Sunday, May 30, 2021

ساسا هڪ نئين دور جو مثالي ڪيمپس ناول - ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري

ساسا هڪ نئين دور جو مثالي ڪيمپس ناول

ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري


“بهار جي موسم ۾ ماسٽر جي هڪ هفتي جو ڪٿان ڪو ڪورس ڪري آيو ته اسان سڀني کي اسڪول جي گرائونڊ ۾ وٺي ويو. اسان حسب دستور پنهنجي پنهنجي قد مطابق قطار ۾ بيهي رهياسين ته چوڻ لڳو: ''ٻارو! اڄ پاڻ هڪ راند کيڏنداسين''. راند جو ذڪر ٻڌندي ئي منهنجي دل ٻهڪي اُٿي. ''انهي جو عنوان 'تلاش گمشده' آهي''. پنهنجي ڳوٺ جون ٽيھه پنجٽيھه شيون گم ٿي ويون آهن. ۽ انهن سڀني جا نالا انهن پرچين تي لکيل آهن. هن ڀوري رنگ جي زمين تي پيل دٻي ڏانهن اشارو ڪيو جنهن ۾ قرعه اندازي لاءِ رنگ برنگي پرچيون چنبڙيل هيون. ''واري واري سان سڀئي هڪ هڪ پرچي کڻي ۽ انهن تي لکيل شين جا نالا ٻڌائيندا وڃو ته جيئن اسان پاڻ وٽ نوٽ ڪري ڇڏيون''. پاڻ واسڪوٽيءَ جي کيسي منجهان هڪڙو ڪاغذ ۽ قلم ڪڍندي چيو: ''پوءِ وڃو ۽ اڌ موڪل کان اڳ پنهنجي پنهنجي ذمي آيل شيءَ جي خبرچار وٺي اچو. شاباش، شاباش''.


سڀني کان پهريون وارو سڀني کان ننڍي قد واري جو هو. آئون سڀني کان پويان بيٺل بي صبري سان پنهنجي واري جو منتظر هئس. ڪنهن پرچي تي 'نيڪي' لکيل هو ته ڪنهن تي 'سڪون'، ڪنهن تي 'غيرت' ته ڪنهن تي 'تميز'. سڀني هڪڙي هڪڙي پرچي کنئي.

منهنجو وارو آيو ته دٻي ۾ هڪ ئي نيري رنگ جي پرچي هئي جنهن تي هلڪي روشنائي سان لکيل هو:

''محبت!''

ايئن محمد شيراز دستي جي ناول ساسا جي ڪهاڻي جي ابتدا ٿئي ٿي. ڪنهن به ناول جي ابتدا ۽ پڄاڻي واريون سٽون ان ناول يا ڪنهن ٻي قسم جي لکڻين لاءِ ٽچ اسٽون هونديون آهن جن مان پتو پوي ٿو ته ناول ۾ اسٽوري ٽيلنگ دلچسپي رکندڙ آهي يا رپورٽنگ ڪارفرما آهي. مٿيون سٽون ناول جون بنهه شروعاتي سٽون آهن جن کان پوءِ هر شاگرد پنهنجي ڏنل اسائنٽمنٽ مطابق دلچسپ ڳالهيون ڳولي ايندا آهن. جيڪي ناول پڙهڻ يا انهن سوالن جا جواب ڳوليندڙن يا پڙهندڙن جي دلچسپي جو سبب هوندا آهن مثال طور سليم کي جڏهن ٻن ٽن هنڌن تان تلاش گمشده پرچي مطابق رسيس ختم ٿيڻ تائين محبت جو پتو نه پئجي سگهيو جڏهن ته ٻيا ٻار گمشده شين جا جواب ڳولي کڻي آيا ته صورتحال هيئن بيٺي، ناول نگار ان سموري واقعي کي هيئن اسٽوري ٽيلنگ ۾ کڻي آيو

“آئون ڪن بند ڪري ڪنبندي واپس اسڪول پهتس ته رسيس (بريڪ) جي گهنٽي وڄي رهي هئي ۽ ٻار قطار ۾ پنهنجو قد ملائي رهيا هئا. بي دلي سان آئون به گرائونڊ ۾ داخل ٿيس ۽ قطار کي مڪمل ڪندي بيهي رهيس.

''ها ڀاءُ! پوءِ ملي ويون سڀئي گمشده شيون؟'' ماسٽر جي مسڪرائيندي پڇيو. ''جي ماسٽر جي'' تقريبا سڀني جوش سان چيو. ''شاباش، شاباش'' ماسٽر جي داد ڏنو ۽ نالن واري فهرست کولي هڪ هڪ کان پڇڻ لڳو:

''ساده، نيڪي ڪٿي آهي؟''

ساده جو نالو محمد صادق هو پر ڳوٺ وارا هن کي ساده چوندا هئا، جيڪو غريبي جي ڪري هن تي ايئن چهٽي مٽيهاڻي رنگ جي هڪ ئي قميض تي هن تي ٺهڪي ويو.

''استاد جي، مسجد ۾''. ساده هڪدم چيو.

''شاباش منهنجا لائق پٽ! اظهر، تو کي سڪون مليو؟''

''جي ماسٽر جي ملي ويو، اُهو مديني پاڪ ۾ آهي''.

''شاباش!! وقار، پئسو ڪٿي آهي؟''

''بئنڪن ۾ آهي استا جي''. وقار استاد جي 'د' کي کائي چيو.

''۽ تميز؟''

''عورتن ۾''. نزلي موچي رڙڪندي زور سان چيو.

''۽ غيرت؟'' ماسٽر جي اختر کان پڇيو.

''مردن ۾، استاد جي، مردن ۾''.

''۽ علي ميان، انڊيا؟''

''تتي خاني ۾، ماسٽر جي''. علي پنهنجي توتلي زبان سان 'ٽ' کي 'ت' اچاريندي چيو.

''۽ محبت، سليم ميان؟'' هن ايئن گرجندي چيو جهڙوڪه سموري فهرست ۾ سڀني کان سنجيده سوال اِهو ئي هو.

''منزه جي ڏاڏا جي کُسي ۾'' منهنجي منهن کان لفظ نڪتا.”

ڇوته سليم هڪ ٻن عورتن کان پڇيو ته جواب ۾ موچڙا مليا، جڏهن هن منزه جي ڏاڏي کان پڇا ڪئي جيڪو سدائين سليم تي ڪاوڙيل هوندو هو تنهن ان سوال ٻڌندي ئي سليم تي کُسو لاهي هنيو ته سليم شرمساري وچان اهو ئي جواب ڏنو.

ايئن ناول پنهنجي بهترين انداز ۾ اسٽوري ٽيلنگ کي اڳتي وڌائي نه صرف پڙهندڙن جي دلچسپي برقرار رکي پر ان سان گڏ پنهنجي مخصوص موضوع يعني ٿيم کي اڳتي وڌائيندو رهيو. جيتوڻيڪ اهو موضوع محبت ئي آهي پر ان محبت ۾ روايتي پڻي واري ڳالهه نه پر ان جي پٺيان خوبصورت ورلڊ ويو آهي. مون جيتوڻيڪ مٿي هن ناول کي ڪيمپس ناول ڪري لکيو آهي پر ڪينواس ڪيمپس ناول کان گهڻو مٿي آهي، انٽرٽيڪسچوئل مطالعي موجب ڀلي ان ناول جو سرو وڃي محسن حامد جي ريلڪٽنٽ فنڊامنيٽلسٽ هجي پر ان جي ٽريٽمنٽ ۾ تخليقيت به ڪمال جي آهي.

اصل ۾ هي ناول ڊيره غازي خان جي هڪڙي ڳوٺ ڪاٺ ڳڙه جي ڪهاڻي آهي اتان ڪهاڻي شروع ٿي اتي ئي اچي ختم ٿئي ٿي پر ان دوران ست سمنڊ پار ورلڊ ويو جو نه صرف سير ڪرائي ٿي پر ڪهاڻي پاڻ ۾ پوسٽ ماڊرن دنيا جو تقابلي جائزو پيش ڪري ٿي. ڪهاڻيون سڀ ڪهاڻين جهڙيون پر ڪهاڻي کي جيڪڏهن اسڪلڊ پلاٽ ملي وڃي ته مزو ٻيو ٿي ٿو وڃي. سليم جيڪو ننڍي هوندي منزه نالي ڇوڪري سان غير شعوري طور محبت ڪري ٿو پر پڙهائي جي سلسلي ۾ اسلام آباد وڃي رهي ٿو ۽ اتان کان پوءِ هو آمريڪا جي بولڊر يونيورسٽي ۾ ايم اي انگريزي ڪري ٿو جتي پهرين امريڪي ڇوڪري اينا سان محبت ڪري ويهي ٿو پر پوءِ جيني سان پيار ٿي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته اينا جو هڪڙو ٻيو بواءِ فرينڊ يش به هوندو آهي جيڪو هندستاني آهي. تخليقي طور تي ڪردارن کي آئيڊيل بنائڻ بجاءِ جيڪي ويليوز انهن سان سلهاڙيل هوندا آهن اهي ڪردار ايئن ڏيکاريا ويا آهن تڏهن ته اسٽوري ۾ تضاد ڀرپور ڏيکاريل آهن. مثال طور اينا جو يش سان پيار سليم لاءِ قابل نفرت ڇو هوندو آهي؟ انهي جو سرو جيڪڏهن تلاش گمشده ۾ ڏسجي ته پتو پوندو ته ماسٽر جي گم ٿيل شين مان هڪڙي پرچي تي “انڊيا” لکيل هوندو آهي جيڪو علي جي حصي ۾ ايندو آهي علي ڳوليندو ڳوليندو جڏهن واش روم يا پيشاب واري جڳهه تي ويندو آهي ته اتي انڊيا لکيل ڏسندو آهي ۽ ماسٽر جي کي اچي ٻڌائيندو آهي ته انڊيا “ٽٽي خاني” ۾ آهي. اهو ورلڊ ويو غير شعوري طور سماج جي ڏاڪن ۽ سماج جي درس تدريس وارن واقعن ۾ هوندو آهي جتان ڪردار ڪجهه نه ڪجهه کڻنندا ۽ سکندا رهندا ۽ ڪهاڻين جا پلاٽ انهن سُٽن جي سلجهاءُ ۾ لڪل هوندا آهن.

ساڳئي طرح سان جيڪڏهن ناول جي پهرين پيراگرافن ۾ جيڪي شيون وڃايل آهن انهن جي افاديت جو پتو به مختلف سماجي جوڙجڪن سان ڳنڍيل آهن مثلا امريڪا ۾ غيرت، نيڪي، سڪون وغيره جا جواب اهي ساڳيا نه آهن جيڪي ڪاٺ ڳڙه ۾ موجود آهي. انهن شين جي ڳولا جا بنياد به پوسٽ ماڊرن طرز جا آهن مثال طور پوسٽ ماڊرن مظهرن مطابق شين جي وڃائجڻ تي روئڻ پٽڻ بجاءِ لاس کي سيليبريٽ ڪريو Don’t’ mourn, celebrate the loss جڏهن ته ماسٽر جي چئي ٿو ته اهي شيون ڳولڻ گهرجن. ٻيو ساختيات فڪر تحت اسان جي ثقافت ۾ زبردستي طرح ٻٽن متضادن Binary Opposites کي کڻي هلڻو آهي جڏهن ته دنيا ڪافي اڳتي وڌي چڪي آهي مثال جيڪڏهن اينا يش سان محبت ڪري ٿي تي يقينن پاڪستانين کي نفرت ڪرڻ گهرجي يا اهي نفرت ڪندا هوندا جڏهن ته محبت جو اهو ٻٽن متضادن وارو تصور ڇو هجي؟ اهو به اسان جي سماجي ثقافت جو اثر ضروري آهي. ان ڪري هن ناول ۾ صرف محبت نه پر محبت جو فلسفو به آهي، محبت جي ڳولا به آهي، محبت جو مختلف زاويا آهن. محبت ۾ انڌي ٿيڻ جي بجاءِ پنهنجي تعليم، تربيت، ٻن ثقافتن جو تقابلي جائزو به آهي. مثال طور خادم صاحب جيڪو هڪ هاسٽل جو مالڪ آهي ان جو محبت جو تصور ٻيو آهي جيڪو پوسٽ ماڊرن آهي.

ايئن ساسا ناول ۾ محبت جو ساختي تصور موجود آهي جيڪو هڪ پاسي حقيقت نگاري آهي ته ٻئي پاسي سوشل ساخت جو عمل دخل نظر اچي ٿو، اهو صرف هڪڙو اظهار نه پر سموري نظام جي نمائندگي آهي مثال طور محبت سڀني جذبن کان اعليٰ جذبو آهي جيڪو جنس، رنگ، نسل، ذات پات يا وجود جو محتاج نه آهي پر ٽين دنيا ۾ محبت جو تصور به سياسي ۽ سماجي اظهارن وانگر آهي مثال طور ساسا ناول ۾ هڪڙي هاسٽل جو مالڪ ۽ مڇي ماني وارو خادم حسين آهي جيڪو پنهنجي هاسٽل ۾ ٻوهاري ڏيندڙ هيٺين طبقي جي عورت سان محبت ۾ جڏهن وڪوڙجڻ لڳو ته آس پاس رهندڙ سمورا ماڻهو ان ڳالهه کي ناپسند ڪرڻ لڳا ته ڪٿي اها چوهڙي جيڪا ناليون صاف ڪندڙ، ٻوهاري ڏيندڙ ته ڪٿي خادم صاحب؟ نه رنگ ميچ ٿا ڪن نه نسل، نه ذات پات. جڏهن چيو ويندو آهي ته محبت ته آفاقي آهي نا پوءِ هي سماجي ساخت جا قيد وبند ڇو؟ اهي ڳالهيون نه صرف عام ماڻهو يا اڻ پڙهيو سادو سودو پر يونيورسٽي جا پڙهندڙ نوجوان چون پيا ته ايئن ڇو آهي؟ يعني ٻٽن متضادن واري ساخت جو تصور ٽين دنيا جي سماج ۾ ڪيترو اينگهيل ۽ اثر رکندڙ آهي جنهن جي تصورن مان به ٽين دنيا نٿي نڪري سگهي. انهي محبت جي تصور ۾ وري خادم صاحب جا ناول ۾ ويچار انتهائي فلسفيانه آهن جهڙوڪ؛  “گراهڪ داري کان ويندي بين الاقوامي کيڏن تي تنقيدن سميت مان هن جي هر ڳالهه جو قائل ٿي ويندو هوس. سواءِ ان جي فلسفهِ رد توليد جي. هو شادي جي سخت خلاف هو. هن جي خيال ۾ ماڻهو شادي ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ ڪري ٿو ۽ هن دور ۾ ٻار پيدا ڪرڻ ظلم عظيم آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن اسين ٻار پيدا ڪندا آهيون ته اسين استعماري قوت کي هڪ ٻيو غلام عطا ڪندا آهيون، سرمايه دارن کي هڪ ٻيو خريدار ڏيندا آهيون. هن دنيا تي حڪمراني ڪندڙ بيمارين کي هتي جي وائرسن کي اسان آسان شڪار هٿ ڪري ڏيون ٿا. مولوين کي طالب مهيا ڪري ڏيون ٿا. سياسي اڳواڻن کي ڳلو ڦاڙي نعرو هڻندڙ ڏيون ٿا جرنيلن کي سينو تاڻي وڙهڻ وارو جان نثار ڏيون ٿا. ايئن اسان اصل ۾ پنهنجي ئي ذات جي عڪس، پنهنجي جگر جي ٽڪڙي کي پنهنجي جسم جي عرق مان جوڙي پالي تاتي انهن بگهڙن جي حوالي ٿا ڪريون جيڪو ظلم آهي”. اهي ويچار انهي خادم صاحب جا آهن جيڪو نئريٽر بيان ڪري ٿو، سندن چوڻ مطابق ته خادم صاحب هنن فلسفن تي ڳالهائيندي به محبت ۾ جنسي ڪشش کي روڪي نه سگهيو.

ساسا ۾ محبت جو اهو ٻٽن متضادن وارو تصور صرف خادم صاحب ۽ ٻوهاري ڏيندڙ انهي چوهڙي عورت جو ناهي پر ٻيا به قصا آهن جهڙوڪ انهي ناول جو نئريٽر ٻڌائي ٿو سندس ڳوٺائي عامر ايشوريا نالي هڪڙي خواجه سرا سان محبت ۾ وٺجي ويو پر جڏهن ڳالهه ظاهر ٿي پئي ته گرو کين گري/گريا جي نالي روڪي ڇڏيو جنهن جو مطلب هو ته عامر ايشوريا سان شادي ڪري ۽ گهر ڄاٽو ٿي رهي، جنهن جي لاءِ پهرين پنجاهه هزار جمع ڪرائڻا هئا پوءِ ڳالهه اڳتي وڌي ها نه ته گرو ايشوريا کي ٻاهر نڪرڻ ۽ عامر سان ملڻ کان روڪي ڇڏيو هو اهو صدمو ٻنهي لاءِ ناقابل برداشت هو، انهي سموري معاملي ۾ جڏهن عامر طئه ڪري ڇڏيو ته هو شادي ڪندو ته ڪيئن ٻٽن متضادن وارو سماجي سياست وارو نظام آڏو آندو ويو ويو، نئريٽر چواڻي؛ “پوءِ کيس سنجيده ڏسي فڪر مند ٿياسين ۽ کيس سمجهائڻ لڳاسين؛ خاندان جا پٽڪا ياد ڏيارياسين. هن جي ڀيڻين جو مستقبل ياد ڏياريوسي، آخرت جا واسطه ڏنا ۽ جڏهن هن پکي تي لڙڪڻ جي ڌمڪي ڏني ته اسان هن جي اڳيان جهڪي پياسي. سو هڪ ڏينهن عامر ۽ اسان اٺ ڏهه دوستن جي ڄڃ وٺي کدڙن جي جڳهه تي پهچي وياسين. اڳيان ڪي سو ڏيڍ سو کدڙن جو طوفان بدتميزي بيٺو هو”. نه صرف اتي جنسن ۾ ڪئير جنسي مسئلو هو پر هڪڙو ٻيو متضاد جنس جو تذڪرو به اچي ٿو جنهن ۾ هڪڙي ڊائلاگ ۾ جڏهن عامر پيسا پورا ڏيڻ جي بدران ڪجهه گهٽ ڏنا ته سندن گرو هيئن مخاطب ٿي چيو؛

”ڇا سمجهي آيو آهين، عامر ميان؟“ هن جي ان سوال جو مون کي ايستائين سمجهه ۾ نه آيو جيستائين هن ٻيو سوال نه پڇيو.

”عورت سمجهيو آهي ڇا منهنجي ايشوريا کي؟“

گرو پيٽ سميت سموري جسم جو وزن سڄي ڄنگهه تي رکي بيهي رهيو.

”عورت سمجهو ٿا منهنجي ايشوريا کي؟“

هن دفعي هن ايترو زور سان رڙيون ڪندي چيو جو ٻيا کدڙا به هڪ زبان ئي ورجائيندا رهيا؛

”عورت سمجهو ٿا اسان جي باجي کي؟“

هن ڳالهه ۾ جي ٿورو وقفو نه اچي ها ته مان جنس جي Deconstruction تي جاري ان مشق کي سمجهي نه سگهان ها”.

اهو سمورو لقاءَ پوسٽ ماڊرن صورتحال مطابق ته سيليبريٽ ڪرڻ وارو تصور هو يا جيڪڏهن اسان جو سماج ايل جي بي ٽي يا ڪئير LGBT or Queer واري ڏاڪي تي هجي ها ته شايد مسئلو ساڳيو نه هجي ها پر ڇاڪاڻ ته اهو سماج اڃا انهي اسٽرڪچرل ڏاڪي جي سماجي_سياسي تصورن جي گهيري ۾ هو ان ڪري اها ڳالهه نه قابل قبول هئي. ان ڪري دوستن ڀيڻين جي مستقبل، پيءَ يا وڏڙن جي پٽڪن يا عزتن جا واسطه ڏنا ۽ کين روڪيو پر ناڪام ويا ڇو ته عامر پکي ۾ لڙڪي خودڪشي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو جيڪا صورتحال نارمل نه هئي نڪي نارمل سماجي نظام ۾ اهو ٿئي ٿو، پر ائبنارم يا ناقابل يقين تصورن کي ڪٿي ڪٿي ڪئير تصور تحت ڏٺو ته وڃي ٿو پر بطور هڪ نظام ان کي قبول نٿو ڪيو وڃي. ناول ۾ ان سان گڏوگڏ خود مک ڪردار يا نئريٽر به انهي ٻٽي متضادن واري تصور جو شڪار نظر اچي ٿو جهڙوڪ اولهه ۽ اوڀر وارو تصور نمايان آهن. جهڙوڪ هيٺيون گفتگو؛

“جيني منهنجي هٿ تي پنهنجو لڙڪن وارو پسيل هٿ رکيو ته آئون لرزي پيم.

"You have always been there in testing times!"

جيني بالآخر فضا کي سوڳوار بڻائڻ ۾ ڪامياب وئي هئي. ايستائين مون کي ڪجهه احساسِ جرم به محسوس ٿيو.

"You don't have to say that, Jenny".

مون گويا آمريڪي حقائق کي ڳلي لڳائيندي هن جي ڪنڌ کي پڪڙيو ۽ ٿورو هلائيندي چيو.”

مٿين گفتگو مک ڪردارن يعني سليم ۽ جيني جا آهن. هتي جيني جو پکي ساسا بيمار ٿي پوي ٿو ۽ بيمار ساسا کي سليم اسپتال کڻائي وڃي ٿو پر ان کان اڳ اڻ سڌي طرح اهو اظهار به ڪري ٿو پکي جي بيماري ڪو وڏو مسئلو نه آهي اسان وٽ انسان بيمار ٿين ٿا پوءِ به ايترو ڳنڀير ڪير به نٿو ٿئي نڪي ڪا اهڙي اميد سڀ رکون ٿا پر هتي پکي جي طبيعت خراب ٿيڻ جو مسئلو ايترو شديد ٿي ويو جو ان کي اسپتال پهچائڻو پيو، حالانڪه پکي ايترو بيمار به نه هو پر هتي اولهه ۽ اوڀر جي ويليو سسٽم جو اظهار آهي مثال

“You have always been there in testing times!”

جهڙو جملو اهم آهي جنهن موجب جتي اولهه ۾ انفراديت پسندي ايتري آهي جو ڪير ڪنهن جي لاءِ ايترو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي اتي سليم اهو ڪجهه ڪري ٿو اهو اوڀر جو نظام آهي ۽ آخري جملي جو اظهار “مون گويا آمريڪي حقائق کي ڳلي لڳائيندي هن جي ڪنڌ کي پڪڙيو ۽ ٿورو هلائيندي چيو.” امريڪي حقيقتون اسان جي حقيقتن کان مختلف آهن انهن وٽ پکين جو به علاج ٿيندو آهي جڏهن ته اسان وٽ ماڻهو ڊرون حملن ۾ ايئن ماريا ٿا وڃن جن کي ڪفن به نصيب ڪونه ٿيندو آهي. محبتن ۾ به توهان جيڪڏهن اوڀر جا آهيو ته اولهه جي حقيقتن يا ٻين لفظن ۾ ٻٽن متضادن کي قبول ڪري هلڻو پوندو ٻي صورت ۾ هڪڙي شناخت کي لڪائي ٻي شناخت جو لباس پائڻو پوندو جيتوڻيڪ اهو لقاءُ آهي ته پوسٽ ماڊرن لقاءُ پر ان کي اسرندڙ ملڪ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.

جيڪڏهن محمد شيراز دستي جي ناول ساسا جي مک ڪهاڻي کي مختصرن بيان ڪجي ته اها ڪجهه هيئن آهي ته ڊيرا غازي خان جي ڳوٺ ڪاٺ ڳڙهه جو نوجوان سليم جيڪو غير شعوري طور پاڻ سان گڏ پڙهندڙ منزه سان محبت ڪري ٿو پر شعوري طور ان جذبي کي سمجهي نٿو سگهي پر پڙهڻ خاطر پهرين اسلام آباد پوءِ ايم اي انگريزي ڪرڻ امريڪا وڃي ٿو. امريڪا ۾ پهرين اينا نالي ڇوڪري سان بولڊر يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ رهڻ ڪري پيار ڪري ويهي ٿو پر اينا جي فري موڊ ۽ امريڪن چال چلت ڪري سليم اينا کان پري ٿي وڃي ٿو ۽ اينا کان پري ٿيڻ جو هڪ ٻيو سبب به آهي ته اينا سليم بدران هندستاني نوجوان يش سان وڌيڪ ويجهو ٿي وڃي ٿي جيڪا ڳالهه سليم لاءِ بحيثيت پاڪستاني ناقابل قبول آهي. اينا کان پوءِ سليم کي جيني سان پيار ٿي وڃي ٿو. جيني هڪڙو پکي وٺي ايندي آهي جنهن کي هوءَ ساسا سڏيندي آهي، ساسا جي خيال رکڻ ۽ بيماري دوران تيمارداري ڪرڻ سبب سليم ۽ جيني ۾ ويجهڙائي پيار ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. اهو پيار جو سلسلو ساسا ۽ ان جي مادي ساسي سان گڏو گڏ هلي ٿو. ايستائين جو ساسا بيمار ٿي پوي ٿو ۽ مري وڃي ٿو ته مرڻ کانپوءِ باقاعدي سوڳواري ملهائي وڃي ٿي ۽ ساسا کي وڏي پيار ۽ احترام سان جڏهن دفنايو وڃي ٿو جيڪا ڳالهه جيني لاءِ تمام وڏي معنيٰ رکندڙ هوندي آهي پر سليم ڇاڪاڻ ته پاڪستان جو هوندو آهي ان ڪري ان ڳالهه کي آئي وئي ڪري ٽارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ يونيورسٽي جي تياري ڪرڻ لڳي ٿو بقول نئريٽر “پوءِ شوز پائڻ لڳس ۽ جيني کي چيو ته هو به جلدي جلدي تيار ٿي ڪلاس پڙهڻ هلي وڃي ته جيئن خيال مٽجي وڃي. پر ان تي جيني شدت حيرت سان مون کي ڏسي چوڻ لڳي؛

My Sasa’s dead body is in my room. He is no more. How can you think of classes?”

مان ته ان ڏينهن به يونيورسٽي ويو هوس جڏهن ساده گذاري ويو هو.

مون کي ايئن لڳو اهو سوال مون کان جيني نه پر اٺارنهن ڪروڙ پاڪستاني پڇي رهيا آهن. ”

بعد ۾ آخر ڪار جڏهن ساسا کي دفنائڻ لڳن ٿا  ته ان وقت سليم بي اختيار روئي پوي ٿو ۽ بيهوش ٿي وڃي ٿو جيڪا ڳالهه امريڪي ماڻهن ۽ ميڊيا کي وڻي ٿي ۽ کين پکين ۽ جانورن يا انسانن سان پيار ڪندڙ ۽ حساس انسان طور سڏيو وڃي ٿو  جهڙوڪ؛ “ٻي صبح جو ميڊي ناشتو ڪري منهنجي ڪمري ۾ آئي. نِڪ مون کي پول کيڏڻ جو دعوت ڏيڻ آيو. تقريبن سڀئي هاسٽل وارا مون کي گُل ڏيڻ ۽ Get well soon جا ڪارڊ کڻي آيا. پورو هاسٽل منهنجي رحمدلي جو قائل ٿي ويو. بولڊر شهر ۾ منهنجي مشهوري ٿيڻ لڳي. بولڊر ٽائمز منهنجي فيس بوڪ جي ڊي پي سان گڏ هن طرح جي سرخي هلائي؛

Pakistani student at CU mourns GF pet’s death; unconscious.”

۽ کين هڪڙي اعزازي پروگرام ۾ مدعو ڪيو وڃي ٿو جيڪو تقرير ڪندي هو حقيقت ٻڌائي ويهي ٿو ته هو ايترو شديد ساسا جي ڏک ۾ نه هو پر کيس ٻيون ڳالهيون به ياد آيون جن کيس روئڻ تي مجبور ڪيو. انهي ڳالهه اڃا اتان جي ماڻهن ۾ ٻيو احساس پيدا ڪيو جيڪو ايمانداري وارو تصور آهي. ايئن قصو هلندو رهيو تان جو ايبٽ آباد ۾ اساما بن لادن جي ظاهر ٿيڻ ۽ امريڪي فوج جي هٿان مارجڻ جو واقعو پيش اچي ٿو جنهن جي ڪري پاڪستاني ماڻهن جي ساک خراب ٿي پئي ٿي ۽ هر ماڻهو سليم کي عجيب نظرن سان ڏسي ۽ اهي کين دهشت گرد تصور ڪري نٽائڻ لڳن ٿا. انهن واقعن جي تسلسل ۾ جيني جو اڳوڻو بواءِ فرينڊ جيڪو بوسٽن ۾ هو ۽ ان وقت بوسٽن جي ميراٿن ۾ بم ڌماڪو ٿيو هو جنهن سبب ٻه ماڻهو مري ويا ڪجهه زخمي ٿيا ۽ ڪيترائي ٽراما يعني صدمي ۾ هليا ويا. ڊيو جي ڪري جيني سليم کي نظر انداز ڪري بوسٽن هلي ٿي وڃي ۽ واپس اچي ٿي ته اها ساڳي نٿي رهي ان جو هڪڙو ٻيو سبب اهو به هو ته شادي جي وچن وعدن کانپوءِ سليم جيني کي مسلمان ٿيڻ جي دعوت ڏي ٿو ته جيئن جنت ۾ به گڏ هجن. اهڙي قسم جو ڳالهيون وڌي وڃن ٿيون جنهن ڪري جيني ۽ سليم جا رستا الڳ ٿيڻ لڳن ٿا ۽ سليم جي ڊگري به پوري ٿي وڃي ٿي. ان عرصي دوران بولڊر ۾ هڪڙي هندستاني تاج هوٽل تي ويندا آهن اتي جيڪا ڇوڪري ويٽريس هوندي آهي اها سليم کي پسند اچي ويندي آهي پر جيني جي ڪري اظهار نه ڪري سگهندو آهي. جڏهن سليم امريڪا مان واپس ايندو آهي ته اها تاج واري ڇوڪري به ساڳئي فلائيٽ ۾ واپس اچي رهي هوندي آهي، جيڪا پنهنجي ڳوٺ ويندي آهي ۽ سليم واپس ڪاٺ ڳڙهه ايندو آهي ته منزه جو پڇندو آهي جيڪا ڏاڏي جي فيصلي موجب  ڪنهن عمر رسيده ماڻهو کي رشتي ۾ ڏني ويندي آهي پر منزه ۽ ان جي ماءُ مخالفت ڪندا آهن. اصل ۾ منزه ئي تاج هوٽل واري ڇوڪري هوندي آهي جيڪا ڳالهه ناول ۾ عجيب لڳندي آهي ته ايتري عرصي ۾ سليم نه ته ڳوٺان حال احوال وٺي منزه جي پڇا ڪئي نه کيس سڃاڻي سگهيو پر منزه کي سموري ڄاڻ هئي. آخر ڪار ڳوٺ ۾ منزه ۽ سليم جي ملاقات ٿئي ٿي ۽ پاڻ ۾ ملي وڃن ٿا ۽ ناول پورو ٿئي ٿو. ناول ۾ ٻيون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن جيڪي توجهه طلب آهن، ناول ٻڌائڻ جو طريقو به فلئش بئڪ ۽ فلئش فارورڊ وارو آهي ته مڪان جي حساب سان به جيتريون ڪهاڻيون اولهه جي باري ۾ آهن اوتريون ڪهاڻيون اوڀر جون به آهن جيڪي هڪٻئي جي متضاد يا مختلف تصويرون ۽ تصور ڏيکارڻ آهي. ڪيمپس ناول يا شاگردي واري محبت هوندي به ٻن تهذيبن جو اهڙو ٽڪراءُ ڏيکاريو ويو آهي جيڪا بنهه حقيقت جي ويجهو آهي. ڪردار نگاري به بنهه انساني ۽ سماجي آهي جتي غلطيون به آهن ته غلط رستا به آهن خاميون به آهن ته ڪردارن جون سماجي خوبيون به آهن. ذاتي طور جيتوڻيڪ مون کي پڄاڻي بلڪل فلمي انداز جي لڳي ٿي ڇوته اهو سمورو ڪجهه صرف فلمن ۾ ئي ٿي سگهي ٿو، حقيقي زندگي ۾ نه پوءِ به ناول ۾ ڪهاڻي پڻو ۽ اظهار عمدي آرٽ سان ڀريل آهي. ناول ۾ مزاح به ڀرپور آهي ته سنجيدگي به بهترين آهي. ناول کي ٿلهي ليکي ٻن تهذيبن جي ٽڪراءُ جو اظهار چئجي ته وڌاءءُ نه ٿيندو. ڇو ته ان سموري ناول جو ٿيم جيڪڏهن هنن سٽن کي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو جيڪي ڳالهيون سليم پنهنجي اعزازي پروگرام ۾ تقرير ڪندي چوي ٿو ته“ان ڏينهن مون کي هڪڙي اتفاق رئاڙيو. ساسا جي موت واري ڏينهن، منهنجي اڳيان ٻن دنيائن جو ڀيانڪ چهرو ايتريقدر کُلي ڪري سامهون آيو جو مان پنهنجا لڙڪ نه سنڀاري سگهيس. هي روئڻ جذبات جو نه رياضيات جو هو. مون کي ورهاست جي تلوار زخمي ڪيو هو. جنهن لمحي ٽين دنيا جا هزارين ٻار بنا قبر و ڪفن جي زمين جي ڪيڙن مڪوڙن جي انتظار ۾ ڳري رهيا هئا ان وقت مون اوهان جي دنيا جي هڪ پکي جي قبر تي گر گرم مٽي وجهي رهيو هوس ته جيئن هو مرڻ پڄاڻان سردي کان بچي سگهي. مون کي معاف ڪندا مان ساسا جي موت تي بلڪل نه رنو آهيان...” اها تهذيبي ورهاست ئي ان ناول جو مک موضوع آهي پر اهو سمورو ڪيمپس ناول جي پسمنظر ۾ آهي جتي پاڪستان جي سياسي ڪرپشن تي به امريڪي چٿرون آهن ته پاڪستاني ماڻهن جي دهشت پسندي تي حملا به آهن. خوبصورت شين جو ذڪر به آهي ته طنز و مزاح به آهي. ڪيمپس ناول ۾ هيترو وسيع ورلڊ ويو ۽ انتهائي مناسب انداز ۾ انداز بيان ۽ پلاٽ سان سلهاڙيل ناول سنڌي ادب جي ضرورت آهن، ناول جي پڄاڻي ۾ ناول جو هڪڙو ٽڪرو پيش ڪجي ٿو جيڪو سموري ناول جي ڪيمپس ناول ۽ محبت جو اظهار آهي پر اهو صرف  جذباتي پيار محبت بدران هڪ گهرو تجربو آهي؛

حاضرين، مان پاڪستاني آهيان......

جڏهن کان هوش سنڀاريو آهي جنگيون ڏٺيون آهن، ڌماڪن جي دهل ڏٺي، ڪشت و خون جو بازار گرم ڏٺو. منهنجي آس پاس درجن کان وڌيڪ ڀيرا مون صف ماتم وڇايل ڏٺو آهي، جوانن جا جنازا کڻندي ته منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو ڏک ۽ ڪاوڙ مان پنهنجي وار پٽيندا هئا، ڀيڻيون آهون ڀرينديون هيون ته سارو جڳ روئڻ لڳندو هو، مائرون اهڙيون اهڙيون پار ڪڍنديون هيون جو عرش به لڏي ويندو هو پر هميشه هڪ اطمينان سان اڳتي وڌندو رهيس. خواتين و حضرات، منهنجي شعور جي تختي سرد جنگين، سئنگر ۽ ڪروز ميزائلن، ڪارپٽ بمبنگ، خودڪش ڌماڪن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ سان اڪريل آهي. مان انهي سڀ ڪجهه کان بي نياز رهيو آهيان، هميشه پنهنجي ڌُن ۾ مگن. محبت جي ڳولا ۾ محو. جي ها، مان محبت جو ڳولائو آهيان. هڪ اهڙو ڳولائو جيڪو دهشت جي موسم ۾ محبت جو فصل پوکڻ جو خواب ڏسندو آهيان.

No comments:

Post a Comment