Friday, May 7, 2021

پريشان - مٺل جسڪاڻي

پريشان

ننڍڙي ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



ماڻھن جي مُنھن تي ڀلي ته پڪائي ڪري، پر ڪير آھي، جيڪو ڪورونا جي ڪري پريشان نه آھي؟ دنيا جھان مان ڪورونا جي ڪلور جون خبرون، وڏن شھرن توڙي ھڪ ٻن گهرن تي مشتمل ننڍڙن ڳوٺن ۾ به ائين ھر ننڍي وڏي ڀاتي تائين پھتل آھن، جيئن سندن گهرن جو حال احوال. بلڪ ائين کڻي چئجي ته ڪنھن گهر جا ڀاتي، گهر جي گهڻين خبرن کان بي خبر ھوندا، پر ڪورونا وائرس جي وبا جون سڀ سچيون ۽ من گهڙت افواھون به ھر ڀاتي تائين پھتل آھن.


جنھن سان به ملو، جنھن کي به ڏسو، ڪورونا جي خوف ۾ ورتو پيو آھي. جانُو به، پنھنجي ئي گهر ۾، ويٺي ويٺي پگهرجي پيو! کيس ايترو ته پگهر آيو، جو گهر ۾ موجود ھر ننڍي وڏي ڀاتيءَ نه صرف محسوس ڪيو، پر اھو به پريشان ٿي پيو.

پريشانيءَ جي عالم ۾، ڪو ڀاتي فيصلو به نه پئي ڪري سگهيو، ته جانوءَ سان ڳالھائجي، نه ڳالھائجي، کانئس حال احوال وٺجي، نه وٺجي، پڇا جو سندس طبيعت تي ڪھڙو اثر پوندو؟

پريشانيءَ جي ان عالم ۾، نيٺ گهر جي وڏِي، جيڪا جانوءَ جي زال به آھي، تنھن دل ٻڌي، پھرين سندس ڀر ۾ وڃي ويٺي ۽ پوءِ آھستي آھستي چيائينس؛ ”ٻُڌ ته...! خير ته آھي نه...! ننڍا وڏا سڀ تنھنجي حالت ڏسي پريشان پيا ٿين. تو کي ڇا ٿيو آھي؟...“

جانوءَ جي زال پُڇندي رھي. جانو خاموشي سان ٻڌندو رھيو. گهڙي پل لاءِ، جانوءَ جي زال ويچاريندي، ڳالھائڻ ۾ وقفو ڪيو، ته جانوءَ وراڻيو؛ ”نه... اھڙي ڪا ڳالھه نه آھي. ڪير به پريشان نه ٿئي.“

”عجب آھي! پنھنجي حالت ڏٺي اٿئي؟ وسندي برسات ۾ پُسي اچي ويٺو آھين يا واھه مان ڪپڙن سميت وھنجي آيو آھين؟ ايترو پگهر ڪو بي سبب آيو آھي؟“ جانوءَ جي زال وري به ڳالھايو. ڳالھايو ڇا، جانوءَ کان پگهر اچڻ جو سبب پڇيو ته جانوءَ چيس؛ ”پگهر ته مون کي به سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ايترو ڪٿان آيو آھي؟ آئون اھو پيو سوچيان ته دنيا ۾ ڪورونا وائرس تمام گهڻو ڦھلجي ويو آھي. پاڻ وٽ مبارڪ مھيني رمضان جو آخري جمعو آھي. جمعي جي ڏينھن بازارون ھونئن به بند ھونديون آھن، پر اڄڪلھه ته لاڪ ڊائون به لاڳو آھي. ان ھوندي به، تو کي خبر آھي، ته بازارن ۾ رش ڪيتري آھي؟ ٿورو ٻاھر نڪري ڏس ته ھر موٽر سائيڪل پٺيان موٽر سائيڪل آھي. ڪنھن ڪنھن وقت ته ٻه ٻه، ٽي ٽي، چار چار موٽر سائيڪلون گڏ گڏ به پيون گذرن. ھر موٽر سائيڪل تي ٻه ڄڻا ته آھن ئي آھن. اڪيلو ته ورلي ڪو آ، نه ته ننڍن وڏن ٻارن سميت ھڪ ھڪ موٽر سائيڪل تي، ٽن کان پنج ست سواريون آھن. سڀ شھر ۾ پيا وڃن، اتان پيا ورن...“

جانوءَ اڃان ڳالھايو پئي، پر جوڻس سندس ڳالھ اڌ ۾ ڪٽيندي چيو؛ ”پريشان نه ٿيءُ. ماڻھو پنھنجو خير گهرندا ھوندا. ماسڪ پائيندا ھوندا. ٻيا به احتياطي اپاءَ وٺندا ھوندا...؟

جانوءَ جي زال اڃان ڳالھايو پئي. جانو سندس ڳالھه ڪٽيندي چيو؛ ”اھا ئي ته پريشاني آھي. ماڻھن کي خبرون به سڀ آھن، احتياط ڪي چند، نالي ماتر ٿا ڪن“...

”ڇڏ ماڻھن کي... گهڻو نه سوچ... گهر ڀاتين جو خيال ڪر... پاڻ به پريشان نه ٿي، ٻين کي به پريشان نه ڪر....“ جانوءَ کي زال سمجهائڻ جي ڪوشش ته ڪئي پئي، پر ٻنھي جي حالت اھڙي ھئي، جو پريشان ٻئي ھئا. نه صرف ھي ٻه، پر ھر ڪو پريشان ھيو.

 

(مٺل جسڪاڻي جي فيسبڪ پيج ”ڪھاڻيون ۽ ڊراما“ تان ۷ مئي ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment