيس. تقرير ته ڇا ھئي، ھڪ مسلسل غزل ھيو، جنھن ۾ مون دل سان سندس سونھن ۽ سندرتا جي ساراھ ڪئي ھئي. جڏھن مان موڪلائڻ لڳس ته ھن مون کي ڳاڙھو گل ڏنو، جيڪو مون يوسف جي حوالي ڪيو.

ٽن ھفتن تائين اھو کيل، ائين ئي ھلندو رھيو. آخر ھڪ رات ھن، منھنجي زال ٿيڻ جي حامي ڀري. مون ايندي ئي يوسف کي اھا خوشخبري ٻڌائي ۽ ان سان گڏ کيس اھو به چيم؛ ”ڏس! في الحال ساڻس ڳالھائجانءِ نه! ڪٿي ائين نه ٿئي ته سڄو ڪيو ڪرتيو ڌوڙ ٿي وڃي.“

ٻئي ڏينھن يوسف چيو؛ ”اچ! ٿورو ميدان تان ٿي اچون.“ مان تيستائين اتي نه ويو ھيس جو مون کي کيل تماشي سان ڪا دلچسپي نه ھئي. اسان وڃي اتي بيٺاسين مس، جو پري کان ھڪڙي گاڏي ظاھر ٿي. جنھن تي يوسف چيو؛ ”منھنجي ليليٰ اچي پئي.“ مون ليليٰ جي باغ ۾ ڪيتريون ئي راتيون گذاريون ھيون، ليڪن اڃا تائين کيس ڏٺو نه ھيو. ھاڻ جو مون چھري تي نظر وڌس ته ائين محسوس ٿيو ڄڻ منھنجي پيرن ھيٺان ڌرتي نڪتي پئي وڃي. ڇو جو مون سڄي زندگيءَ ۾ اھڙي سھڻي عورت ڏٺي ئي نه ھئي. مون ان وقت وچن ڪيو؛ ”ڇا به ڪرڻو پوي، ھن عورت کي پنھنجو بڻائيندس.“ وري جڏھن پنھنجي شڪل ۽ صورت ڏانھن ڌيان ويو ته دل صفا ٻڏي وئي.

ليليٰ جي گاڏي، آھستي آھستي اسان جي ڀر مان گذري وئي. پلڪ سوا لاءِ ھن پنھنجا ڪارا نيڻ کنيا ۽ يوسف جي چھري تي کُپائي ڇڏيائين. يوسف چوڻ لڳو؛ ”شھريار! ھن عورت بابت اوھان جو ڇا خيال آ؟“

مون ورندي ڏنس؛ ”مون کيس پنھنجي وني بڻائڻ جو وچن ڪيو آھي.“

اھو ٻڌي يوسف ايڏو کليو جو پيٽ ۾ وٽ پئجي ويس. پوءِ چوڻ لڳو؛ ”ٿورو شيشي ۾ شڪل ته ڏس! انھيءَ ڊيل ڊول تي تو کي اميد آھي ته ليليٰ تنھنجي زال ٿيڻ قبوليندي.“ مون چيس؛ ”مان بحث ۾ وڃڻ نه ٿو چاھيان. مگر ڪن کولي ٻڌي ڇڏ ته ليليٰ ڄاڻ منھنجي زال ٿيڻ واري آھي.“

انھيءَ شام جو مان ليليٰ جي پيءُ سان مليم. ان ته مون کي اکين تي کڻي ويھاريو ۽ وڏي خدمت چاڪري ڪيائين. ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالھيون ڪرڻ پڄاڻان مون چيس؛ ”سائين منھنجا! مون اوھان جي ڌيءَ جي سونھن، سوڀيا ۽ قابليت جي وڏي واکاڻ ٻڌي آھي. جيڪڏھن اوھان ساڻس منھنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي ڇڏيو ته وڏو ٿورائتو رھندس.“

ليليٰ ڀت جي ڀر ۾، ڪرسيءَ تي ويٺي ھئي. سندس پوشاڪ سفيد ھئي ۽ ڪاڪل ۾ موتي ٽمڪي رھيا ھيس. ’اوراتما‘ جي حاڪم، مون کي وٽس وٺي وڃي، انتھائي موزون لفظن ۾ منھنجي ساڻس ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي. جڏھن ھن پھريون دفعو منھنجي چھري تي نگاھ وڌي ته سندس ھٿن مان وڃڻو ڇڏائجي، ڪري پيو. ڀروون تاڻجي ويس ۽ سرير ۾ ڏڪڻيءَ جي لھر ڊوڙي ويس. مگر منھنجو آواز ٻڌي، ھوءَ ڇرڪي پئي ۽ تارا ڦاڙي ڦاڙي مون کي ڏسڻ لڳي. کيس منھنجي آواز ۽ چھري ۾ ڪا به نسبت نظر نه پئي آئي. تنھنڪري مان پلڪ سوا رڪيس ۽ پوءِ لڳاتار ڳالھائيندو رھيس. ھوءَ چپڙاچپ ڪرسيءَ تي ويٺي رھي ۽ مان شاعري، موسيقي، رومانس، گلن ۽ چانڊوڪين بابت ڳالھائيندو رھيس. ڳالھائڻ دوران مون بلڪل ساڳيا شعر دھرايا، جيڪي راتين جو سندس دريءَ ھيٺان بيھي کيس ٻڌائيندو ھيس. سندس نيڻن ۾ تجلي پيدا ٿي پئي، جنھن مان مون کي ڄاڻ ملي وئي ته ھن منھنجو آواز سڃاڻي ورتو آھي.

وٺ ڳالھ جو ڳاٽو ته ٻن ھفتن اندر، منھنجي ساڻس پڌري ٿي وئي. يوسف کي رنج ته گھڻي ئي ٿيو پر ھن مردانگيءَ سان انھيءَ صدمي کي سَٺو ۽ چوڻ لڳو؛ ”شھريار! مان اڃا مايوس نه ٿيو آھيان.“

ھڪ ڏيھن مان گھڻي دير تائين اس ۾ رلندو رھيس. پوءِ سڌو سمنڊ تي پھتس ۽ ٿڌي پاڻيءَ سان وھنتس. شام جو مان ليليٰ سان ملڻ لاءِ ويس ته مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو جو ڳالھايان ته اکر نه اُڪلي. نِڇون پئي آيون ۽ نڙيءَ مان اڻ چٽا آواز پئي نڪتا، جيڪي منھنجي ڪنن کي پڻ اوپرا پئي لڳا. اھي عشق محبت واريون ڳالھيون، اھي شاعريءَ وارا استعارا ۽ تشبيھون، ھڙ جو ھڙ چٽ ٿي چڪا ھيا. دراصل مون کي زڪام ٿي پيو ھيو، پنج ڏينھن ائين گذري ويا. ڇھين ڏينھن ليليٰ ۽ يوسف ٻئي گم ٿي ويا. ڳولا ڪئي ته پتو پيو؛ اھي ھڪڙي آگبوٽ ۾ چڙھي ڀڄي ويا آھن. مون ھڪڙي ڪشتيءَ ۾ سندن پيرو کنيو. نڪرڻ کان پھرين، مون کي خيال آيو ته زڪام جي ڪا سُتي ڦڪي وٺجي. تنھنڪري مان ’اوراتما‘ جي ھڪڙي جھوني پنساريءَ جي ھٽ ۾ گھڙي ويس. ڳالھائي ته ڪو نه پئي سگھيس. پنھنجي ڳلي ڏانھن اشارو ڪندو رھيس. ھن ھڪڙي وڏي اوٻاسي ڏني ۽ ڪنھن سوچ ۾ ٻڏي ويو. مون کي تڪڙ ھئي، ڳلي مان پڪڙي، پوءِ پنھنجي ڳلي ڏانھن اشارو ڪيومانس. ھن گھٻرائجي، ھڪڙي شيشي، جنھن ۾ ڪاري پٽڙي دوا ھئي، منھھنجي حوالي ڪئي ۽ چيائين؛ ”ٻن ٻن ڪلاڪن کان پوءِ چمچو دوا جو پيئجانءِ!“ مون ھڪڙو رپيو، سندس تريءَ تي رکيو ۽ بندرگاھ ڏانھن ڀڳس.

ٻئي ٻيڙيون، اڳيان پويان، ڪناري تي پھتيون. ليليٰ ۽ يوسف، ٻئي ساحل تي بيٺا ھيا. ليليٰ، مون تي ھڪ نگاھ وڌي ۽ پوءِ سندس نيڻ، يوسف جي حسين چھري تي کُپي ويا. مون کي ڄاڻ ھئي ته مان ڳالھائي ڪو نه ٿو سگھان، ليڪن منھنجي ڪاميابيءَ جو انحصار ھيو ئي ڳالھائڻ تي. ڪنھن نه ڪنھن طرح ڦڦڙن تي زور ڏئي آواز ڪڍڻ چاھيم، ليڪن جيئن ئي مون ڳالھائڻ چاھيو ته ڳالھائڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ٿي. منھنجو آواز اڳي کان اڳرو ۽ مٺو ھيو. ھڪ ھڪ لفظ چٽو ۽ ٻڌڻ ۾ آيو پئي. منجھن دٻيل ۽ رڪيل جذبا، اڇلون ڏئي رھيا ھيا.

مون چيو؛ ”ليليٰ! مان تو سان ڪجھ ڳالھائڻ چاھيان ٿو.“ مان کيس ناريل جي وڻ ھيٺان وٺي ويس ۽ شيرين بيانيءَ سان چند منٽن ۾ سندس دل موھي وڌم. ھوءَ منھنجيون ڳالھيون ٻڌي چوڻ لڳي؛ ”شھريار! جڏھن تون مون سان ڳالھائيندو آھين ته مان نه ڪجھ ٻڌي سگھندي آھيان ۽ نه ڏسي سگھندي آھيان. سڄي ڪائنات ۾ ڪا به شيءِ تو کان سواءِ مون حقيقي نه لڳندي آھي.“

قصو ڪوتاھ، ليليٰ مون سان ’اوراتما‘ ھلي آئي ۽ ٿورن ڏينھن اندر اسان جو پرڻو ٿي ويو. خبر ناھي، يوسف جو حشر ڇا ٿيو. ان واقعي پڄاڻان مون کيس ڏٺو ئي ناھي.

ھيءُ داستان ٻڌي، اوھان بيزار ته نه ٿي ويا آھيو.؟“

مون چيس؛ ”نه! مون کي نفسياتي مسئلن سان دلچسپي آھي. دراصل عورت جي دل عجيب شيءِ آھي.“

شھريار چوڻ لڳو؛ ”نڙيءَ واري نَلي ۽ ڦڦر به عجيب غريب شيون آھن. تو ڪڏھن نڙگھٽ جي ساخت تي غور ڪيو آھي؟“

”نه صاحب! ليڪن اوھان جو داستان، مون کي ڏاڍو دلچسپ لڳو. اھو ٻڌايو؛ اوھان جي بيگم صاحبه جو ڇا حال آ؟“

”اسان ’اوراتما‘ مان لڏي آياسين ۽ جاوا جي ويجھو ھڪڙي ننڍڙي جزيري ۾ رھون ٿا. منھنجي زال کي ’اوراتما‘ جي آبھوا ڀانءِ نه پوندي ھئي. خير! اھو ته جو ٿيو سو ٿيو! اوھان نڙگھٽ جي رڳن کي ڌار ڌار ڪري ڏٺو آھي؟“

مون چيس؛ ”مون کي جراحيءَ جي فن سان ڪا دلچسپي ناھي.“

ھو چوڻ لڳو؛ ”ھر شخص کي ’لڱن جي تشريحي علم‘ جي ٿوري گھڻي واقفيت ھئڻ گھرجي. زڪام، وڏو خطرناڪ مرض آ. جھونن مشرقي طبيبن ان کي ’ام الامراض‘ يعني ’مرضن جي جڙ‘ سڏيو آھي. ان سان ڦڦڙن کي وڏو ھاڃو رسي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن نمونيا ٿيو وڃي. سلھ ۽ تپ دق جھڙا مرض به ان مان پيدا ٿا ٿين.“

مون ڪنھن حد تائين چڙي چيس؛ ”ليڪن انھيءَ واقعي جو طب سان ڪھڙو تعلق؟ مان ته عورت جي جذبن جي ڳالھ ڪري رھيو ھيس.“

ھو چوڻ لڳو؛ ”ته پوءِ تو سڄو واقعو ٻڌو ئي نه! جڏھن مان واپس ’اوراتما‘ ويس، مون ان ٻڍڙي پنساريءَ کان پڇيو ته تو مون کي ڪھڙي سُتي ڏني ھئي. ان ٻڌايو ته مون اھا سُتي ’چوچلا‘ جڙي ٻوٽيءَ جي عرق مان ٺاھي ھئي.“ اھو چئي شھريار، پنھنجي کيسي مان ھڪڙي دٻلي ڪڍي ۽ چوڻ لڳو؛ ”’چوچلا‘ صرف ’اوراتما‘ ۽ ان جي پسگردائيءَ وارن پھاڙن تي ڦٽندي آھي.“

ھيءَ ڦَڪي، جيڪا انھيءَ جڙي ٻوٽيءَ جي رس ۽ ٻين دوائن جو مرڪب آھي، کنگھ، زڪام، نزلو، نڙيءَ ۽ ڦڦڙن جي گھڻن مرضن لاءِ ھڪ ٽِپُ آھي. مان بمبئيءَ آيو ئي ان لاءِ آھيان ته اخبارن ۾ ان جو اشتھار ڏيان ۽ ھندستان منجھ ان جي وڪري جو انتظام ڪيان. في الحال مان ان کي ٽڪيءَ جي صورت ۾ وڪڻان ٿو. ھن دٻليءَ ۾ چار ڊزن ٽڪيون آھن، جن جي قيمت فقط ٽي رپيا آھي. اگر اوھان جي نڙيءَ ۾ خارس رھندي آھي، ڪڏھن ڪڏھن زڪام ٿئي ٿو، نزلي جي ڪري وقت کان اڳ وار اڇا ٿي ويا آھن، مٿي کي ڦيري ٿي اچي، کاڌو چڱيءَ طرح ھضم نه ٿو ٿئي، مضمون لکندي لکندي اکين تي رَوَ چڙھي ٿا وڃن ته اوھان ھيءَ دوا واپرايو. خدا گھريو ته ٿورن ڏھاڙن ۾ سمورن مرضن کي پاڙئون پٽي ڇڏيندي. جيڪڏھن اوھان کي ڳائڻ يا تقرير ڪرڻ......... “

مان اٿي کڙو ٿيس ۽ بنا ڪجھ چوڻ ڪرڻ جي، گھر ڏانھن ھليو آيس.

 

(ھينري او ھينري تان)

No comments:

Post a Comment