Thursday, May 13, 2021

کير جھڙي ڪاري - اختر پيا

کير جھڙي ڪاري

ڌرتيءَ جي ڪھاڻيڪار سرور سيف جو ڪھاڻي ڪتاب

اختر پيا سولنگي لاڙڪاڻو



ھر معاشري جي سونھن علم و ادب آھي ڇو ته اھڙي شعاع کان سواءِ ڪنھن به معاشري جي پيڙھ پختي ٿي نٿي سگھي اڄ به دنيا جون اھي ئي قومون معتبر ڀانئجن ٿيون جتي اھڙي ڏانءَ ۽ نانءَ جي ڳالھ ڪائي نئين ناھي رھي. اھڙي ادبي شعاع ھيٺ پنھنجي سون ورني ڌرتي اصل اڄ تائين ڪيئي سڳند ۽ سنگ اپائيندي پئي اچي ۽ اھڙي آبياري صدين پڄاڻان اڄ تائين ھلندي پئي اچي ۽ اھڙي سيوا جو بار ڏات ڌڻي کنيون گھمندو وتي ۽ ھو بنان ٿڪاوٽ جي پنھنجو پورھيو جاري رکندو پيو اچي سندس اھڙو پورھيو ڪڏھن نظم جي صورت ۾ته  ڪڏھن وري نثر جي صورت اختيار ڪندو رھي ٿو.


ڪتاب کير جھڙي ڪاري نثر جي دنيا ۾ اھڙو وڌاء جنھن کي پڙھڻ کان پوءِ پروڙ پئي ٿي ته ڪھاڻيءَ جو ھڪ اھڙو دؤر ھيو جو گذري ته ويو پر ان جي تازگيءَ جو تاثير ساڳيءَ سمت ۾ اوترو ئي وڻندڙ آھي. دنيا جو ڪو ئي به ڪتاب پراڻو ناھي ھوندو جيستائين ان کي پڙھيو نه  ٿو وڃي.

اھڙي طرح جڏھن سرور سيف جو ڪھاڻي ڪتاب “کير جھڙي ڪاري” پڙھڻ کان پھريان ھڪ نظر ٽائيٽل تي رکيم ته کير جھڙي ڪاري جو اصل مقصد ڇا ٿي سگھي ٿو پر اھڙي ڪھاڻي پڙھڻ کان پوء اندازو ٿيم ته حقيقت ڀريو پسمنظر ڪھاڻي ۾ پڌري پٽ آھي.

کير جھڙي ڪاري لکڻ وقت ڪھاڻيڪار پنھنجي پوري پوري مھارت ڏيکاري آھي. ڪھاڻيءَ جو ڏيک ويک معاشري جي ڪڌي رسم ڪاري کي ٻن رخن کان ظاھر ڪري ڏيکاريو ويو آهي.

ھن ڪھاڻيءَ جو تت ۽ ست اھو ئي آھي ته جيڪا گھر ۾ نياڻي ٿي پلجي ساڳي نياڻي پيءُ ماءُ ۽ ڀائرن جي لاڏ ڪوڏ کان پوءِ ڌڪاربي وڃي ٿي ڄڻڪ سندس وجود ئي نفرت ۽ نڌڻڪائي ھجي. جھڙي طرح کير اڇو ته اوترو ڪارو به، الزامن کان آجي ھوءَ تيستائين ھئي، جيستائين سندس خلاف ڪو شڪ يا وھم نه ھو. ھونئن به سنڌي ۾ اھا عام چوڻي آھي ته؛ ھڪڙا ٻاھر اڇا، اندر ڪارا، ٻيا جھڙا ٻاھر، تھڙا اندر.

کير جھڙي ڪاري جي شروعات “ماسي پاسي ٿجانءِ” ڊائيلاگ کان ٿئي ٿي، گاھ جي ڀري مٿي تي کنيو ھوء پنھنجي پورن ۾ مگن ھلندي پئي وئي ته پٺيان کيس مٿيون آواز ٻڌجڻ ۾ آيو، ماسي چوڻ وارو نوجوان نينگر ھو

ھتي ھن ڊائيلاگ مان اھا ڄاڻ ملي ٿي ته عورت وٽ ڪيڏا نه اٿاھ حساسپڻا ٿين ٿا. حالانڪه سندس مائٽن پاران ڪنھن اڻ وڻندڙ جڳه  تي ڪنو ڪري اڇلايو وڃي ٿو پر پوءِ به ھوءَ پنھنجي ننڍپڻ جي چلولاين ۽ مٽن مائٽن کي پاڻ کان پري نٿي ڪري سگھي

ڪھاڻيڪار جي وڏي خوبي تڏھن ليکبي آھي ته ھو لفظن جي اڻت ۽ منظر نگاري جو پورو پورو خيال رکي، جھڙي طرح ھنن جون ننڍڙيون ننڍڙيون پتڪڙيون ڳالھيون ٻڌي ٽڙي پوندي ھئي گلاب جي گل جيان ۽ پوءِ ھيءَ پاڻ به مکڙي مان گل ٿي پئي سدا بھار گل ھٿين پيرين ميندڙي  جوڀن جو ھڳاءُ نچندڙ ڪڏندڙ ھرڻي چيلھ تي پوندڙ ڪارا ناسي وار پير کڻڻ سان ڇير جو گمان ٿيندو ھوس.“

ڪنھن به  ڪھاڻي جو رس چس تڏھن وڌيڪ چست لڳندو آھي جڏھن پنھنجي ٻولي مان عام فھم لھجا استعمال ڪيا وڃن،جھڙي طرح ھن ڪھاڻي ۾ لکيو ويو آھي.

پڻس ڳوڙھن سان ڏاڙھي ڀڄائي آٿتون ڏيندو ھوس؛ ”ڌيءَ لکيي جو امر ڪير ٽاري. بس جھڙو اٿئي، اھو اٿئي. منھنجي ڏاڙھيءَ جي لڄ رکجانءِ.”

اسان جي سماجي ڪارج ۾نا انصافي ۽ اڻبڻت ڀيڻ سان ڀائرن سان ٿيندي رھي ٿي جھڙي طرح ھتي لکيو ويو آھي؛ “نينھن جا نشا سڀ لھي ويس. ھڪ مار سان جيڪا سندس ڀائرن ھن پوڙھي کوڳ سان ڏني ھئس بي دردي سان ۽ سڄي جسماني اذيت کان وڌ ھئس.” ڀائرن لاءُ ڀيڻ  جي محبت کي وڌيڪ چٽو ڪندي، ڪھاڻيڪار لکي ٿو ته؛ ”ادل منھنجا چوڏھين جا چنڊ دلبند ۽ اڄ ساڳيا ادا چنڊ جھڙي ڀوري ڀيڻ کي ٿوڪاري رھيا ھئا. ڪاري چئي ڪاري، پر پاڻ ته ننھن چوٽي اڇي ھئي جھڙو کير، ڪاري ڪيئن ٿي، بدن جي ڪنھن به حصي تي ڪارنھن جا نشان نه ھئس.”

ھيءَ ڪھاڻي کير جھڙي ڪاري تقريبن چار ڏھاڪا اڳ لکي وئي آھي پر سماجي اوسر اڃان تائين اوترو اسري ناھي سگھي جو کڻي چئي سگھجي ته اڄ جي عورت اڳ واري عورت کان وڌيڪ آزادي ماڻي چڪي آھي ھاڻي به  عورت اھا ئي قيدياڻي ڀانئجي ٿي.

جھڙيءَ طرح محترم سرور سيف ھن ڪھاڻيءَ ۾عورت لاءِ پھريداري ڪوٽ قلعن جو ذڪر سلؤڻي نموني ڪيو آھي. ھونئن به سماج ۾ عورت پاڻ کي تڏھن بي معنيٰ سمجھي ٿي جڏھن رت جا رشتا دشمني جو ويس ڌارين ٿا. ھن ڪتاب ۾ ڪل پندرھن ڪھاڻيون شامل آھن. جيڪي محترم سرور سيف جي فڪري سوچ جي ڪماليت تائين اڏام ماڻين ٿيون. ھنن سڀني ڪھاڻين ۾ سماج کي سلجھائڻ جو منتر اھڙي نموني مڙھيو ويو آھي، جنھن کي گھرائيءَ سان پڙھڻ کان پوءِ پورو لاڀ ماڻجي ٿو ته سماجي بيھڪ ۽ جوڙجڪ ڪھڙي ڪٿا جو ھئڻ گھرجي. اڪثر ڪھاڻين ۾ ليکڪ پاران ڪٿي تصوراتي طور ڪھاڻي جو نڀاءُ اھڙي نموني ته نڀايو ويو آھي جو پڙھندڙ پنھنجي تجسس آھر، ڪھاڻيءَ کي پڙھندي پڙھندي وڃي پڄاڻيءَ تي پھچي ٿو ۽ اھو ئي ھڪ سٺي ڪھاڻيڪار جو ڪمال ھوندو آھي ته ھو پڙھندڙ کي بوريت جو ٻک نه بڻائي.

محترم سرور سيف کي ھن معياري ڪتاب تي جس ھجي.

No comments:

Post a Comment