Thursday, May 13, 2021

ڪجهه انٽرايڪٽيوَ ناول ۽ ڪهاڻيون - ڪليم ٻٽ

ڪجهه انٽرايڪٽيوَ ناول ۽ ڪهاڻيون

ڪليم ٻٽ



ڪجهه ڏينهن اڳ نيٽ فلڪس تي ”بليڪ مرر“ نالي هڪ فلم ڏسڻ جو موقعو مليو. فلم حيرانيءَ جي هڪ الڳ دنيا ڏانهن ڇڪي وئي. هي فلم ۱۹۸۹ع دوران وڊيو گيمون ٺاهيندڙ نوجوانن بابت آهي، جيڪو هڪ مشهور ناول تان هڪ اهڙي وڊيو گيم ٺاهڻ گهري ٿو، جنهن سان کيڏندڙ گيم جو ماحول، ولن، ترتيب وغيره سڀ پاڻ چونڊي. هن فلم جو ڪمال اهو آهي ته فلم به انٽرايڪٽيوَ آهي. مطلب هلندي هلندي فلم ڪجهه پلن لاءِ بيهي ٿي رهي ۽ هيٺان پٽي اچي وڃي ٿي ته اوهان ڪهڙي سچئشن (صورتحال) ڏسڻ پسند ڪندا ۽ اوهان جي ٽيبليٽ يا موبائيل اسڪرين تي ٻه آپشن اچيو وڃن. اوهان انهن مان ڪنهن هڪ کي ٽچ ڪندا ته فلم ۾ ان حساب سان اڳيان وڌندا. ان قسم جو هڪ تجربو باليووڊ وارن به ۲۰۱۳ع ۾ ”مونسون شوٽ آئوٽ“ نالي فلم ٺاهي ڪيو، جنهن جو مک ڪردار نوازالدين صديقي نڀايو هو. ان فلم ۾ ساڳين ڪردارن جون ٻه الڳ الڳ ڪهاڻيون ڏنل آهن. فلم هڪ نوجوان پوليس آفيسر جي ڊيوٽي جي پهرين ڏينهن کان شروع ٿئي ٿي، جنهن کي هڪ خطرناڪ ڏوهاري کي پڪڙڻ لا موڪليو وڃي ٿو. اها هڪ برسات واري شام آهي. هو ممبئيءَ جي رستن تي ڏوهاريءَ پٺيان ڀڄندي، گولي هلائي ٿو ۽ بلڪل اتي فلم ڪجهه گهڙين لاءِ بيهي رهي ٿي ۽ ڏسندڙ کان سوال ڪيو وڃي ٿو: ”ڇا اوهان ڏوهاريءَ جي مرڻ ۽ ان کانپو واري ڪهاڻي ڏسندا يا ڏوهاري بچي ويو پوءِ ڇا ٿيو، اها ڪهاڻي ڏسندا؟“


اهي ٻئي فلمون ڏسندي مون کي ٻه ٽي ٻاراڻا ناول ياد اچي ويا، جيڪي مون گهڻو اڳ پڙهيا هئا. پر فلم ”بليڪ مرر“ ڏسڻ کانپو، پنهنجي لائبريري مان اهي ٻئي ناول ڪڍي انهن کي وري پڙهيم، جيڪي انهيءَ انداز يا ٽيڪنيڪ تي لکيل آهن. آن لائين ڊڪشنري موجب ”انٽرڪٽيوَ ناول“ ناول جو اهڙو قسم آهي، جنهن ۾ پڙهندڙ کي ڪهاڻيءَ جي ايندڙ موڙ يا منظر يا واقعي کي پاڻ چونڊي پڙهڻ جي ڇوٽ مليل هوندي آهي. پڙهندي پڙهندي پني هيٺان لکيل هوندو آهي؛ ”جيڪڏهن اوهان کي لڳي ٿو ته هيرو کي ڌڪ لڳو ته فلاڻي صفحي کان پڙهو ۽ جيڪڏهن لڳي ٿو ته هيرو ڌڪ گسائي ويو ته فلاڻي صفحي کان پڙهو.“

انهن قسم جي ناولن جو فائدو اهو هوندو آهي ته اهي پڙهندڙ جي تخيلاتي سگهه کي وڌائيندا آهن. پڙهندڙ جي فيصلي ڪرڻ جي قوت جي به چڪاس ٿيندي آهي ته ڪهڙي مهل پڙهندڙ ڪهڙو فيصلو پيو ڪري ۽ سندس ان فيصلي جو ڪهاڻيءَ تي ڪهڙو اثر پيو.

ان حوالي سان انٽرنيٽ تي موجود ڄاڻ موجب ڪيترا ئي اهڙا آن لائين ناول رکيل آهن جن ۾ پڙهندڙ کي ڪيترا ئي هائپر لنڪس ۽ هدايتون ڏنل هونديون آهن ته هو سندس مرضيءَ سان ڪهاڻيءَ کي پڙهندو هلي. ان حوالي سان ”هيري پوٽر سيريز“ جي ليکڪه جي ڪي رولنگ جو آن لائين ناول ”پوٽرمور“ آهي. جنهن ۾ پڙهندڙ کان اهو پڇيو ويندو آهي ته هو هيري کي ڪيئن ڏسڻ گهري ٿو. اهڙيءَ ريت هتي ڪجهه ڪهاڻين ۽ ناولن جو ذڪر ڪبو، جيڪي ان انداز ۾ لکيل آهن.

ڪهاڻيون:

۱- ون مينس ميٽ:

هي جڳ مشهور ليکڪ جيفري آرچر جي ڪهاڻي آهي. آرچر ۱۹۴۰ع ۾ برطانيا ۾ ڄائو. سندس هڪ سڃاڻپ سياستدان جي به آهي ۽ برطانوي پارليمان جو حصو به رهيو. آرچر هن وقت تائين ڪيترا ئي سنسني خيز ناول لکيا آهن ۽ انهن ناولن جون لکين ڪاپيون سموري دنيا ۾ وڪرو ٿيون آهن. سندس ڪهاڻي ون مينس ميٽ هن جي ڪهاڻين جي مشهور ڪتاب ”۱۲ ريڊ هيرنگس“ جي آخري ڪهاڻي آهي. هي ڪتاب ۱۹۹۴ع ۾ هاپرڪولنس ڇپرايو ۽ ان ۾ ٻارنهن ڪهاڻيون ڏنل آهن. ڪهاڻي هڪ ٿيٽر جي ڊرامي کان شروع ٿئي ٿي، جتي مائيڪل وٽاڪر نالي مک ڪردار اينا ٽائونسنيڊ سان ملي ٿو. ڊرامي جي پڄاڻي تي مائيڪل اينا کي پاڻ سان وقت گذارڻ جي آڇ ڪري ٿو ۽ اينا قبولي وٺي ٿي ۽ هن سان گڏ وڃي ٿي. هتي ليکڪ ڪهاڻي کي روڪي پڙهندڙ سان مخاطب ٿيندي لکي ٿو:

”هتي پڙهندڙ کي ڪهاڻيءَ جون چار مختلف پڄاڻيون ڏجن ٿيون، هاڻي اها پڙهندڙ جي مرضي آهي ته هو ڪهاڻيءَ جي ڪهڙي پڄاڻي چاهي ٿو، پر جيڪڏهن اوهان چار ئي پڄاڻيون پڙهڻ گهرو ٿا ته انهن کي هن ترتيب ۾ پڙهو، ريئر، برنٽ، اوورڊن ۽ پوائنٽ.“ هن ڪهاڻيءَ ۾ ڏنل چار ئي پڄاڻيون الڳ الڳ منظر پيش ڪنديون، ڇرڪائيندڙ پڄاڻيءَ تي پهچن ٿيون. انهيء قسم جون ڪهاڻيون لکڻ جي ڪري آرچر کي ”ماسٽر اسٽوري ٽيلر“ سڏيو ويو.

۲- دي ليڊي اور دي ٽائيگر:

هيءَ ڪهاڻي فرينڪ آر اسٽاڪٽن ليکڪ جي ڪهاڻي آهي، جيڪا دي سنچري نالي رسالي ۾ ۱۸۸۲ع ۾ ڇپي. فرينڪ هڪ آمريڪي ليکڪ هو، جنهن جو جنم ۱۸۳۴ع ۾ ٿيو. هن جي هڪ سڃاڻپ مزاح نگار واري هئي، پر اڻويهين صديءَ ۾ ٻارن لاءِ گڏ ڪيل سندس لوڪ ڪهاڻين کي، آمريڪا سميت سموري دنيا، تمام گهڻي موٽ ملي. سندس هيءَ ڪهاڻي هڪ اهڙي همراهه جي ڪهاڻي آهي، جيڪو بادشاهه جي ڌيءَ سان عشق ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جهلجي پئي ٿو ۽ ان دور جي قانون موجب هاڻي هن کي هڪ ويڙهه جي ميدان ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. هن جي سامهون ٻه دروازا آهن. هڪڙي در جي پٺيان آدمخور چيتو آهي. ٻئي جي پٺيان، هڪ خوبصورت ڇوڪري بيٺل آهي. هاڻي ان همراهه کي دروازي جي چونڊ پاڻ ڪرڻي آهي. هو پريشانيءَ مان مٿي ويٺل سندس محبوبه کي ڏسي ٿو. سندس محبوبه هڪ در ڏانهن اشارو ڪري ٿي. ليکڪ اتي ڪهاڻيءَ کي پورو ڪري ٿو ۽ نوٽ ۾ لکي ٿو ته هاڻي اهو پڙهندڙ تي ڇڏيل آهي ته هو ڪهاڻي جو ڪهڙو نتيجو ڪڍي ٿو، ڇا سندس محبوبه ان در ڏانهن اشارو ڪيو، جنهن جي پيٺان هڪ سهڻي ڇوڪري بيٺي آهي، يا ان در ڏانهن جنهن جي پٺيان هڪ آدمخور چيتو بيٺو آهي.

ناول:   

اها ۲۰۰۳ع جي ڳالهه آهي جو مون باقاعده ادب پڙهڻ شروع ڪيو. بابا جي لائبريري مان جيڪو پهريون ڪتاب هٿ لڳو سو هو سر رچرڊ برٽن جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيل ”ٿائوزنڊ اينڊ ون نائيٽس“ جيڪو اسان وٽ الف ليلى جي نالي سان مشهور آهي. ان ڪتاب جي سحر مان ته اڄ تائين نڪري نه سگهيو آهيان ۽ انهيءَ ڪتاب جي ڪري ڪهاڻيون، قصا ۽ ناول پڙهڻ جو شوق جاڳيو. ان کانپوءِ ناول جي هڪ سيريز ”چوز يوئر اون ايڊونچر“ پڙهڻ جو موقعو مليو. جنهن ۾ آر اي مونٽگري جا چار ناول اسپيس اينڊ بيانڊ (۱۹۸۰): اوهان آفريڪا جي ڪنهن ملڪ ۾ آهيو، اتي اوهان جي ڪير به مدد ڪرڻ وارو نه آهي، هتي هڪ ڪار ريسنگ لاءِ اوهان کي پنهنجي پيءُ سان اچڻو هو، جيڪو سندس دور جو مشهور ڪار ريسر هو، پر هو اوهان سان نه اچي سگهيو ۽ هاڻي اوهان کي سڀ ڪجهه پاڻ ئي ڪرڻو آهي. اوهان کي ٻن ريسن بابت ٻڌايو وڃي ٿو. جيڪڏهن اوهان پهرين ريس چونڊڻ گهرو ٿا ته صفحي نمبر ۴ کان پڙهڻ شروع ڪريو ۽ جيڪڏهن ٻي ريس چونڊڻ چاهيو ٿا ته صفحي ۶۴ کان پڙهو ۽ ائين ناول پڙهندڙ جي پنهنجي چونڊ تي اڳيان وڌي ٿو. لاسٽ آن ايمازون (۱۹۸۳): اوهان ايمازون جي جهنگ ۾ ميڊيڪل سائنس جي ڪنهن تجربي لاءِ پهتا پر اوهان جي ساٿين مان ڪير به نٿو ملي، اهي هڪ جادوئي منتر ڪري گم ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي سڀ فيصلا اوهان جي هٿ وس آهن. دي لاسٽ جولز آف نابوتي (۱۹۸۱): آفريڪا جي هڪ قديم قبيلي جا چار قيمتي پٿر چوري ٿي ويا آهن ۽ اوهان پاڻمرادو چور کي پڪڙڻ ۾ مدد جو فيصلو ڪيو آهي، هاڻي اوهان کي اڳڀرائي ڪرڻي آهي. هائوس آف ڊينجر (۱۹۸۲): اوهان پوليس آفيسر آهيو هڪ ڏينهن اوهان آفيس ۾ ويٺا آهيو جو اوهان کي هڪ عجيب فون اچي ٿو ۽ اوهان کان مدد جي گهر ڪئي وئي آهي هاڻي اوهان کي فيصلو ڪرڻ آهي ڇا ڪيئن ڪرڻو آهي، هن ناول جي سيريز نرالي انداز جي ڪري ۸۰ ۽ ۹۰ واري ڏهاڪي جي سڀ وڌيڪ مشهور سيريز ٿي وئي. مونٽگري ۱۹۳۶ع ۾ آمريڪا ۾ ڄائو ۽ هن سيريز جي ڪري ٻاراڻي ادب جي هڪ اهم ليکڪ طور اڀريو. هنن ناولن جو ڪمال اهو آهي ته هن ۾ ليکڪ جو مک ڪردار ئي پڙهندڙ آهي، ڪهاڻي ۾ ڪردار کي ”اوهان“ ڪري مخاطب ڪيو ويو آهي ۽ ڪردار کي ڪنهن مشڪل ۾ ڦاسائي، ليکڪ سوال ڪري ٿو ته هاڻي اوهان ڇا ڪندا؟ جيڪڏهن اوهان ساڄي پاسي وڃڻ گهرو ٿا ته فلاڻي صَفحي کان پڙهو، پر جيڪڏهن کاٻي پاسي وڃڻ جو ارادو اٿئو ته فلاڻي صفحي کان پڙهو. مونٽگري جي لکڻ جي ان انداز جي ڪري انهن ناولن کي ۱۳ کان ۱۹ سالن وارن پڙهندڙن تمام گهڻو ساراهيو ۽ سندس اهڙن سنسني خيز ناولن جي ڪري ادب جا ڪيترائي نوان پڙهندڙ پيدا ٿيا.

منهنجي هڪ راء آهي ته اسان سنڌي ناول نگارن ۽ ڪهاڻيڪارن کي به هن قسم جا تجربا ڪرڻ گهرجن، ان مان وڏي ۾ وڏو فائدو اهو ٿيندو ته اسان گهٽ ۾ گهٽ ادب جا نوان پڙهندڙ پيدا ڪري وٺنداسين، جيڪي اڳيان هلي سنجيدا ادب ۾ دلچسپي وٺندا.

No comments:

Post a Comment