Wednesday, May 12, 2021

موٽي آيلَ ماڻهوءَ جون نيون ڪھاڻيون

موٽي آيلَ ماڻهوءَ جون نيون ڪھاڻيون

بادل جمالي جي ڪتاب ”اويلو مسافر“ تي تبصرو

ننگر چنا



ادبُ سماجَ جي پُورَ وِڇوٽَ تاريخَ آهي، پر هڪڙي لحاظ کان وڌيڪ تُزُ، سچي، حقيقي، عوامي ۽ اجتماعي تاريخَ آهي. ڪھڙو تاريخ دانُ انسانن جي اندرَ جو، انهن جي جذبن، اُڌمن، وِلوِلَن ۽ وُوڪَنِ، آهُنِ ۽ ڪُوڪُنِ، خوشيءَ جي تاثرن، کِلُنِ ۽ کِجڪن، مُھانڊَن ۽ ملوڪن جو تيرِ پِتيرِ بيانُ ڪري سگهندو؟ جيئن هڪڙو حقيقي فنڪارُ آرٽ جي ڪنھن به ميڊيم خهص ڪري ڪھاڻي، ناول، ڊرامي يا شاعريءَ وسيلي ڪري سگهندو آهي.


ادبُ ته جھڙيءَ ريت انسانَ ۽ انساني سماجَ جي ڪنھن به مامري جي ڪردارنگاري (Characterization)  ڪري سگهي ٿو، ڇا ائين ٻيو ڪو به علمُ (Discipline) ڪري سگهندو؟ ڇا هيمنگوي جي ناول “ڪُراڙو ۽ سمنڊُ” جھڙي انساني جذبن ۽ احساسن جي جاگرافي يا تاريخَ، اديب کان سواءِ ڪو ٻيو بيانُ ڪري سگهندو؟ اهڙي ئي تصويرَ آيل آهي اسان جي سُھڻي ۽ سيبتي ڪھاڻيڪارَ بادل جمالي جي نئين آيلَ ڪتابَ “اَويلو مسافر” ۾. بادل جماليءَ کي گهڻي ٽاڻي کان پوءِ ڪھاڻي کيتر ڏي موٽي اچڻ تي ڀليڪار چئجي ٿو.

سنڌي ٻوليءَ جو هي خدمتگارُ پراڻو به آهي ته نئون به. پراڻي مان منھنجو مطلب اهو ناهي ته هُو ڪو علي بابا، گوبند مالهي، اياز قادري ۽ امر جليل جي دور جو ڪھاڻيڪار آهي ۽ نه ئي وري ضراب حيدر، نصير ڪنڀر، طارق قريشي، امر لغاري، انور ڪاڪا، ممتاز لوهار ۽ مجيب اوٺي جو هڪجيڏو آهي. نئون پنھنجي ڪھاڻي جي موضوعَ (خان بلڊرس)، احساساتي ٽريٽمينٽ (ٽامي)، خيال جي نُدرتَ ۽ اَڇوتائپَ (اَويلو مسافر * ٽامي) جي ڪري آهي. فطرت سان پيارُ، پکين، وڻن ٽِڻن، جانورن سان لڳاءُ، انهن لاءِ ٻاجهه ۽ انهن بابت ڳُوڙهو مشاهدو کيس سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ ٻين لکندڙن کان ڌار ڪري بيھاري ٿو. هُنَ جي اڪثر ڪھاڻين ۾ ماحولَ، فطرت، پکين، وڻن ۽ جانورن ڏانھن سندس ورتاءَ کي ڏسندي، کيس ماحولَ يا فطرت-دوست ڪھاڻيڪارُ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.

سندس هن ڪتابَ جي ڪھاڻين جي ٻولي سندس پنھنجي ئي آهي. اهڙي سنڌي ڪٿي به نه ڳالهائي ويندي ۽ نه لکي ويندي آهي، جيڪا ٺيٺ سنڌي هجي، پر بادل جماليءَ لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هُو پنھنجي ڪھاڻين جي ٻوليءَ کي اُڙدو جي غالب محاوري کان بچائي سگهيو آهي. هُو پنھنجي شَبدڪوشَ (Vocabulary) ۾ به ته اسلوبَ ۾ به، موضوعن جي چونڊ ۾ به، ته ڪھاڻي جي تاڃي پيٽي ۾ اندران ئي اندران وهندڙَ احساسن، جذبن، عقيدن ۽ وِلوِلن جي ماٺيڻي پر متسقل وهندڙ وَھَڪَ ۾ به نرالو فنڪارُ آهي. سندس هن ڪتاب جي هڪ ڪھاڻي “ٽامي” هڪڙي گڏھ گاڏي هلائڻ واري همراھ جِي پنھنجي گَڏھِ سان اُڪرنجَ، هيجَ ۽ پريم ڀريلَ احساساتي ڪھاڻي آهي. ڇا هڪڙي زَناوَر جي احساسن جي اهڙي جيئري جاڳندي مَنظرڪَشي سڄي سنڌي ڪھاڻي ۾ ڪٿي ٿظر اچي ٿي ؟ “ڪھاڻي هڪ ڳيري جي” به اهڙي ئي ڪھاڻي آهي، پر احساسن جي جيڪا ٻوڙِٻوڙان “ٽامي” ۾ آهي، سا هِنَ ڪھاڻيءَ ۾ ناهي.

 سنڌي ڪھاڻيءَ وٽ پنھنجو شاندار ورثو آهي. ان جا ماسٽرپِيسَ اڄ به پاڪستاني ٻولين جي ادبَ اڳيان فخر سان پيش ڪري سگهجن ٿا. نسيم کرل، علي بابا، آغا سليم، موهن ڪلپنا، ايشور چندر، عبدالقادر جوڻيجو، امر جليل، نسيم ٿيٻو، حميد سنڌي، خيرالنساء جعفري، روشن علي تونيو، نورالھديٰ شاھ، رسول ميمڻ، امر لغاري ۽ ٻين سنڌي ماڻهوءَ ۽ معاشري تي ، اُنَ جي همه گيريت ۽ رمگارنگيءَ کي پيش ڪرڻ جا خوبُ ۽ ڪامياب جَتنَ ڪيا آهن، پر مون پنھنجي مطالعي مطابق حيواني فطرت جي هھڙي ترجماني ڪندڙ (ٽامي) ڪھاڻي ٻه  نه پڙهي آهي. اهڙي ئي هڪ ڪھاڻي “هڪ ڪانئر جو موتُ” امير ابڙي به لکي آهي ۽ ڪُڙَل بازَ جي جيون تي شبنم گل جو ناول “ مکيءَ کان موڪلاڻي” به سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جي پھرين ڪوشش آهي، پر انهن ٻنهين ڪاوشن جو جھانُ الڳ آهي ۽ “ٽامي” جو جھانُ الڳ آهي.

پشتو جي ڪھاڻيڪار مائي پروين ملال “وفا” جي سِري هيٺ ڪابل جي جنگ ۾ گهيريل هڪ گهر ۾ هڪ ڪُتيءَ جي اهڙي ئي احساسن ڀري ڪھاڻي لکي آهي، جيڪا مون سنڌيءَ ۾ ڪئي هئي ۽ “سوجهرو” ۾ ڇپي هئي. ائين ئي “خان بلڊرس” سنڌ اندر خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ قبضي ۽ والارَ تي خوبصورت ڪھاڻي آهي. اها ڪھاڻي اسان کي ڪراچيءَ ۾ پٺاڻن جي آبادڪاريءَ جي مُتوازي تاريخ ٻڌائي ٿي. “پياريءَ جا پُورَ” سنڌي سماج جي هڪڙي منفرد تصوير آهي. عورت جي جذبن جي اهڙي بولڊ عڪاسي شايد بادل جمالي ئي ڪري سگهي ٿو. ائين سندس ڪتاب جي آخري ڪھاڻي “اَويلو مسافر” جيڪڏهن توهان کي گهڙي پَلَ لاءِ اداس ڪري ڇڏي ۽ پڙهندي پڙهندي توهان جون اکيون ڀرجي اچن ته مان سمجهندس ته بادل جماليءَ جي محنت سابِ پئي.

اسان اڄ به سنڌي ڪھاڻيءَ کي پاڪستان جي ٻين ٻولين پنجابي، سرائيڪي، بلوچي، هندڪو، پشتو، بلتي، پھاڙي، براهوي، گوجري ويندي اڙدو ڪھاڻي اڳيان به رکي سگهون ٿا. اسان جي ڪھاڻي پاڪستان جي ٻين ٻولين جي ڪھاڻيءَ کان وڌيڪ سگهاري، وڌيڪ گهڻ رنگي ۽ اثرائتي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ بادل جمالي جو هيءُ ڪتاب هڪ دلربا واڌارو آهي.

(جولاءِ ۲۰۱۷ع ۾ لکيو ويو ۽ ننگر چنا جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۲ مئي ۲۰۲۱ع تي کنيو ويو.)

No comments:

Post a Comment