Thursday, May 13, 2021

هن جون ڳالهيون ڪو ٻڌي ٿو

هن جون ڳالهيون ڪو ٻڌي ٿو...

داخليت جي اٿاھ ساگر مان سرجيل افسانو

مظھرالاسلام

ھمير گاد



هو چوي ٿو؛ ”منھنجيون ڳالهيون ڪو ٻڌي ٿو.“

مون هن جي شڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترا ئي ڀيرا هن کان پڇيو تہ؛ ”جڏھن تون ڳالهائيندو آھين تہ ان وقت اُتي ٻيو ڪير هوندو آهي.؟“

هو چوندو آ: ”ڪير بہ نہ صرف مان ۽ ھوءَ.“

تڏھن مان هن کي چوندو آھيان؛ ”اهو تہ تمام سٺو آ جو هوءَ تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي ٿي ۽ تون هن کي پنهنجيون ڳالهيون ٻڌائڻ ٿو چاهين تہ پوءِ ڇو ٿو چوين تہ تنهنجيون ڳالهيون ڪوئي ٻڌي ٿو.“


پر منهنجي ان ڳالھ تي هن کي تسلي نہ ٿي. هو چوڻ لڳو؛ ”ڪو ٻيو به آ! جيڪو اسان جون ڳالهيون ٻڌي ٿو.“

مون هن جي ڳالھ کي ٽارڻ جي لاءِ چيو: ”تنهنجيون ڳالهيون ڀتيون ٻڌنديون هونديون. ڇاڪاڻ تہ ڀتين کي بہ ڪَن هوندا آھن نہ!“

هو سنجيدہ ٿي ويو. چيائين: ”مان مذاق نہ ٿو ڪريان! تون يقين ڪر جڏھن اسين پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا آھيون تہ ڪو ٻيو اسان جي ڳالهين کي ٻڌندو آهي. جڏھن مون هُن کي چيو تہ تون ڏاڍي سُٺي آھين، تڏھن ڪو ٻڌي پيو. وري مون جڏھن هُن کي چيو تہ تون ڏاڍي خوبصورت آھين، تڏھن وري بہ ڪو ٻڌي پيو. مون دروازي تي وڃي آھستي جهاتي پاتي! پر مون کي ڪير بہ نظر نہ آيو. پر اها ڳالھ مان يقين سان ٿو چوان تہ ڪو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي ٿو.“

 مون هن کي چيو:  ”اهو تنهنجو وھم آ! ڀلا ٻين وٽ ايترو وقت ڪٿي آ جو تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن. تنهنجي ڳالهين ۾ آھي ڇا جو ڪو ٻيو انهن کي ٻڌڻ جي لاءِ بي قرار هوندو.“

”ڇو تہ، منهنجيون ڳالهيون سچيون هونديون آھن! جڏھن مان ڳالهائيندو آھيان تہ هُن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو آهي.“

پر ٻين جو ان ۾ ڇا؟ جڏھن تون هن سان ڳالهائيندو آھين تہ ٻيا ماڻھو بہ تہ ان وقت پاڻ ۾ ڪجھ ڳالهائي رهيا هوندا آھن. ٻين کي ايتري فرصت ڪٿي جو تنهنجيون ڳالهيون ٻُڌن سواءِ ھُن جي... ..۽ تنهنجو مقصد بہ اهو ئي آھي تہ هوءَ تنهنجيون ڳالهيون ٻُڌي.“

هن پوءِ بہ ڪو نہ مڃيو ۽ چوڻ لڳو؛ ”هوءَ تہ ٻڌي ٿي.. هوءَ منهنجيون ڳالهيون صبر سان ٻڌندي آھي. منهنجيون ڳالهيون ٻُڌي هن جي چپن تي ڦھليل مسڪراهٽ، وڻ تي ويٺل جهرڪيءَ وانگر ٻيهر اُڏامي ويندي آ. هُن جون اکيون اداس ٿي وينديون آھن. هوءَ منهنجي ڳالهين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي آھي پر جڏھن مان ٿوري دير جي لاءِ خاموش ٿي ويندو آھيان تہ مسڪراهٽ جي رنگين چست جهرڪي، ٻيهر اچي هُن جي چپن تي ويهي رهندي آ...

محبت هُن جي چپن جو حصو آ پر جڏھن مان ٻيهر ڳالھ شروع ڪندو آھيان تہ ائين لڳندو آ ڄڻ ھوءَ منهنجي ڳالهين تي غور ڪري رهي آھي. پر اُن وقت بہ منهنجي ڳالهين کي ڪو ٻيو به پيو ٻڌندو آ. جڏھن مان هن کي چوندو آھيان تہ مان تو کي بددعا ڏيڻ ٿو چاهيان تہ ان وقت بہ ڪير ٻڌندو پيو آھي...

مان هن کان پڇندو آھيان تہ تنهنجو منهنجي باري ۾ ڪهڙو خيال آھي تہ هوءَ بي تاثر اکين سان مون کي ڏسندي آ. هن جي چپن تي ڦھليل مسڪراهٽ هن جي وس کان ٻاهر ٿي ويندي آھي! هوءَ کلندي آ. ان وقت مون کي شڪ ٿيندو آ ڄڻ ڪو هُن جي مسڪراهٽ ۾ لڪي منهنجيون ڳالهيون ٻڌي رهيو آھي.“

مان هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان تہ؛ ”ڪو ئي بہ تنهنجيون ڳالهيون ناهي ٻڌندو. اها تہ هُن جي همت آ جو هوءَ تنهنجين ڳالهين کي ڌيان سان ٻُڌي ٿي...

تنهنجين ڳالهين ۾ ڪجھ بہ ناهي ۽ نه ئي هي سنجيدہ ڪرڻ واريون ڳالهيون....انهن کي ڪير ٻڌندو... تنهنجي انهن ڳالهين ۾ ڪنهن کي ڪهڙي دلچسپي ٿي سگهي ٿي.“

تون نہ ٿو سمجهين، يقين ڪر منهنجيون ڳالهيون ڪو ٻڌندو آھي! جڏھن مان هن کي چوندو آھيان تہ مان تو کي ڪو بہ ڏک نہ ٿو ڏيڻ چاهيان تہ ڪو ٻڌندو پيو آھي.. مان ٻاهر دروازي تي وڃي جهاتي پائي ڏسندو آھيان! پر اُتي ڪو بہ ناهي هوندو. مان واپس اچي ٻيهر پنهنجيون ڳالهيون شروع ڪندو آھيان. هن جي چپن تان مسڪراهٽ ٻيهر غائب ٿي ويندي آ. مون کي ائين لڳندو آ ڄڻ مان هن جو سڪون کسي رهيو آھيان...

مان هن کي چوندو آھيان؛ ڏس مان تو کي پريشان ڪرڻ بلڪل نہ ٿو چاهيان! مان نہ ٿو چاهيان تہ تو کي ڪنهن جو انتظار هجي، مان نہ ٿو چاهيان تنهنجي دل بي چين ٿي وڃي! پر منهنجيون هي ڳالهيون ٻيو به ڪو ٻڌي ٿو.“

ايتري ۾ آذان جو آواز اچي ٿو! هوءَ مٿي تي رَئو پائي ٿي ۽ اسان ٻئي خاموش ٿي وڃون ٿا.

ڪجھ دير کان پوءِ ھوءَ اکين ئي اکين ۾ چوي ٿي؛ ”ڪا ڳالھ ڪر!“

مان ڊنل نظرن سان دروازي ڏانهن ڏسان ٿو ۽ پوءِ صوفي جي هيٺان ڏسي، ڳالھ شروع ڪريان ٿو. هن جو چهرو ان  ٻار وانگر ٿي ويو جيڪو حساب جو ڪو ئي سوال حل ڪري رهيو هجي. ان وقت مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هوءَ اندر ئي اندر ۾ پنهنجو پاڻ سان وڙھي رهي هجي...

هوءَ منهنجي باري ۾ ڪو بہ فيصلو نہ ٿي ڪري سگهي. تڏھن مون هن کي چيو؛ ”خبر ناهي مان تو سان ڇو ڳالهيون ڪري رهيو آھيان... پر ڪٿي ائين نہ ٿئي جو اهي ڳالهيون هن جي زندگيءَ جي پيڙا بڻجي وڃن. ۽ ھڪ ڏينهن هن کي منهنجيون سڀ ڳالهيون واپس ڪرڻيون پون.“

مان هن کي چوان ٿو؛ ”تون منهنجين ڳالهين تي گهڻو توجہ نہ ڏجانءِ!“

ان وقت بہ مون کي احساس ٿئي ٿو تہ اسان جون ڳالهيون ڪو ٻڌي رهيو آھي! مان اُٿي دروازي ڏانهن وڃان ٿو! شام دروازي جي چانئٺ تائين اچي وئي آھي.

شايد شام منهنجيون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي. مان واپس اچي صوفي تي ويهي ٿو رهان! مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ ھُن جي اکين ۾ تيز طوفان ۽ مينهن جو طوفان آيو هجي ۽ ھر شيءِ اُڏامي هيڏي هوڏي وکري وئي هجي.

هوءَ چوي ٿي؛ ”ڏاڍو سخت طوفان آيو آھي! هاڻي تون هليو وڃ.“

مان هن کي ڪجھ چوڻ ٿو چاهيان. پر اهو سوچي رُڪجي ٿو وڃان تہ؛ ڪو ئي منهنجيون ڳالهيون ٻُڌي رهيو آھي...

گهڻي وقت تائين هن جي ۽ منهنجي ملاقات نہ ٿي.

مون کي يقين هو تہ هن کي وهم آ تہ هن جون ڳالهيون ڪو ٻُڌي ٿو. ليڪن هڪ ڏينهن اچانڪ هو مون کي ٻيهر ملي ويو. مون هن کان ائين ئي پڇيو؛ ”ڪا خبر پئي تہ تنهنجيون ڳالهيون ڪير ٿو ٻُڌي.؟“ 

هن ڏک ڀرئي آواز ۾ چيو؛ ”ها خبر پئجي وئي! مون هن کي ڳولي ورتو آھي! دراصل مان پاڻ ئي پنهنجيون ڳالهيون ٻُڌي رهيو هيس.“

”تو کي ڪيئن خبر پئي.؟“

”ائين جو هڪ ڏينهن هڪ ڇوڪريءَ مون کي چيو؛ تون بہ ڪيڏو نہ عجيب ماڻھو آھين. ڪلاڪ ويٺو هوندو آھين پر ڳالهائيندو ئي نہ آھين.“

No comments:

Post a Comment