Wednesday, May 5, 2021

وجود ناول جو تنقيدي جائزو - اڪبر لغاري

وجود ناول جو تنقيدي جائزو

اڪبر لغاري



هن ناول جي شروعات ئي هڪ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي سان ٿئي ٿي. بلڪل فلمي سين لڳي ٿو. ڇوڪرو ۽ ڇوڪري، رسن سان ٻڌل آهن. ڪارو ڪاريءَ جي فتوا اچي ٿي ۽ سندن سر قلم ڪيا وڃن ٿا. ڇوڪرو، دشمن قبيلي جو آهي. ڇوڪريءَ جو ڀاءُ مينگل خان، گهري ڏک ۾ ورتل آهي، پر قبائلي روايت اڳيان بيوس آهي. چاهيندي به پنهنجي ڀيڻ کي بچائي نٿو سگهي.

بلوچستان جي قبائلي ۽ خونريز پس منظر ۾، ذلفي زنئور جي لکيل هن ناول جو مک ڪردار، مينگل آهي، جيڪو تقريبن اوڻيهن ويهن سالن جو سهڻو نوجوان آهي.


هيءُ باغي قبيلو آهي، جيڪو قانون جي رکوالن کان علاوه هڪ ٻئي قبيلي سان پڻ طويل قبائلي جنگ ۾ رڌل آهي. قبيلي جو سردار هشمت خان، سندس ڀائٽيو رستم خان ۽ مينگل خان جو پيءُ خدا داد خان خوفناڪ ويڙهاڪ آهن. سندن مخالف قبيلي جو سرواڻ سردار صحبت خان آهي. هڪ ڏينهن صحبت خان وارا، باغي قبيلي تي حملو ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي ماري ۽ ٻين کي اغوا ڪري وڃن ٿا، جن کي ڇڏائڻ لاءِ ويندڙ خداداد خان پڻ پهرين اغوا ۽ پوءِ قتل ٿي وڃي ٿو. صحبت خان، مقتولن جا سر قلم ڪري، هشمت خان کي تحفي ۾ موڪلي ٿو. جواب ۾ هشمت خان، فيصلي جو ڍؤنگ ڪري، دوکي سان مخالف قبيلي جي اهم ماڻهن کي قتل ڪري، انهن جا سر سردار صحبت خان کي موڪلي ٿو.



اهڙي خوني ماحول ۾ به زندگي، روان دوان آهي. هشمت خان جي ڌيءَ صاحبه ۽ رستم خان، هڪٻئي کي چاهين ٿا ۽ سندن شاديءَ جون تياريون به هلندڙ آهن. ساڳئي وقت صاحبه ۽ مينگل خان به هڪٻئي سان ڏاڍا ھُجائتا آهن. ساڳي فيملي هجڻ سبب، مينگل خان به هر وقت صاحبه جي آس پاس رهي ٿو.

هڪ ڏينهن، رستم خان ۽ صاحبه کي تخليو ملي وڃي ٿو ۽ هو شاديءَ کان پهرين ئي سڀ مرحلا طئي ڪري وڃن ٿا. شاديءَ جي تيارين دوران ئي، هڪ ڏينهن رستم خان، هشمت خان جي گھر اچي ٿو ته هو مينگل خان ۽ صاحبه کي گهڻي ھُجائتي انداز ۾ هڪ ڪمري اندر ڏسي ٿو ۽ شڪ جو ٻج دل ۾ پوکي واپس هليو وڃي ٿو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ صاحبه کي حمل جا آثار شروع ٿين ٿا. ڳالھه آهستي آهستي هشمت خان ۽ رستم جي به ڪنن تي پوي ٿي. رستم خان، هنن تي ڪارو ڪاريءَ جو الزام هڻي، هشمت خان جي ئي رضامندي سان، ٻنهي ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو پروگرام ٺاهي ٿو. ڪنهن طريقي سان اها کڙڪ، مينگل خان کي پوي ٿي ۽ هو فورًا صاحبه کي گھوڙي تي ويهاري، بيابان طرف نڪري وڃي ٿو. رستم خان ويڙهاڪن جو جٿو وٺي، سندس ڳولا ۾ نڪري پئي ٿو.

ڪافي پنڌ کان پوءِ، مينگل خان ۽ صاحبه هڪ ڳوٺ ۾ پهچي، ڪنهن جي گهر جو دروازو کڙڪائين ٿا ته اتفاق سان اهو رحيم يار خان جو گھر هوندو آهي، جنهن تي مينگل جي پيءُ جا احسان ڪيل هوندا آهن. رحيم يار خان کي هڪ ڌيءُ زينت گل ۽ هڪ پٽ بهرام خان آهي. رحيم يار خان، انهن کي پناهه ڏي ٿو. اتي زينت گل، مينگل خان جي محبت ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿي، جنهن کي بهرام خان محسوس ڪري وٺي ٿو پر هو ڪو اعتراض نٿو ڪري، ڇو ته هو خود هڪ لاحاصل عشق مان گذري چڪو هوندو آهي. سندس عشق به هڪ ديو مالائي قصو ٿو لڳي. هو ياد ڪري ٿو ته هڪ ڏينهن هو آءِ جي پوليس جي بنگلي تي وڃي پهتو هو، جتي هن آءِ جيءَ جي ڌيءُ کي حوض ۾ وهنجندي ڏٺو هو جنهن جي جسم تي هن جون سکيون ميٽ ملي رهيون هيون. هن گھوڙي سميت، حوض وٽ وڃي، ان ڇوڪريءَ سان عشق جو اظهار ڪيو هو. جواب ۾ ڇوڪريءَ به هن جي عشق ۾ گرفتار ٿي، هن سان گڏ فرار ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وئي هئي. پر ان کان اڳ ئي هو هڪ واقعي ۾ آءِ جيءَ جي دشمنن هٿان مارجي وئي هئي..

هشمت خان ۽ رستم خان جي امڪاني حملي سبب، مينگل خان ۽ صاحبه، رحيم يار خان جي دوست دريا خان وٽ پناهه وٺن ٿا. جتي پڻ رستم خان ۽ سندس ويڙهاڪ پهچي وڃن ٿا ۽ هي ٻيئي ڄڻا گهوڙي تي چڙهي فرار ٿين ٿا پر ويڙهاڪ پهچي کين گھيرو ڪري وڃن ٿا. هشمت خان به اتي پهچي وڃي ٿو. مينگل خان کي گوليون لڳن ٿيون ۽ اتي ئي مري وڃي ٿو. اتي صاحبه، رڙيون ڪري چوي ٿي؛ ”توهان منهنجو ڀاءُ ماري ڇڏيو. منهنجي پيٽ ۾ رستم خان جو ٻار آهي.“

ڪهاڻي هلندي، پڙهندڙ ٿورو منجهي پوي ٿو ته صاحبه جڏهن رستم خان کي چاهيندي هئي ته پوءِ مينگل خان سان فرار ڇو ٿي؟ اهو راز ناول جي ڪلائيمڪس تي کلي ٿو ته مينگل خان ۽ صاحبه ۾ ڀاءُ ڀيڻ واري محبت هئي. مينگل خان جي ڀيڻ جو قتل سندس ضمير تي بوجھه بنجي پيو هو ۽ هو نه پيو چاهي ته سندس ٻي ڀيڻ جهڙي دوست به انهيءَ قبائلي رسم جو کاڄ بنجي. ضمير جي آواز تي لبيڪ چوندي، هن پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. اهو ئي ناول جو ٿيم ۽ جاندار پاسو آهي.

فاضل مصنف مهاڳ ۾ لکيو آهي ته؛ “مون پنهنجي ناول، “وجود” ۾ انهيءَ روايت کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ته ناول ايڏي روانگي سان لکان جو پڙهندڙ جو ناول تان ڌيان نه هٽي.” اها ڳالھ مصنف هن ناول ۾ ثابت به ڪري چڪو آهي، جنهن لاءِ کيس مبارڪ باد ڏجي ٿي پر ناول ۾ انهيءَ حد تائين روانگي ناول جي ڪاميابيءَ جو صرف هڪ پاسو آهي. ناول جي ڪاميابيءَ جو ٻيو پاسو آهي، ان جي فڪري گھرائي، جيڪا هن ناول ۾ نظر نٿي اچي. تيز رفتار ناول ۽ فلمون، پڙهندڙ جي تجسس کي ته رزق فراهم ڪن ٿيون پر انهن جو اثر ديرپا نٿو هجي. اميد ته ناول نگار آئنده انهيءَ پاسي به توجهه ڏيندو.

هن ناول جو پلاٽ، ٽرئجڊي تي ٻڌل آهي. جنهن لاءِ ضروري هوندو آهي ته آخر ۾ ڪنهن اقدار (Value) ۽ ڪردار مان، هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوي ۽ ٻئي جي قرباني. هتي به مينگل خان هڪ انساني قدر جي پاسداري ڪندي، پنهنجي جان قربان ڪري ٿو. هتي اهو به سوال پيدا ٿو ٿئي ته صاحبه پنهنجي حمل واري ڳالھه رستم خان کي ڇو نه ٻڌائي؟ اها صاحبه جي غلطي هئي پر صاحبه جيڪڏهن اها غلطي نه ڪري ها ته پوءِ ٽرئجڊي جنم ئي نه وٺي ها. سڀني ٽرئجڊي ڪهاڻين جي شروعات هڪ غلطيFatal flaw or Hamertia سان ئي ٿيندي آهي. سسئي ڏيرن تي اعتبار نه ڪري ها، مومل پاڻ سان گڏ سومل کي نه سمهاري ها، سهڻي ڪچي گھڙي کي سڃاڻي وٺي ها ۽ ليلا هار تي نه هرکجي ها ته انهن مان ڪا به ٽرئجڊي جنم ئي نه وٺي ها.

ناول جو ماحول قبيلائي ڪشمڪش وارو ۽ مقام Locale بلوچستان آهي. جيڪڏهن مقام بلوچستان جي بجاءِ سنڌ هجي ها ته بهتر هجي ها. ڇو ته سنڌي پڙهندڙ، سنڌي ناول ۾ پنهنجي پاڻ کي ڳولي ٿو ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڪردار سان پاڻ کي جوڙيRelate or Identify وٺي ٿو. اوپري ماحول ۾، پڙهندڙ پڻ اوپرو رهجي وڃي ٿو.

مارا ماري واريءَ ڪلچر جي ڪا حوصلي شڪني نظر نٿي اچي. بلڪ ڪنهن حد تائين ان تي فخر وارو انداز به آهي. باغي قبيلو ۽ اتحادي قبيلو، هڪٻئي جا ماڻهو ماري خون جون نديون پيا وهائين. انهيءَ چريائپ کي سڌي يا اڻسڌي طريقي سان نندڻ جي ضرورت هئي. هتي انسانيت بمقابله ارڏائي آهي. انسانيت بجاءِ اهميت ارڏائيءَ کي ڏني وئي آهي.

ناول جو ڪمزور ترين حصو، بهرام خان جي عشق وارو آهي، جيڪو هڪ پرَين جي داستان جهڙو آهي. بهرام خان گھوڙي تي چڙهي گھمندي ڦرندي ٽڪريءَ تي ٺهيل هڪ بنگلي وٽ پهچي ٿو جيڪو آءِ جي پوليس جو گھر آهي. نه صرف ايترو پر هو بنگلي اندر حوض ۾ وهنجندڙ آءِ جيءَ جي ڌيءُ ۽ سندس سکين جي ويجهو وڃي گهوڙو جهلي ٿو. ڇوڪريءَ جي جسم تي ميٽ مليل آهي. هي ٻيئي هڪٻئي تي نه صرف فورًا عاشق ٿي پون ٿا پر پرين جي ڪهاڻين وانگر هڪٻئي کي شهزادا ۽ شهزادي ڪري مخاطب ٿين ٿا! ۽ گڏجي فرار ٿيڻ جو منصوبو پڻ ٺاهي وٺن ٿا! يا حيرت!! هي اهڙو ديومالائي قصو آهي، جنهن جو حقيقت سان ڪو واسطو ڪونهي.

فاضل مصنف ۾ هڪ سٺي ناول لکڻ جون سڀ خوبيون موجود آهن. سندس تخليقيت جو پيالو ٽمٽار آهي. جنهن طريقي جي منظر نگاري ۽ سسپنس پيدا ڪيل آهي، اهو سنڌي ناولن ۾ گھٽ ٿو نظر اچي. ناول پڙهندي ايئن لڳي ٿو ته ڪا ائڪشن فلم ٿي ڏسجي. حالتون ۽ واقعا تيزي سان گذرڻ لڳن ٿا. پڙهندڙ کي سوچڻ لاءِ گھڻو وقت نٿو ملي. هن ناول تي آسانيءَ سان ڪا ٽي وي سيريل ٺاهي سگھجي ٿي.

 

(پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۰۵ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment