Monday, May 10, 2021

زندگيءَ جي ٽاريءَ تان ڇڻيل ٻه وجود

زندگيءَ جي ٽاريءَ تان ڇڻيل ٻه وجود

فلئش فڪشن

فرواه ميمڻ



اڌ رات ٽاڻي، ڳوٺ جي ويران جڳھ جي ڀر ۾، ٻير جي وڻ سان ٽيڪ ڏئي، ڪامران ڪنھن جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ پئي تڙپيو. بُت ۾ ڀريل، ويڪري ڇاتي، همٿ ڀريو جانٺو جوان! سندس اکين مان جوالا پِئي وسي. بي جان وجود سان، آسمان ڏانھن نھاريندي، ٿڌا ساھ پئي کنيائين. هڪ هڪ پَلُ، صدين جيان لڳي رهيو هيس. گھڙيءَ گھڙيءَ گھاءَ پئي پيس. تارن جي ڇڻندڙ ڇاٽ ۽ اُتر جي سرد هوا، سندس چھري تي انتظار جي پيڙا، ڪنھن جانور جي هلڪي کُڙڪي تي ڪنائيندي، ڪنھن پل هُو سوچن جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندو رهيو ٿي.


آمنه، سندس ساھ جي ڏوڙيءَ ڪاڻ وٿ. هُن بنا، بنھ به اڌورو ۽ ويڳاڻو لڳندو آهي.

جڏهن کان نگاھون، سانوڻ جي مينھن جيان هڪٻئي تي ڪريون هُين ۽ اکين ئي اکين ۾ ٻَئي هڪٻئي ۾ اوتجي ويا هُيا، تڏهن کان سندن جيون هڪٻئي جي ارپنا بڻجي ويا هُيا. پوءِ جڏهن لوڪ لکا پيئي ته سندن ڳالھيون، اَن جي کُري جيان ڳاهجڻ لڳيون ۽ گُٿن لفظن جي مُھري وڇوڙن جا تَھ اُڌڙڻ لڳي.

نيٺ ڪيترين ئي باسن باسڻ ۽ خطن کان پوءِ، اچي رات جو لوڪ کان لڪي ويران جڳھن تي ملڻ لاءِ مجبور ٿيا. جتي اُماس راتين جي ڀاڪرن ۾، هو هڪٻئي سان ملي جُدائي جي خزانئن کي شڪست ڏيندا هُيا...

ڪامران ڪيترا ئي حيلا وسيلا ۽ حَربا هلايا، آمنه جو سڱ وٺڻ لاءِ! پر سماجي رواجن جي ڌپ ۾ ڌاريائپ ۽ بَدي جي رسمن کي ڌڪي ڪو نه سگھيو.

آمنه جو تصور اکين ۾ آڻي، ڇپر بند ڪري، خماريل نيڻن، پسيءَ جھڙن ڳاڙهن ڳلن ۽ اڀڙندر جوانيءَ جي هُڳاءَ سان سوچڻ لڳي ٿو؛ ”ڪاش! جيڪر آمنه ڪنوار جو روپ ڌاري، هميشه لاء هُن جي ٿي وڃي!“

اوچتو سندس ذهن ۾ خيال اُڀري ٿو؛ ”آمنه سان ڪورٽ مئريئيج ڪيان....“

”نه نه هرگز نه! ڪورٽ مئريئيج ڪيڏي نه گُٿي سوچ آهي! ڪورٽ مئريئيج....؟ اُها به آمنه سان...!“

”نه نه! مان ڪڏهن به ائين نه ڪندس. سڄي عمر، ماڻھن جا طعنا ۽ مھڻا، آمنه کي جيئري ئي ماري ڇڏيندا.“

ٿڌو ساھ ڀري، تارن جي اجرڪ ۾ اوڍيل اُڀ ڏانھن نھاري ٿو ۽ سوچي ٿو؛ ”سماج جي رواجن ۾ ڦاٿل آمنه، سندس سر جي سانئڻ، هٿن تي ميندي لائي، ڳاڙهو ويس ڍڪي، ونيءَ جو روپ ڌاري، اگر منھنجي ٿي نه ٿي سگھي ته ڇا لوڪ سُتي، سُھڻيءَ جيان اُماس راتين ۾ کليل هوائن جي سرگم ۾ ملي به نه ٿي سگھي؟!“

ڪي پل، ڪامران ائين ئي سوچيندو رهيو ۽ اندر ئي اندر ۾ آڙاھ جيان ٻرندو رهي ٿو، تپندو رهي ٿو. قدمن جي آهٽ تي، اوچتو ڇرڪي سوچن جي سمنڊ مان سجاڳ ٿئي ٿو. پوئتي نھار ڪري ڏسي ٿو ته اوسيئڙي جو هر پل ڀڄي ڀورا ٿي انتظار جي آڙاھ مان گذري آيل سندس وجود تان ڄڻ سانوڻ جي مُند سمي آگم ٿيڻ کان پوءِ بَرکا ڏئي وسي پئي هُجي.

ڪي ساعتون هُو ائين ئي آمنه کي گھور وجھي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ سُجود ڪري هٿ ٻڌي ٻانھي جيان ڪنڌ جھڪائي بيھي رهي ٿو.

آمنه هٿ وڌائي، سندس وکريل وارن تي آڱريون ڦيرڻ لڳي ٿي؛ ”ڪامران...، ڪامران...؟ تون خاموش ڇو آهين؟!“

آمنه جي زبان مان سنگيت ٿي آواز نڪتو؛ ”ڪامران ...! ڪامران...! ڪجھ ڳالھائين ڇو نه ٿو...؟!“

آمنه! هيءُ سماج، محبت ڪندڙ جو ويري ڇو آهي؟! آمنه! ڇا سماج تبديل ٿي سگھي ٿو!؟ ... آمنه! مان تو کان سواءِ زندھ رهي نه ٿو سگھان! آمنه! ڇا اسين وڇڙڻ لاءِ ئي مليا هياسين...؟“ ڪامران، خاموشيءَ کي ٽوڙيندي ڳالھايو.

”ڪامران! اسين هڪ آهيون! اسين ڪڏهن به پاڻ کان ڌار نه ٿا ٿي سگھون. ڪامران مان تنھنجي هان! ڪامران! اسين هڪ ٻئي کي پوڄيو آهي. اُها پوڄا، هڪ ڏينھن ضرور محبت جو معراج ماڻيندي!“

۽ پوءِ...

هو ٻئي، لوڪ کان بي سُڌ ٿي، هڪٻئي جي ٻانھن ۾ جڪڙجي وڃن ٿا..

 

(فرواه ميمڻ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۰ مئي ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment