Tuesday, May 11, 2021

يوٿوپيا ناول جو مختصر جائزو

يوٿوپيا ناول جو مختصر جائزو

علي آڪاش



ڏهاڙن پڄاڻا ليپ ٽاپ کوليو آهي ته عجيب پيو لڳي. هاڻ موبائيل فون کان سواءِ ٻي ڪا به شيءِ هٿ ۾ نٿي وڻي ــ عجب آهي! تنهن هوندي به، ڊائريءَ ۾ لکڻُ ۽ ڪتابن کي پڙهڻُ ــ ٻه ڪم باقي آهن، جيڪي مون کي احساس ڏيارين ٿا ته آئون لکڻ پڙهڻ سان واڳيل آهيان. اِها به نعمت چئبي. آئون لکڻ لاءِ ويٺو آهيان. مون کي اوهان سان هڪ ڳالهه سَلڻي آهي. اُها هڪ ناول جي باري ۾ آهي. ناول آهي: ”يوٿوپيا“، جيڪو ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار ڪليم ٻٽ لکيو آهي. هيءُ تازو ئي ڇپيل ڪتابُ پنهنجي نالي ۾ عجيب آهي؛ ۽ رواجي اصطلاح ”يوٿيا“ کان متاثر ٿيلُ ٿو لڳي. هيءُ ڪتاب به عجيب آهي. هن ۾ هڪ ئي وقت، فن، ٽيڪنڪ ۽ مختلف بيانين جو تال ميل موجود آهي. مون هيءُ ڪتابُ بنهه نرمائيءَ سان ۽ وٿيءَ وٿيءَ سان پڙهيو آهي. هڪ ڀيري پڙهڻ کان پوءِ ٻيهر به پوري ڪتاب کي اکين مان ڪڍيو آهي.


هن ڪتاب تي باقاعدي ڳالهه ڪرڻ کان اڳُ، آئون هن ناول کان الڳ، تڏهن به، لکڻ جي موضوع سان لاڳاپيل ڳالهه ڪرڻ گهران ٿو. سنڌي ادبُ هِن سمئه ناول جي صنف سان مالامال ٿي رهيو آهي. اِهو هڪ سڀاويڪ سنوَڻ آهي. انهيءَ ڪارڻ جو، تخيلقي يا خالص ادب جي نثري صنفن منجهان، ناول ئي اهڙو ميدان هو، جيڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ٻارين کي ڇڏي، کيڙڻ لاءِ خالي پيل هو. اِها کيڙَ، اڳي پوءِ، ٿيڻي ئي هئي ۽ اِها سٺي ڳالهه آهي ته اهڙي شروعات هن سهيوڳي زماني ۾ ٿي، جنهن ۾ پاڻ به موجود آهيون؛ ۽ هن چڱاين ڀري اوسر کي اکين سان ڏسي رهيا آهيون.

توڻي جو محسوس ڪيو ويو آهي ته ناولن کي لکڻ ۾ به تڪڙ ٿي رهي آهي ۽ تن تي ٿيندڙ ڇنڊڇاڻ ۾ به اٻهرائي ٿي رهي آهي. جهڙوڪ باليووڊ جي مووي ”اب تڪ ڇَپن“ هجي ۽ ”ايڪائونٽر اسڪواڊ“ هر وقت هڪيو تڪيو هجي. گهَري، گهڻ پاسائين ۽ معروضي ڇنڊڇاڻ جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي. نيڪ روشن هجي ته هيءَ لکت ڪا ڇنڊڇاڻ ناهي، پر هڪ تبصرو ئي آهي. هڪ پڙهندڙ جي راءِ آهي. جيئن ته ناول کي هڪ ادبي لاڙي طور سلسليوار لکڻ جي شروعات ويجهڙ ۾ ٿي آهي، تنهنڪري، اميد ڪجي ٿي ته وقت هلندي، ناول لکڻ جي فن توڻي ناول تي ٿيندڙ ڇنڊڇاڻ ۾ بهتري ايندي. هڪ بهتر علمي ماحول پيدا ٿيندو.

”يوٿوپيا“ ناول هڪ سياسي خاندان جي ڪهاڻي آهي، جيڪو ”يوٿوپيا“ رياست جي ڪَٽر سياست کي ڀوڳي ٿو ۽ قربانيون به ڏئي چڪو آهي. انهيءَ خاندان جون چار پيڙهيون، انهيءَ رياست جي سياست لاءِ ميون آهن يا اڃا سوڌو انهيءَ کي ڀوڳي رهيون آهن. هيءَ چوٿين پيڙهيءَ جي ڪهاڻي آهي. هڪ ناول جا ٻه مک ڪردار آهن. هڪ جو لاڳاپو چوٿينءَ پيڙهيءَ سان آهي ۽ ٻئي ڪردار جو لاڳاپو ٽينءَ پيڙهيءَ سان آهي. ٽين پيڙهيءَ جو ڪردارُ هر طرح چوٿين پيڙهيءَ جي ڪردار کي يوٿوپيا رياست جي ظالم سياست کان بچائڻ گهري ٿو. ٻئي ڪردار هڪ وڏي سياسي گهراڻي جا پڇاڙڪا فرد آهن. ٻئي ڪردار جنس ۾ اڌ عورت ۽ اڌ مرد آهن. چوٿينءَ پيڙهيءَ جو ڪردارُ يوٿوپيا جي حالتن تي پڄرندو پچندو رهي ٿو ۽ نيٺ تنهن جي عقوبتن ۽ عتاب جو شڪار ٿئي ٿو.

يوٿوپيا ”اِڪتائي مذهب“ جي بنياد تي وجود ۾ آيل رياست آهي، جنهن ۾ افراتفري ۽ بيچيني آهي، اُها ڪيئن آهي، تنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. هِتي رڳو ايترو بيان ڪرڻو آهي ته هيءَ ڪهاڻي پنهنجيءَ جاگرافيءَ ۾، گهڻي ڀاڱي، يوٿوپيا رياست جي ”درياهي صوبي“ تائين محدود آهي، تنهن کان سواءِ ان ۾ ”ڪيپيٽل سٽيءَ“ جو حوالو آهي ۽ جابلوستان صوبي جو لاڳاپيل ذڪر آهي، جتي ”آئسوليشن سٽي“ تيار ڪئي ويئي آهي. انهيءَ جاگرافيءَ کان ٻاهر مها نگر ”لندسيا“ جو ذڪر به آهي. جڏهن ته ڪن رياستن جا علامتي نالا به موجود آهن. ناول ۾ يوٿوپيا جي رياست ۾ ”گنجيڙي“ جي سربراهيءَ جو زمانو آهي.

هن ناول جا انيڪ پاسا اهڙا آهن، جن تي پيرائتي نوع ۾ لکڻ جي گهرج آهي، تن منجهان آئون ڪن ٿورن پاسن تي گهڻي مختصر نموني لکان ٿو ته جيئن هن ناول تي ڳالهه ٻولهه يا ان جي ڪَٿ لاءِ ڪي بنياد ٻَڌي سگهجن. اهڙن پاسن ۾ واڌ به اچي سگهي ٿي ۽ تن ۾ گهٽتائي به اچي سگهي ٿي، انهيءَ ڪري جو ناول جا نقاد ڪن ڄاڻايل پاسن سان سهمت نه به ٿي سگهن ٿا. انهيءَ لحاظ کان هيءَ ڳالهه هر پاسي کان کُليل ۽ ڪانڍيندڙ آهي.

ناول جو راوي (Narrator)

راوي ناول توڻي ڪهاڻيءَ جو بنياد عنصر آهي، انهيءَ ڪري جو ڪهاڻي ٻڌائيندڙ کان سواءِ ڪهاڻيءَ جو جنم نٿو ٿي سگهي. عام يا ٿلهي ليکي، راوي ٽن قسمن جا رهيا آهن. پهريون ضمير متڪلم؛ ٻيو ضمير حاضر ۽ ٽيون ضمير غائب. راوين جا ٽئي مقبول قسم آزمايا پئي ويا آهن؛ انهن ئي ٽن قسمن منجهان راوين جا گاڏڙ قسم ڪڍيا ويا آهن. هيءُ ناول ضمير متڪلم ۾ لکيو ويو آهي، پر اهو رواجي تَڪلمي انداز کان ٿورو الڳ آهي. هن تڪلمي انداز ۾ هر ڪردار پاڻ ”متڪلم“ آهي ــ يعني پنهنجي ڪهاڻي پاڻ ٻڌائي رهيو آهي؛ يعني هر ڪردار پاڻ راوي به آهي. اِها انوکي ڳالهه ٿِي. مٿي ٻن ڪردارن جو ذڪر ٿيو. ٽيون ڪردار جيڪو ”متڪلم“ آهي يا پاڻَ ڳالهائُو آهي، سو يوٿوپيا جي طاقتور ”سرڪل“ جو ڪمانڊر آهي. انگريزي توڻي اردوءَ ۾ ضمير متڪلم جي پيرايي جي راويءَ جي ٽيڪنڪ، جنهن ۾ هر ڪردارُ پنهنجي ڪهاڻي پاڻ ٻڌائي، متعارف ٿي چڪي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هيءُ پهريون اهڙو ناول آهي، جيڪو انهيءَ ٽيڪنڪ تي لکيو ويو آهي ۽ اِهو ناول نگار جو جس آهي.

ناول جو بيانيو (Narrative)

پنهنجي بيانيي ۾ هيءُ هڪ سياسي ناول آهي، جنهن ۾ ”يوٿوپيا“ جي رياست ۽ انهيءَ رياست جي ”درياهي صوبي“ جي حال توڻي ماضيءَ جي واقعن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي آهي. هڪ ليکڪ کي اِهو حق ماڻيل آهي ته هُو ڪنهن به سياسي بيانيي کي هٿي ڏئي يا نه ڏئي. ساڳيي نموني، پڙهندڙ کي به اهو حق ماڻيل آهي ته هُو ليکڪ جي سياسي بيانيي سان سهمت ٿئي يا تنهن سان اختلاف رکي. توڻي جو ”يوٿوپيا“ هڪ علامتي نانءُ آهي، تنهن هوندي به، ناول پڙهندي، پڙهندڙَ، سهنجائيءَ سان، اِهو ڄاڻي سگهندا ته ناول نگار ڪهڙن سياسي ڪردارن جي باري ۾ ڳالهه ڪري رهيو آهي. ڪردارن جا نالا ئي اهڙا رکيا ويا آهن ۽ تن سان ڄاتل سياسي حالتون سلهاڙيون ويون آهن، تنهنڪري، پڙهندڙُ هڪدم علامت منجهان حقيقت تائين رسي ٿو. اهڙو اهتمامُ ناول نگار جي خوبي به آهي ۽ خامي به آهي. علامتي ڪردارَ، جيئن ته مقامي سطح جي اهم سياسي نالن لاڳاپيل آهن، تنهنڪري، هن ناول جو اِهو پاسو گهڻيءَ دلچسپيءَ وارو آهي. ”درياهي صوبي“ ۾ ٻه مها سياسي بيانيا موجود رهيا آهن. ليکڪ ٻنهي منجهان پنهنجي واٽ ڪڍڻ جي جستجوءَ ۾ آهي. هُو اِها ڪوشش ڪري ٿو ته ٻن انتهائي بيانين ۾ هڪ توازن کي ڳولي لهي؛ تنهن هوندي به، اِهو امڪان رکي سگهجي ٿو ته ناول نگار ”ڇَٽِي خاندان“ جي ڪردارن سان جيڪي واقعا منسوب ڪيا آهن، تن سان پڙهندڙ شايد اختلاف ڪري. تنهن هوندي به، پڙهندڙ کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته هيءَ ڪا تاريخ ناهي، جو حقيقتن ۽ واقعن کي جيئن جو تيئن پيش ڪجي. هيءُ فڪشن آهي، تنهن ۾ ليکڪ تاريخ جي حقيقت ۽ ماهيت کان پنهنجي پلاٽ جي گهرج جي نوعيت ۽ نسبت جو ۽ جيترو ڪم وٺي سگهي ٿو. تخيل جي رعايت ”فڪشن رائيٽر“ کي سدائين ماڻيل هوندي آهي.

جنسي/صنفي ويڳاڻپ جو نظريو (Queer theory)

سنڌي ”فڪشن“ اڄ ڏينهن تائين، گهڻي ڀاڱي، ٻن مک نظرياتي ڌارائن مان گذريو آهي. هڪ: سماجي حقيقت نگاري: ٻيو: وجوديت. هنن ٻنهي نظرياتي ڌارائن جي هڪ ساخت آهي، سنڌي فڪشن لکندڙَ جنهن جي پوئواري ڪندا آيا آهن. هيءُ ناول انهن ٻنهي ڌارائن منجهان ناهي، پر هڪ ٽينءَ ڌارا ۾ لکيل آهي. جنهن کي جنسي يا صنفي ويڳاڻپ جو نظريو چئجي ٿو. انهيءَ نظريي کي ايل جِي بي ٽي ڪيو. (LGBTQ) به چئجي. انهيءَ ۾ هم جنس پرست مرد ۽ عورتون، خواجه سرا ۽ گاڏڙ جنسي لاڙن ۽ خصوصيتن وارا ماڻهو شامل ڪيا ويا آهن. سنڌي سماجُ ۾ اڃا تائين اِها نظرياتي ڌارا عام نه ٿي آهي، تنهنڪري، هتان جي ماڻهن لاءِ هن ناول جا واقعا انوکا هوندا. اها انوکائپ وڻت ۽ اَوڻت جي صورت ۾ سامهون اچي سگهي ٿي. انهيءَ ڪري جو سنڌ ۾ اڳيئي هڪ اوائلي قدرن جو نظام موجود آهي. انهيءَ ڪارڻ، ڪي ماڻهو هن نئين تصور کي قبوليندا ته ڪي انهيءَ تي پنهنجيءَ ارهائيءَ جو اظهار ڪندي، تنهن کي ”ڇڙواڳي“ قرار ڏئي سگهن ٿا. هن ناول جا ٻه مک ڪردار جنسي طرح ويڳاڻا آهن. اُهي اعتدالي يا رواجي طرح مرد يا عورت ناهن، پر ٻنهي جو ميلاپ آهن. تنهن کان سواءِ، ناول ۾ ٻيا جيڪي به ثانوي ڪردار آهن، اُهي به، ڪنهن نه ڪنهن طرح، ايل. جِي. بي. ٽي. ڪيو. جي دائري ۾ اچن ٿا. تن ۾ هر ڪو، ڪنهن نه ڪنهن طرح، رائج جنسي سٽاءَ جي دائري کان ٻاهر وڃي ٿو. انهيءَ حساب سان، ناول نگار پڙهندڙ اڳيان هڪ نئون چئلنج آڻي رکيو آهي، جيڪو سندن ذهني يڪسرائيءَ ۾ ولوڙ پيدا ڪري سگهي ٿو. ناول نگار هڪ سياسي بيانيي واري پلاٽ سان سهيوڳي عالمي جنسي ويڳاڻپ جي تحريڪ جي مختلف پاسن کي سلهاڙيو آهي. انهيءَ طرح هن هڪ ٻٽي ذميواري کنئي آهي، جيڪا پڙهندڙن تي پاڻ لَکائيندي.

ڊسٽوپيا (Dystopia)

هن ناول ۾ هڪ وڌيڪ جديديت پڄاڻا جو عنصر موجود آهي، سو آهي: ڊسٽوپيا. ڊسٽوپيا جو عنصر ادب جو حصو رهيو آهي. اِهو عنصر ”يوٽوپيا“ جي ضد آهي. يوٽوپيا سياسي طنز جو هڪ تخليقي ڪم آهي، جيڪو سورهين صديءَ جي شروعات ۾ ٿامس مور ڪيو. انهيءَ ڪتاب ۾ تڏهوڪي انگلينڊ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي، هڪ مثالي رياست جو خاڪو پيش ڪيو ويو هو. اهو ڪتاب اڄ به مشهور آهي. شروع کان ”يوٽوپيا“ جي اصطلاح کي ”فڪشن“ ۾ (۽ پڻ علمي دنيا ۾) هڪ خيالي يا مثالي رياست يا سماج طور واهپايو پئي ويو آهي. ڊسٽوپيا جو اصطلاح ارڙهينءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ يوٽوپيا جي ابتڙ طور ڪتب آيو. ”ڊيس“ (Dys) جي معنا آهي: خراب. يعني خراب يوٽوپيا. ”يوٽوپيا“ هڪ بهشتي تصور آهي. اهو ڪنهن رياست يا سماج ۾ ڪوبه هر هڪ سک، سرمستي ۽ سهولت ڏيکاريندو آهي. جڏهن ته ڊسٽوپيا دوزخي تصور آهي، جيڪو ڪنهن رياست، سماج يا برادريءَ اندر ڏک، دهشت، ڀوڳنا ۽ پيڙا کي ڏيکاريندو آهي. ڊسٽوپيا جو تصور سماجي حقيقت نگاريءَ جي ادبي لهر سان به گڏ هليو آهي، پر هاڻوڪي جديديت پڄاڻا جي ادب سان به لاڳاپيل آهي، خاص طرح اهو عنصر مها بيانين جي رد ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪتب آندو پئي ويو آهي. اهڙيءَ طرح، اهو عنصر علمي ۽ فڪري بحثن سان گڏ ادب جو به حصو بڻيو آهي. ”يوٿوپيا“ هڪ ”ڊسٽوپيائي“ رياست آهي، جنهن مٿان هڪ ”سرڪل“ جو قبضو آهي. اُتي جهموريت ناهي، اظهار جي آزادي ناهي، حقيقي سياسي آزادي ناهي، ڪاموراشاهي ڪٺ پتلي آهي، اُتي ماڻهن کي خاص رياستي ”ڊسڪورسز“ هيٺ هلايو وڃي ٿو ۽ باغين کي دٻايو ۽ کين سزائون ڏنيون وڃن ٿيون. ڊسٽوپيا جيئن ته يوٽوپيا وانگي هڪ تصوراتي رياست ئي آهي، تنهنڪري، ناول ۾ پنهنجي تخيل وسيلي ڊسٽوپيائي تاثر پيدا ڪيو آهي.

عورتازاد جو عنصر (Feminism)

عورتازاد جو تصور به ڪلهه وانگي اڄوڪي دنيا جي سماجي/انساني، سياسي ۽ ثقافتي تحرڪ جو حصو آهي. عورت هر لحاظ کان سمپورن انسان آهي. حياتياتي عمل جي ڪري، جسماني طرح عورت ۽ مرد ۾ ٿورو فرق آهي، پر انهيءَ جو اهو مطلب ناهي ته عورت ڏاهپ، صلاحيت، هنر ۽ سورهيائيءَ ۾ مرد کان ڪنهن طرح گهٽ آهي. کيس مرد جهڙا ئي حق ماڻيل هجن، اُها پنهنجن فيصلن ۽ ڪمن ڪارين ۾ ايئن آزاد هجي، جيئن مرد آهي. اهو عورتازاد جو مجموعي خاڪو آهي، جڏهن ته انهيءَ هڪ اصطلاح جا انيڪ پاسا ۽ تناظر آهن، جن جي پوئواريءَ ۾ اڄوڪي دنيا ۾ عورتون توڻي عورتازاد سان هم خيال مرد هڪ وشال، گهڻ پاسائين ۽ همه گير جدوجهد ڪري رهيا آهن.

يوٿوپيا ناول جو ڪلائمڪس عورتن جي حقن جي لتاڙ سان ڪيو آهي. لتاڙ به نه چئجي، پر چئجي ته عورت کان جيئري رهڻ جو حق ئي کسيو ويو آهي. يوٿوپيا اهڙي ڪَٽر تصوراتي رياست آهي، جنهن ۾ ٽيهن ورهين کان مٿي عورت شر ۽ فساد جي علامت آهي، تنهنڪري، يوٿوپيا جي رياست هڪ رٿابنديءَ سان ٽيهن ورهين جي ڄمار کان مٿي عورتن کي قابو ڪري ٿي ۽ کين مذهب جي آڙ ۾ پنهنجن خاص رياستي مقصدن جو ٻارڻ بڻائي ٿي.

پُتليون/ذيلي ڪهاڻيون (Stories within story)

ناول نگاريءَ جو فن گهڻو اٿاهه ۽ اپار آهي. انهيءَ جون فني گهرجون به خالص ادب جي ٻين صنفن کان وڌيڪ آهن. تن منجهان هڪ گهرج آهي: پتليون يعني ڪهاڻيءَ اندر ڪهاڻيون. ناول هجي يا ڪهاڻي انهيءَ جو اساس قصي گوئيءَ تي آهي. پراڻن بادشاهن ۽ ديون پريُن جي قصن ۾ مک ڪهاڻي اندر ذيلي ڪهاڻيون هونديون هيون، جن کي پُتليون چئبو هو. اِهي مرڪزي ڪهاڻيءَ کي متاثر ڪرڻ بدران انهيءَ کي وڌيڪ دلچسپ بڻائينديون هيون. اڄوڪي جديد ناول ۾ به ڪهاڻي اندر ڪهاڻين يعني پُتلين جي وڏي اهميت آهي. اِهي پُتليون ناول ۾ پکيڙ به آڻينديون آهن ۽ مرڪزي ڪهاڻيءَ کي سمجهڻ ۾ به مدد ڏينديون آهن. ”يوٿوپيا“ ناول ۾ به ڪيئي پتليون آهن. مثال طور انگريز وِگ ڇو ٿا پائين، ”جيبي“ جي ڪردار جو پسمنظر ڇا آهي ــ ان قسم جون هن ناول ۾ ڪيئي پتليون آهن، جيڪي پڙهندڙ جي ڄاڻ ۽ لطف ۾ واڌ آڻين ٿيون.

قصي گوئيءَ جو عنصر (Storytelling)

هيءَ هڪڙي اهم ۽ عجيب ڳالهه آهي جو هن وقت جديد فڪشن لاءِ قصي گوئيءَ يعني ”اسٽوري ٽيلنگ“ کي هڪ اهم عنصر قرار ڏنو پيو وڃي. تنهن جو هڪ مطلب اِهو آهي ته شيون هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجيءَ پاڙ ۾ پيون موٽن. پر مسئلو اهو به آهي ته اسٽوري ٽيلنگ يا قصي گوئي ڇا آهي؟ سادي طرح ڪو اهو به چئي سگهي ٿو ته اُها قصو بيان ڪرڻ آهي. تنهن هوندي به، انهيءَ عنصر جي تشريح ضروري آهي. منهنجي خيال ۾ اسٽوري ٽيلنگ ۾ مختلف جزا شامل آهن. هڪ اسلوب: ٻڌائيندڙ پنهنجي خاص انداز ۾ ڳالهه ٻڌائي. ٻيو محاڪات: يعني صورتحال کي اهڙي نموني بيان ڪجي جو اُها پڙهندڙ جي ذهن ۾ منظر جوڙيندي هجي. ٽيون: تخيل: قصي جو بيانُ پڙهندڙ کي عام مشاهداتي ۽ حواسي حالت کان ڪڍي ڪنهن ٻيءَ تصوراتي يا ماورائي حالت ۾ کڻي وڃي. چوٿون: راوي يا نئريٽر پنهنجي بيان (Narration) کي ڪردارن ۽ صورتحال جي گهماگهميءَ سان ڳنڍي، تنهن کي مضمون يا انشاپردازي ٿيڻ کان بچائي. پنجون انساني حالتن جو شعور: لکندڙ يا قصي ٻڌائيندڙ کي انساني حالتن جو شعور هجي ته پنهنجن پڙهندڙ اڳيان اهڙو منظرُ، خواب، اڌمو، ڏک سک يا قدر پيش ڪري، جيڪو پڙهندڙ سان واسطيدار هجي يا هنن ۾ ڪا ذهني ۽ داخلي آنڌمانڌ پيدا ڪري. منهنجي خيال ۾ اِهي قصي گوئيءَ جا عنصر ٿي سگهن ٿا.

”يوٿوپيا“ ناول اسٽوري ٽيلنگ جي عنصر کي شامل ڪري ٿو. ”درياهي صوبي“ ۾ ”يوٿوپيا“ جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ ”سکرش“ شهر ۾ ”اڪتائي مذهب“ ۽ هندو آباديءَ ۾ ڇڪتاڻ جي حصي ۾ اسٽوري ٽيلنگ جو عنصر اوج تي رسيل آهي. انهيءَ حصي ۾، پڙهندڙ ساهه کڻڻ ۽ اک ڇنڀڻ جي ويسر ۾ وڃي ٿو. تنهن کان سواءِ ”گنجيڙي جو سياستدان ٿيڻ“ واري باب اسٽوري ٽيلنگ جي ڏس ۾ اهم آهي، جنهن ۾ يوٿوپيا جي رياست جي ڍانچائي ساخت جو ڇيدُ الڳ الڳ ڪردارن وسيلي ڪيو ويو آهي ته اُها ڪهڙيءَ ريت سياستدانن ٺاهيندي ۽ ڊاهيندي آهي. تاريخي مواد مان ڪردار ٺاهڻُ ۽ تن کي ڪن صورتحالن ۾ مشغول ڪرڻُ هڪ قصي گو جو ڪمال هوندو آهي.

انساني حالت

ناول سماجي حقيقت نگاريءَ تي هجي يا جادوئي حقيقت نگاريءَ سان سلهاڙيل هجي، پر انهيءَ ۾ انساني حالت جو هجڻ اڻٽر هوندو آهي. انساني حالتن جي تعين جي صلاحيت ناول نگار کي ڪردار ڳولڻ، چونڊڻ ۽ تن کي پنهنجي ڪنهن تخليقي ڪم آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي. يوٿوپيا ناول ۾ انساني حالت جو عنصر موجود آهي. ناول ۾ مک ڪردار آهن، جيڪي ناول جي پلاٽ ۾ پنهنجن پنهنجن پسمنظرن مان اچن ٿا. اهڙيءَ طرح هن ناول ۾ انساني حالت جي يڪرنگي ناهي، پر همه گيريت آهي. ڪردارن سان جڙيل اِها انساني حالت نه رڳو منظرنامي جي سطح تي تبديليءَ جو ڪم ڪري ٿي، پر ان سان گڏ داخلي سطح تي الڳ الڳ ڀاوَ من ۽ ذهن تي اڀاري ٿي. پڙهندڙ انساني حالتن جي لهه وچڙ ۾ سهمت پڻي ۽ اَسهمت پڻي مان گذري ٿو، سوچي ٿو، منجهي ٿو ۽ سلجهي ٿو. ان ڏس ۾ ناول جي ڪردار ”ماسمو“ جي پهرئين باب ۾ ”درياهي صوبي“ جي مرڪزي شهر ”ڪرشيءَ“ جي ڪيل منظرڪشي، معروض ۽ احساس جي ميلاپ سان، پڙهندڙ کي هڪ الميي واري ڪيفيت ۾ آڻي ٿي. هن ناول ۾ انساني حالت تاريخي پسمنظر سان گڏوگڏ هلي ٿي. ناول نگار ماضيءَ ۾ وڃي ڪردارن وسيلي انساني حالتن کي جيئرو ڪيو آهي ۽ ايئن پنهنجي بيانيي کي لاڳاپيل يا گهربل سگهه ارپي آهي ۽ خاص تاثر اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ڪردار نگاري

ڪردارنگاري ناول نگاريءَ جي بنيادي جزن مان هڪ آهي. ليکڪ جي ٺاهيل پلاٽ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪردارن کان ڪم وٺڻو هوندو آهي. ”يوٿوپيا“ انيڪ ڪردارن وارو ناول آهي. مٿي ڄاڻايل ٽن مک ڪردارن کان سواءِ پنج وڌيڪ نشانبر ڪردار آهن، جن ۾ ڇَٽي اول، ح م، ڇٽي ثاني، ڪاڻو کوجي ۽ ساراق شامل آهن. تنهن کان سواءِ شالني، راضي، بنديا، ماجي، گنجيڙي، نرزش جا ڪردار به گهرج سارُو موجود آهن. هن ناول جي خصوصيت ڪي ننڍا ننڍا ڪردار به آهي، جيئن اسٽيلا، روزين ۽ ”سرڪل“ جا ڪارندا وغيره. ناول ۾ ايترا گهڻا ڪردار گڏ کڻڻ هڪ وڏو فيصلو آهي يا تخليقي ارادو آهي، جنهن سان نڀائڻ معمولي ڳالهه ناهي. مون هندستاني شاعر ۽ ليکڪ گلزار جو ڪتاب ”دو لوگ“ پڙهيو. انهيءَ ناول ۾ ناول نگار پڇاڙيءَ ۾ زوريءَ ڪردارن مان جان ڇڏائي آهي. هن ناول ۾ ناول نگارَ پنهنجن ڪردارن جي ناول ۾ جاءِ ٺاهي آهي، تن کان پنهنجي جوڙيل پلاٽ کي هٿي ڏيڻ وارو لاڳاپيل ڪم ورتو آهي؛ ۽ ناول جي مرڪزي نقطي سان تن کي سلهاڙي رکيو آهي. پڙهندڙ محسوس ڪري سگهندو ته هر ڪردار جو حال ۾ خاڪو ۽ عمل چٽو آهي ۽ تنهن سان گڏ تن جو پسمنظر به ڄاڻايو ويو آهي. تنهن کان سواءِ، هر ننڍي وڏي ڪردار کي سمجهه ۾ ايندڙ يا منطقي پڄاڻيءَ تائين به پهچايو ويو آهي، تنهنڪري ڪردارنگاريءَ جي حوالي کان هن ناول کي بهتر ناولن ۾ ڳڻي سگهجي ٿي. رڳو هڪ ڪردار ۾ جهول محسوس ٿيو آهي، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو.

ناول ۾ بحران يا تڪرار (Chaos or Conflict)

هڪ ناول هڪ طرح هڪ بحران ۽ تڪرار کي ڄاڻائڻ لاءِ ئي لکبو آهي. پلاٽ ۽ ڪردار انهيءَ بحران يا تڪرار کي نظر ۾ رکي جوڙبا آهن. اڄ ڏينهن تائين اُهو ئي ناول ڪامياب ڄاڻايو ويو آهي، جنهن ۾ بحران جي شدت وڌيل حالت ۾ موجود آهي. ناول جو پلاٽ ۽ ڪردارَ انهيءَ بحران کي کوليندا آهن ۽ تنهن کي هڪ پڄاڻيءَ تائين وٺي ويندا آهن. ”ڊسٽوپيا“ جي سِري ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ناول ”يوٿوپيا“ جهڙي غيرجمهوري ۽ مذهبي طرح ڪٽر رياست جي بحران تي ٻڌل آهي. انهيءَ سخت ڍانچي سان ڪردار تصادم ۾ آيل آهن. انهيءَ حساب سان، ناول ۾ بحران جي سطح وڌيل آهي. سکرش شهر ۾ اڪتاوي مذهب جي حامين ۽ هندو برادريءَ جو جهيڙو، سرڪل جو وجود ۾ اچڻ ۽ ان جون ڪارروايون، آئسوليشن سٽيءَ جو ٺهڻ ۽ اتي عورتن جي تذليل ٿيڻ ۽ ڇٽي ثانيءَ ۽ ڪاڻي کوجيءَ وچ ۾ ڇڪتاڻ هن ناول ۾ بحران ۽ تڪرار کي کولڻ جا اهم حصا آهن.

ناول ۾ گنجائشون

ويجهي عرصي ۾ هيءُ پهريون ناول آهي، جيڪو گهڻ پاسائون انساني/سماجي، سياسي ۽ تاريخي منظرنامو جوڙي ٿو. هڪ وڏي ڪئنوس جي تعمير ڪري ٿو، جنهن جي هڪ ناول مان طلب ڪئي ويندي آهي. تنهن هوندي به، ناول ۾ ڪي گنجائشون ۽ گهاٽيون واڌيون به آهن. آئون تن کي معياري خاميون (Qualitative errors) چوان ته غلط نه ٿيندو. عام پڙهندڙ کي شايد تن جو احساس نه به ٿئي.

متڪلم ڪردارنگاريءَ ۾ گنجائشون

مٿي اها ڳالهه ٿي چڪي ته هن ناول جو هر ڪردار پنهنجي ڪهاڻي پاڻ ٻڌائي ٿو. مثال طور سکرش شهر ۾ مذهبي فسادن جي ڪهاڻي جيبيءَ جو ڪردار ٻڌائي ٿو، پر ناول نگار انهيءَ واقعي ۾ ايترو گم ٿي وڃي ٿو، جو کيس گهڻيءَ دير کان پوءِ اهو خيال اچي ٿو ته بيان ۾ راويءَ کي آڻجي. جڏهن ته متڪلم ڪردارنگاريءَ جي گهرج هيءَ آهي ته راوي پنهنجي موجودگي ٿوريءَ ٿوريءَ دير ۾ محسوس ڪرائيندو رهي، خاص طرح تڏهن، جڏهن هُو ٻئي ڪنهن جي ڪهاڻي ٻڌائيندو هجي.

تنهن کان سواءِ، ماسمو جي ڪردار جي ٻئي باب ۾ ڪردار ساراق جي جنگي مهمجوئي ڄاڻائي ويئي آهي. هوءَ پنهنجي پيءُ ڇٽي ثانيءَ جو قتل جو بدلو ”کوجين“ کان وٺڻ گهري ٿي. انهيءَ مقصد لاءِ هوءَ پنهنجين ساٿي عورتن سان گڏجي جهاز ۾ ويندڙ پنجن اهم ”کوجين“ کي اغوا ڪرڻ جي رٿ جوڙي ٿي ته جيئن ”ڪاڻي کوجيءَ“ کي حڪومت تان دستبردار ٿيڻ تي مجبور ڪري سگهجي. ان ڏس ۾ وڌيڪ بيان هيٺ ايندو. هتي رڳو ايترو ڄاڻائڻو آهي ته متڪلم ڪردار ماسمو آهي. پر اُها ساراق جو قصو اهڙيءَ ريت نٿي ٻڌائي جو پاڻ ساراق جي واردات سان سلهاڙيل رهي. ماسمو انهيءَ واقعي سان پوريءَ طرح ڳانڍاپي ۾ محسوس نٿي ٿئي. انهيءَ باب مان اهو تاثر ٿو ملي ته ساراق متڪلم ڪردار ماسمو کان الڳ پنهنجي عمل ۾ مصروف آهي.

ساڳيءَ ريت، ناول جي پڇاڙڪي باب ۾ ”آئسوليشن سٽيءَ“ جو ماحول ڏيکاريو ويو آهي، جتي ٽيهن ورهين کان مٿي عورتن جو برين واش ڪيو ويندو آهي. کين ڪياڙيءَ ۾ هڪ چِپ لڳائي تابع ڪيو ويندو آهي. هن باب جي منظرڪشي سانئسي انداز جي آهي. باب جي شروعات ۾ ئي متڪلم ڪردار غائب آهي اُهو باب جهڙوڪ ضمير غائب جي راويءَ واري صيغي سان شروع ٿيل محسوس ٿئي ٿو. ماسمو جو ڪردارُ باب جي پڇاڙيءَ ۾ ”مان“ جي لفظ سان ظاهر ٿئي ٿو. جڏهن ته ٿيڻ ايئن گهرجي ها ته باب جي شروعات ۾ ئي ماسمو جي ڪردار کي ٻڌائڻ گهرجي ها ته هوءَ هاڻي آئسوليشن سٽيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائڻ پئي وڃي. تنهن کان سواءِ آئسوليشن سٽيءَ جي گاڏي جيبيءَ کي ويران جهنگ ۾ اڇلي ٿي. اتي باب جو حصو ختم ٿيڻ گهرجي ها ۽ پوءِ اتي ماسمو ۽ ماجيءَ جا ڪردار به پهچي وڃن ٿا، جن جو جواز هئڻ گهرجي ها ۽ اُهو الڳ سَري سان هئڻ گهرجي ها، پر اُهي ٻئي ڪردار اتي اوچتو ئي ظاهر ٿين ٿا ۽ جيبيءَ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اهڙيءَ ريت، ناول جي پڄاڻيءَ ۾ ٿوريءَ عجلت کان ڪم ورتو ويو آهي. اِها ساڳي پڄاڻي تيڪنيڪي انداز ۾ پنهنجي پوري جواز سان آڻي سگهڻ جي گنجائش موجود هئي.

ڊرامي نگاريءَ جو عنصر

ناول ۾ سڀ کان وڌيڪ کُکندڙ خال ڊرامي نگاريءَ جو عنصر آهي. چٽو هجي ته ناول جي ٽيڪنڪ الڳ آهي ۽ ڊرامي جي الڳ. مثال طور ”درياهي صوبي“ جي ”يوٿوپيا“ جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ وارين حالتن ۾ موجود اهم ڪردار ڇَٽي اول ۽ ح م سناسي آهن. هڪ هنڌ ڇٽي اول ڪنهن سياسي مامري تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ ح م وٽ اچي ٿو. پوءِ واپس وڃي ٿو ته ناول نگار پنهنجي ڪردار بدران ح م جي ڪردار کي پاڻ سان گڏ کڻي ٿو. جڏهن ته ٽيڪنڪ جي گهرج هيءَ هئي ته هو ڇٽي ثانيءَ جي ڪردار جي واپسيءَ مهل ڪيفيتون بيان ڪري ها. تنهن کان پوءِ نئين پيرا وسيلي الڳ سِري سان ح م جي عمل يا ردعمل کي ڏيکاري ها. اهڙيءَ ريت، ناول نگار هڪ ڪردار جي حالت کي اڌ ۾ ڇڏي ٻئي ڪردار جي عمل کي ڄاڻائڻ شروع ڪيو آهي. ان تسلسل ۾ هيءَ ڳالهه ڪرڻي آهي ته ڊرامي جي عنصر واريون گهڻيون گنجائشون سکرش شهر جي مذهبي هنگامن واري باب ۾ آهن، جنهن ۾ ڪردار هڪ ئي وقت رلمل ڪيا ويا آهن. هڪ ڪردار جي حالت ۾ ٻئي ڪردار جي حالت اچي وڃي ٿي، توڻي جو اهو ئي باب ناول ۾ هڪ زبردست گهماگهميءَ وارو آهي ۽ پڙهندڙ کي وڏيءَ حد تائين پاڻ سان سلهاڙي اوسي پاسي کان بيخبر ڪري ٿو ڇڏي.

ڪردارنگاريءَ ۾ گنجائش

مٿي اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ”يوٿوپيا“ ناول ۾ انيڪ ڪردار کنيا ويا آهن، تن سان سڀني سان نڀايو به ويو آهي. رڳو هڪڙو ئي اهڙو ڪردار آهي، جنهن سان ناول نگار تڪڙ ڪئي آهي. اهو ڪردار ساراق جو آهي، جيڪا ڇٽي ثانيءَ جي ڌيءَ آهي، جيڪا يوٿوپيا جي ڪمانڊر ڪاڻي کوجيءَ خلاف بغاوت جو اعلان ڪري ٿي. ناول نگار هن باغي ڪردار کي يوٿوپيا جي صوبي جابلوستان ۾ گهڻي معمولي سرگرمي ڏيکاري مارايو آهي. ساراق جي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڊرامائي عنصر موجود آهي. ناول نگار لاءِ ساراق جو ڪردار هڪ اهم ۽ ناول کي اڇل ڏيندڙ صورتحال پيدا ڪري پئي سگهيو، جنهن سان ناول ۾ بحران جي شدت وڌي پئي سگهي. جهاز يا ڄاڻايل کوجين جي اغوا وسيلي ساراق جو ڪردار يوٿوپيا جي بربريت اڳيان هڪ للڪار بڻائي سگهجي ها. ناول نگار تاريخ جو جيڪو حصو ناول جي پلاٽ ۾ آندو آهي، تنهن جي حساب سان اهڙي بغاوت ۽/ يا گوريلا جدوجهد جي گنجائش موجود هئي. يوٿوپيا ناول جا ڪردار هيڻا آهن، جڏهن ته کوجي ۽ سرڪل جا ڪردار سگهارا آهن، جيڪي مختلف ڪردارن کي پنهنجيءَ مرضيءَ کان مارين به ٿا ۽ تن مان ڪم به وٺن ٿا. ناول نگار جي هيڻن ڪردارن منجهان ساراق جو باغي ڪردار ناول ۾ هڪ الڳ ذائقو پيدا ڪري ٿي سگهيو، جيڪو کوجين ۽ سرڪل جي پريشانين ۾ واڌ آڻي ها. ناول ۾ کوجي ۽ سرڪل گهڻي سهنجائيءَ سان پنهنجا مقصد پورا ڪري رهيا آهن. شايد ناول نگار جو انهيءَ پاسي ڌيان نه هجي ته هڪ وڏي بحران هوندي، سندس ڪردار هارائيندڙ ئي آهن، تنهنڪري هڪ ڪردار اهڙو به تخليق ڪجي، جيڪو کوجين ۽ سرڪل جون ننڊون ڦٽائي. جيبيءَ جو ڪردار پڇاڙيءَ ۾ اهڙي ارادي جو اظهار ڪري ٿو، پر اهو عملي طرح يوٿوپيا جي سگهه کي للڪاريندي نه ڏيکاريو ويو آهي.

هن ناول ۾ ناول نگار ڪليم ٻٽ جي ٻولي بهتر آهي، پر اڃا بهتريءَ جي گنجائش محسوس ٿئي ٿي. تنهن کان سواءِ ڪتاب ۾ پروفن ۽ صورتخليءَ جون چڪون آهن، جيڪي پڙهندڙ جو ڌيان ناول تان هٽائي، ٻوليءَ جي مام کي سلجهائڻ ۾ لڳائي ٿيون ڇڏين.

مجموعي طرح، سنڌي ناول جي نئين اڀار جي زماني ۾ ”يوٿوپيا“ هڪ اهم ناول آهي، جيڪو نه رڳو ناول جي گهرجن تي پورو لهي ٿو، پر اُهو جديديت پڄاڻا جي عنصرن توڻي همعصر ناول ۾ معيار جي کوٽ واري اُلڪي کي گهٽائي ٿو. پاڻ ناول نگار جي ناولن منجهان به هيءُ ناول گهڻو اُسريل آهي. هو پهريون ڀيرو پنهنجي روايتي جذباتي نظرياتي لڳاءَ کان ٻاهر آيو آهي ۽ هن ناول تي داخليت تي ڇانئجڻ نه ڏني آهي ۽ معروضيت کي هن ترجيح ڏني آهي. تنهنڪري، سندس انهيءَ بيانيي جي ڪايا ــ مٽ هڪ خاص نظرياتي ڌارا سان لاڳاپيل ماڻهن کي شايد نه آئڙي ۽ شايد مٿانئس ڇوهه به ڇنڊيا وڃن. ڪليم ٻٽ پهريون ڀيرو پاڻ کي پنهنجي زماني جي مقامي سطح تي موجود انهن مهابيانين کان الڳ ڪيو آهي، جن سان مقامي آبادي جذباتي لڳاءُ رکي ٿي. هن ناول ۾ هڪ مهابيانين بدران هڪ ناول نگار جي ذميواريءَ کي نڀائڻ ۽ تنهن سان انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.


(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس ۾ ٻن قسطن ۾ ڇپيل)



ناول يوٿوپيا تي هڪ نظر

نصرت سڪندر چانڊيو

سنڌي ادب ۾ واڌاري ۽ سڌاري لاءِ ڪيترن سالن کان ڪم ٿي رهيو آهي. اهو ڪم معياري يا غير معياري هجڻ جي تصديق تڏهن ٿي سگهندي جڏهن ليکڪن، ايڊيٽرن ۽ نقادن سان گڏ پڙهندڙن جي گهري نظرن مان گذري، ان تي پنهنجي سمجهه آهر را ڏني ويندي. پڙهندڙ ڪا به تحرير پڙهي، پنهنجي صلاحيتن جي سگھ سارو تخليق جو معيار واضح ڪري سگهي ٿو. ان ڪري مان به مارڪيٽ ۾ آيل ڪجهه نون ناولن مان هڪ يوٿوپيا تي پنهنجي راءِ ڏئي رهي آهيان.

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ناول نگار ڪليم ٻٽ جو سمبارا پبليڪيشن پاران ڇپيل، ۲۲۴ صفحن تي مشتمل جديديت پڄاڻان ٽيڪنڪ تي لکيل ناول يوٿوپيا پڙهي اهو احساس ٿئي ٿو ته تخليقي ادب ۾ وڏي طاقت اهي ۽ تخليقي ادب ئي اهو واحد ذريعو آهي جنهن جي مدد سان اسان ڏکي کان ڏکي ڳالهه به سولائي سان ڪري سگهون ٿا.

ليکڪ هن ناول ۾ ”يوٿوپيا“ نالي هڪ خيالي رياست ڏيکاري آهي. هي ناول ٽيڪنيڪ، ڪردارن ۽ ڪهاڻي جي حوالي سان هڪ منفرد ناول آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت هڪڙي رياست جو ماضي ۽ حال ڏيکاريل آهي ته ساڳئي ئي وقت ان ڳالهه ڏانهن به اشارو ڪيل آهي ته ايندڙ وقت ۾ رياستون ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري ڪهڙي نموني سندن شهرين کي غلام بڻائينديون..... جيئن ناول جو مک ڪردار هڪ هنڌ چئي ٿو ته:

”انسان جي آزادي هڪ خوبصورت ڏند ڪٿا جيان آهي. پاڻ کي آزاد سمجهندڙ انسان بلڪل ان يوناني نوجوان جيان آهي، جنهن جو نالو نرگسيت واري فلسفي جي بڻياد بڻيو...“ 

هن خيالي رياست ۾ دريائي صوبي نالي هڪ صوبو ڏيکاريو ويو آهي ۽ جيبي نالي مک ڪردار جو تعلق ان صوبي جي هڪ اهم سياسي خاندان سان آهي. ناول جيبي جي ڪهاڻي سان شروع ٿئي ٿو، جيڪو ان خيالي رياست ۾ لاڳو ٿيندڙ هڪ ڪاري قانون خلاف احتجاج جو اعلان ڪري ٿو. ناول جي سڀ کان دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيبي جسماني طور اڌ عورت ۽ اڌ مرد آهي، جڏهن ته ناول جو هڪ ٻيو ڪردار ماسمو به اڌ عورتاڻي ۽ اڌ مرداڻي جسم وارو ڪردار آهي.

ناول ۾ ڏيکاريل خيالي رياست جو حڪمران اڌڙوٽ عمر جي عورتن لاءِ قانون لاڳو ڪري هڪ  اهڙي شهر ۾ رهڻ جو چئي ٿو، جتي کين ڪي به انساني حق  نه هوندا يا وري اهي عورتون پنهنجو انت آڻي ڇڏين. انهن عورتن کي آئسوليشن سٽي ۾ رهڻ جو چيو وڃي ٿو .جڏهن اهڙي قانون جي خبر جيبي کي پئي ٿي ته سندس روح تڙپي اٿي ٿو ۽ احتجاج جو سڏ ڏئي ٿو ۽ ان حوالي سان هڪ هنڌ جيبي چئي ٿو:

”ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندي آهيان انسان جي هن وقت جي تاريخ تائين جيڪي به قانون ٺاهيا ويا آهن، پوءِ ڀلي اهي ديني هجن يا لاديني، سڀ جا سڀ انسان کي غلام رکڻ لا ٺاهيا ويا آهن....“

يوٿوپيا ۾ ڏيکاريل خيالي رياست وانگر اسان جي آسپاس به ڪيتريون ئي اهڙيون رياستون موجود آهن، جيڪي ڏاڍ ۽ جبر وسيلي انسانن کي غلام بڻائي ويٺيون آهن. هن ناول جي هڪ ٻئي خوبي ناول اندر ڏنل آکاڻيون آهن، جيڪي ڏاڍو متاثر ڪن ٿيون. پڙهندڙ کي اهو احساس به ٿئي ٿو ته اهو ڪهاڻين جي هڪ پوري جهان ۾ اچي ويو آهي، هر آکاڻي پنهنجي پاڻ ۾ سوچ سمجهه جا نوان در پڻ کولي ٿي. ناول نگار جو اهو ئي فن ڏاڍو متاثر ڪندڙ آهي ته هو ڳالهه مان ڳالهه ڪڍي ٿو ۽ مختلف ڳالهئين ۽ واقعن کي خوبصورتي سان هڪ ٻئي سان ڳنڍي ٿو. پڙهندڙ هڪ ئي وقت ناول ۾ موجود خيالي توڙي حقيقي دنيا کي چڱي نموني محسوس ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته اهو پڻ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته هي ناول سنڌي ڊسٽوفيائي ناول جو پهريون تجربو آهي.

اها ناول جي خوبي ئي چئبي ته انڊاريڪٽلي دنيا ۾ ٿيندڙ ڏاڍ، صنفي ۽ جنسي فرق ۽ نا انصافين جي خلاف آواز اٿاري  ٿو ۽ پڙهندڙن جا ذھن جهنجهوڙي ٿو. هڪ ئي وقت ليکڪ ، مرد ۽ عورت جي ڪردار کي کڻي ٿو ۽ حقيقي ۽ تصوراتي دنيا ۾ پڙهندڙن کي گهمائي ٿو. ڪجهه لکڻيون اسان چاهيندي به پڙهي پوريون نه ڪري سگهندا آهيون جڏهن ته يوٿوپيا پڙهڻ وقت پڙهندڙ پاڻ کي اتي موجود ڏسي ٿو.  ها پر ناول ۾ ڪيترن ئي جاين تي پروفن جون غلطيون نظر اچن ٿيون جن کي درست ڪيو وڃي ها. باقي ڪهاڻي ايتري ته رواني سان ٻڌايل آهي جو پڙهندڙ ناول پڙهندو وڃي ٿو ۽ ڪهاڻي پوري ڪرڻ تائين ناول مان هٿ ڪڍڻ تي دل نٿي چئي. منهنجو خيال آهي ته منفرد ٽيڪنڪ تي لکيل ناول يوٿوپيا کي پڙهي سمجهڻ جي ضرورت آهي.



ناول ’يوٿوپيا جو جائزو

علي اڪبر نهڙي

پوسٽ ماڊرن ادب ۾ ڊسٽوپيائي فڪشن پنهنجي الڳ معني رکي ٿو، جنهن کي پوسٽ ماڊرن ڊسٽوپيا به چئبو آهي. ۽ ڊسٽوپيائي فڪشن ۾ ڊسٽوپيائي ناولن جو پنهنجو مقام آهي. اهي ناول دنيا ۾ اڳ به لکيا ويا پر جديديت پڄاڻان انهن جي موضوعن ۾ نواڻ ۽ تبديلي آئي. ڊسٽوپيائي فڪشن انسان جي زندگي جي هڪ اهڙي پهلو جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن ۾ انساني زندگي رياستي جبر ۽ ٽيڪنالاجي جي چنبي هيٺ بيوس بڻيل نظر ايندي آهي. ڊسٽوپيائي ناولن لاءِ اڪثر ائين چيو ويو ويندو آهي ته اهي مستقبل جي  اڳڪٿي ڪن ٿا، انهي بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي پر انهن ناولن جو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ حال سان ضرور تعلق هوندو آهي. جيئن جارج آرويل سندس جڳ مشهور  ڊسٽوپيائي ناول ۱۹۸۴ع بابت ڳالهائيندي هڪ جڳھ چيو ته ۱۹۸۴ع جي دنيا لازمي طور تي ممڪن ڪونهي ۽ سندس ناول تنقيد ۽ انتباھ آهي نه ئي اڳڪٿي. 

منهنجي نظر ۾ حقيقي معني ۾ ڏٺو وڃي ته اسين هڪ ڊسٽوپيائي سماج ۾ رهون پيا جتي  ڏاڍ، ظلم، ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي خوفناڪ روش اسان کي اسانجي فطري آزاديءَ کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. ته انهي ماحول  ۾ اهڙي ادب جي سرجڻ جي ضرورت آهي جيڪو اسان جي زندگي جي انهي ڀوائتي تصوير کي چِٽي سگهي. ۽ سنڌي ادب ۾ انهي ضرورت کي  ڪليم ٻٽ پنهنجي ناول ”يوٿوپيا“ سان پورو ڪيو آهي.

ڪليم ٻٽ سنڌي ادب جو سٺو ڪهاڻيڪار هجڻ سان گڏوگڏ سٺو ناول نگار پڻ آهي، انهي کان اڳ سندس ٻيا ڪجهه ناوليٽ به منهنجي مطالعي هيٺ رهيا آهن پر اهو ناول انهن سڀني کان  شاندار آهي. ناول جي ڪهاڻي طويل آهي ۽ ڪردار به گهڻا آهن ته انهي ڪري آئون ناول جي صرف ڪجهه شين تي نظر وجهندس.

ناول يوٿوپيا ڪهاڻي بيان ڪري ٿو 'يوٿوپيا' نالي هڪ اهڙي رياست جي جتي جا حڪمران اقتدار جي هوس خاطر مذهب جو غلط استعمال ڪري عوام جو استحصال ڪندا  رهن ٿا ۽ انهي سان گڏوگڏ اتي جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان انهن جي زندگين مٿان قابض ٿيڻ چاهيندا آهن. جيبي ۽ ماسمو هن ناول جا مرڪزي ڪردار آهن جن جو تعلق ٽين جنس سان هوندو آهي، يعني انهن جي جسم جو اڌ حصو عورتاڻو ۽ اڌ مرداڻو هوندو آهي. انهن جو تعلق يوٿوپيا جي هڪ وڏي سياسي خاندان سان هوندو آهي، اقتدار جي ويڙھ ۾ انهن جو خاندان قتل ٿي ويندو آهي ۽ اهي يوٿوپيا ڇڏي لندسيا ۾ پناھ وٺنديون آهن. ناول ۾ سندس خاندان جي ٻن شخصيتن ڇٽي اول ۽ ڇٽي ثاني جي زندگي ۽ سياست کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. ناول ۾ جيبي جو ڪردار انتهائي متحرڪ آهي جيڪو يوٿوپيا وڃي اتي عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪرڻ چاهيندي آهي. ڇو ته اتي جا حڪمران آئسوليشن سٽي جو قيام ڪندا آهن جتي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي کنڀي آنڌو ويندو آهي، جتي انهن جو مقصد انهن جي جسم ۾ هڪ  چِپ لڳائڻ هوندو آهي جنهن سان اهي انهن جي ذهنن کي قابو ۾ آڻيندا آهن جيئن انهن کي مذهبي انتهاپسندن جي حوالي ڪري سگهجي. ماسمو جيبي کي يوٿوپيا  وڃڻ لاءِ روڪيندي آهي ڇو ته هو اتي جي غضبناڪ حالاتن کان واقف هوندي آهي پر ناول جي پڄاڻي  آخر جيبي کي به اتي کنڀي آنڌو ويندو آهي پر سندس جنس جي مونجهاري سبب چِپ نه لڳڻ ڪري هو جلد اتان نڪري اچي ماسمو کي ملندي آهي.

 ڪليم ٻٽ جو اهو ناول پنهنجي  ڪهاڻي سان گڏوگڏ پسمنظر به منفرد رکي ٿو. اهو هڪ ڊسٽوپيائي ناول آهي ۽ انهي جي مختلف ڳالهه اها آهي ته انهي ۾ مذهبي انتهاپسندي جي عنصر کي سٺي نموني اظهاريو ويو آهي. جيئن ناول ۾ ابيس، ارساد ۽ شالني جهڙا انتهاپسند ڪردار انهي کي هٿي ڏئي ماڻهن ۾ وڌيڪ دهشت ۽ جنونيت پيدا ڪري انهن جي ذهنيت مٿان حاوي ٿي ويندا آهن.

جيبي ۽ ماسمو سان گڏوگڏ مون کي ناول جا ٻيا ڪردار به متاثر ڪن لڳا جن ۾ راضي، ساراق ۽ بنديا. ساراق ڇٽي خاندان جي  مزاحمتي عورت هوندي آهي جيڪو آخري دم تائين انهن انتهاپسندن سان ويڙھ ڪندي آهي ۽ آخر ۾ دشمن جي هٿان مرڻ بجاءِ هوءَ پنهنجي هڪ انقلابي ساٿياڻي هٿان مرڻ پسند ڪندي آهي. ٻيو ڪردار راضي جيڪو ليکڪ هوندو آهي جنهن کي چِپ لڳائڻ لاءِ کنڀيو ويندو آهي ۽ اتي جي تشدد ۾ دم ٽوڙي ڇڏيندو آهي. راضي جا جيبي سان سٺا لاڳاپا هوندا آهن، سندس وڇوڙي جي خبر هن لاءِ وڏي دردناڪ ثابت ٿيندي آهي. اهو واقعو پڙهندڙ کي به ڏکارو ڪري ٿو پر اتي ناول نگار عام رواجي ناول نگارن جيان روئڻ پٽڻ يا ماتم ڪرڻ بجاءِ سنجيدگي سان ڪهاڻي کي اڳتي وڌائيندو رهي ٿو. بنديا جو ڪردار اهم آهي. بنديا ۽ بهادر ڇوڪريءَ هوندي آهي جيڪو يوٿوپيا جي گنجيڙي نالي وحشي حڪمران جي انهي سازش کي ظاهر ڪندي آهي، جنهن جي نتيجي کيس وڏو ڀوڳڻو پوندو آهي، سندس اهو ڀوڳنا به ناول جو ڏکوئيندڙ پاسو آهي.

 ٻيو هن ناول ۾ ناول نگار ڪهاڻي بيان ڪرڻ جي فن تي به سٺي مهارت رکي ٿو.

ناول جي مرڪزي ڪردارن جي جنس وارو پاسو ناول کي مختلف پر سٺو رنگ ڏئي ٿو. ۽ منهنجي نظر ۾ انهن ڪردارن تي گهڻو منجهڻ اجايو آهي ڇو فڪشن ۾ اهو ممڪن آهي۔ ۽ ڊسٽوپيائي ادب ۾ ڪردارن بابت جيڪا ڳالهه معني رکي ٿي اها سندن متحرڪ هجڻ آهي. اهي ڪردار هميشه انهي دهشتناڪ ماحول مان پاڻ کي توڙي ٻين کي ڇٽڪارو ڏيارڻ ڪرڻ لاءِ وڙهندا رهندا آهن، جيئن ناول ۾ جيبي، ساراق، راضي، بنديا ۽  ڪجهه ٻيا ڪردار آهن.

هن ناول جا ڪجهه ڪمزور پاسا به آهن جيئن ناول ۾ ڇٽي اول ۽ ڇاٽي ثاني جي زندگيءَ بيان کي ايڏو ته ڊگهو ڪيو آهي جو ناول جو اڌ کان وڌيڪ حصو ته ماضي ۾ گذري ٿو وڃي. ٻي شيءِ جيڪا ناول جي ڊسٽوپيائي پاسي کي ڪمزور ڪري ٿي سا اها ته جيبي جي پنهنجي مخالفت باوجود ناول ۾ ڇٽي ثاني کي مشهور ۽ دلعزيز اڳواڻ طور ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته ڊيسٽوپين فڪشن ۾ هر حڪمران جو ڪردار سخت ظالم هوندو آهي، جنهن کان ماڻهون شديد نفرت ڪندا آهن. ڊسٽوپيائي معاشري ۾ حڪمرانن طرفان ماڻهن لاءِ ڪا به چوائس ناهي هوندي، اتي صرف تشدد جو زور هوندو آهي. ٻيو ناول ۾ اسٽيله، جمل خان، ۽ ڪاڪي جمالو جو تعارف به ناول ۾ وڏو ملي ٿو جڏهن ته اهي ناول جا ڪي وڏا ڪردار ناهن.

ٻيو منهنجي نظر ۾ هن ناول جي شروعات ۾ ناول نگار کي پنهنجي ناول جو تعارف ڏيڻ ضروري هو، جيئن ته اهو ڪو سنڌي ڪئمپس ناول آهي ڪون جنهن جي پهرين صفحي کي پڙهندي ئي پڙهندڙ سمجهي وڃي ته اڳتي وڇوڙو ٿيندو.

بلڪ اهو ناول پنهنجو هڪ الڳ پسمنظر رکي ٿو، جنهن کي سمجهڻ سواءِ ناول پڙهندڙن کي منجهائيندڙ لڳندو.

باقي ناول جي بهترين ڳاله اها آهي ته انهي ۾ ٽين جنس جو ڀرپور دفاع ڪيو ويو آهي، ۽ انهي ۾ عورت جي ڪردار کي وڌيڪ مظلوم ڏيکايو ڪيو ويو آهي.

هن ناول جو سڀ کان وڻندڙ ڳالھ اهو آهي ته ناول ۾ افسانوي دنيا کي حقيقت جي دنيا کان وڌيڪ خوبصورت ڪري پيش ڪيو ويو آهي. واقعي حقيقت جي دنيا ظلم، درد، انڌير ۽ لهو سان لبريز آهي، ته انهي ڀيانڪ دنيا کان کان کن پل لاءِ نجات صرف افسانوي دنيا  ڏياري سگهي ٿي. افسانوي دنيا ۾ اسين هر خواهش جي تڪميل ۽ هر خواب جي ساڀيان ماڻي سگهون ٿا. افسانوي دنيا ۾ اسين انهن ٻانهن جي پناھ ۾ پنهنجو سر ٽيڪي سگهون ٿا جڏهن ته انهن ٻانهن کي اسان کان وڇڙي ڪو عرصو گذري چڪو هوندو آهي.

افسانوي  دنيا ۾ اسين انهن محبوب ماڻهن سان ملاقات ڪري سگهون ٿا، جيڪي اسان جي زندگي کان گهڻا ڏور هليا ويا هوندا آهن بلڪِ جيڪي هن دنيا کان به ڏور پهچي چڪا هوندا آهن. افسانوي دنيا ۾ اسين انهن من موهيندڙ واقعن کي به سوچيندا آهيون جيڪي اسان جي زندگي ۾ ڪڏهن ٿيا ئي ناهن هوندا، ۽ نه ئي ڪڏهن شايد ٿيڻا هوندا آهن. هن حقيقت جي هولناڪ دنيا کان عارضي سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ انسان وٽ افسانوي دنيا سواءِ ٻيو سهارو ئي ڪهڙو آهي!

ناول جي پڄاڻي پڙهندڙ جي خواهش جي ابتڙ آهي پر پوءِ به بهترين آهي.

اسان جي ادب ۾ اهڙن جديد موضوعن سان لاڳاپيل ناولن جي لکجڻ جي وڏي ضرورت آهي...

يوٿوپيا سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين اضافو آهي جنهن لاءِ ڪليم ٻٽ کيرون لهڻي.

 

No comments:

Post a Comment