Showing posts with label هن جون ڳالهيون ڪو ٻڌي ٿو، افسانو، فلئش فڪشن، مظھرالاسلام، ھمير گاد،. Show all posts
Showing posts with label هن جون ڳالهيون ڪو ٻڌي ٿو، افسانو، فلئش فڪشن، مظھرالاسلام، ھمير گاد،. Show all posts

Thursday, May 13, 2021

هن جون ڳالهيون ڪو ٻڌي ٿو

هن جون ڳالهيون ڪو ٻڌي ٿو...

داخليت جي اٿاھ ساگر مان سرجيل افسانو

مظھرالاسلام

ھمير گاد



هو چوي ٿو؛ ”منھنجيون ڳالهيون ڪو ٻڌي ٿو.“

مون هن جي شڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترا ئي ڀيرا هن کان پڇيو تہ؛ ”جڏھن تون ڳالهائيندو آھين تہ ان وقت اُتي ٻيو ڪير هوندو آهي.؟“

هو چوندو آ: ”ڪير بہ نہ صرف مان ۽ ھوءَ.“

تڏھن مان هن کي چوندو آھيان؛ ”اهو تہ تمام سٺو آ جو هوءَ تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي ٿي ۽ تون هن کي پنهنجيون ڳالهيون ٻڌائڻ ٿو چاهين تہ پوءِ ڇو ٿو چوين تہ تنهنجيون ڳالهيون ڪوئي ٻڌي ٿو.“