Saturday, May 8, 2021

فرزانه شاھين جون ڪَھاڻيون ۽ فِيمنسٽ تحريڪ - خليق ٻگھيو

فرزانه شاھين جون ڪَھاڻيون ۽ فِيمنسٽ تحريڪ

خليق ٻگھيو



فرزانه شاھين جو ڪَھاڻي-ڪتاب ”مٽي ماٿي لايان“ ڊسمبر ۲۰۱۸ع ۾ ”مُرڪ پبليڪيشن“ طرفان ڇَپيو آھي. ھن ڪَھاڻي-مجموعي ۾ ٻاويھ ڪَھاڻيون آھن. ڪتاب جو مُھاڳ رسول ميمڻ لِکيو آھي. مرتضيٰ لغاريءَ جي پبلشر نوٽ سان گڏ، ھِن ڪتاب ۾ ممتاز جويي جو تاثر آھي ۽ ڪھاڻيڪاره فرزانه شاھين پاران، ڪھاڻيءَ جي اھميت افاديت ۽ جوھر تي پڻ بھتر ڳالھايو ويو آھي. جڏھن ته ھِن ڪتاب جو بئڪ پيج شوڪت حسين شوري لِکيو آھي. خوبصورت ٽائٽل ۽ معياري پيپر توڙي مواد جي خوبين توڙي خامين باوجود، ھيءُ ڪتاب مطالعي لاءِ ھڪ اھم ڪتاب آھي. ڇاڪاڻ ته ھِن ڪتاب کي ٻين تخليقي، ادبي ۽ فڪري پاسن کان سواءِ خاص طور تي فيمينزم جي رخ کان به ڏِسي سگھجي ٿو. سنڌي ادب ۾ زرينه بلوچ کان وٺي خير النساءِ جعفريءَ تائين، نورالھدي شاھ کان وٺي ماھتاب محبوب ۽ اڄ جي نَين عورت ڪھاڻيڪارائن تائين، جيڪي عورت ليکڪائون آھن، تن جي ڪھاڻين ۾ ڪنھن نه ڪنھن طرحَ فيمينزم موجود رھي آھي. عورت زاد تحريڪ Feminism جي بابت يورپ ۾ سجاڳي ته ارڙھين صديءَ ۾ ئي اچڻ شروع ٿي وئي ھئي، پر لڳ ڀڳ اوڻھين صديءَ جي پوئين اڌ کان، فيمينسٽ تحريڪ جو پھريون دَور شروع ٿيو. تاريخي ورڇ موجب، فيمينسٽ تحريڪ کي چَئن دَورن ۾ ورھايو ويو آھي. جڏھن ته فيمينزم، انيڪ قِسمن ۾ ورھائي پڻ وئي آھي. عورت زاد تحريڪ Feminism جا بنيادي مقصدَ ھي رھيا آھن ته؛ عورتن کي مردن برابر سياسي، سماجي، قانوني حق ڏنا وڃن ۽ عورتن جي مٿان ظلم توڙي سندن استحصال بند ڪيو وڃي، پوءِ اُھو ظلم ۽ استحصال ڪھڙي به خطي ۾ ڪھڙي به بنياد تي ڇونه ٿيندو ھجي!



فرزانه شاھين جي ھن ڪتاب ”مٽي ماٿي لايان“ واريون ڪھاڻيون جيتوڻيڪ گھڻ-پاسائتيون به آھن، پر ساڳي وقت سندس ڪھاڻيون اِھڙو موقعو به ميسر ڪن ٿيون ته اُھو ڏِسي وٺجي ته ھڪ عورت ليکڪا/ ڪھاڻيڪاره جي پاران سرجيل ڪھاڻين ۾ عورت سان ٿيندڙ جبر کي ڪھڙن زاوين ۽ ڏَسائن ۾ پيش ڪيو ويو آھي؟ ۽ سندس ڪھاڻيءَ تي عورت زاد تحريڪ Feminism جا ڪيئَن ۽ ڪھڙا اثر پيا آھن؟ اُھا ڳالھ به غير امڪاني ڪانھي ته ڪنھن عورت جي ڪردار کي مرد ۽ عورت مختلف طريقن سان پيش ڪري سگھن ٿا. ساڳي وقت فرزانه شاھين جو ھيءُ ڪھاڻي-ڪتاب پڙھڻ سان ڄاڻي سگھجي ٿو ته حياتي ۽ سماج کي ھڪ عورت جي نگاھَ سان ڪِيئَن ڏِسي سگھجي ٿو؟ عالمي سطح تي عورت زاد تحريڪ جو به اُھو چَوڻ به رھيو آھي ته جيڪڏھن مرد به ھِن دنيا کي عورت جي نگاھ سان ڏِسن ته دنيا کي جنگين، تشدد يا رتوڇاڻ کان نجات ملي سگھي ٿي ۽ ھيءَ دنيا به جنت بڻجي سگھي ٿي، ڇاڪاڻ عورت مرد کان وڌيڪ محبت ڪندڙ، سنڀال ڪندڙ، سُندرتا تخليق ڪندڙ، نفاست سان مشاھدو ڪندڙ ۽ ٻاجھاري شخصيت جي مالڪ ٿئي ٿي. فرزانه جون ھي ڪھاڻيون سنڌ جي موجوده سماجي اوسَرِ جون اِھڙيون ڪھاڻيون آھن، جن ۾ جاگيرداري نفسيات جي جبر ھيٺ پيڙھجندڙ عورتن جون درد ڀريون آھون به آھن ته وري الٽرا ماڊرن عورتن جي مصنوعيت ۽ فيشن به آھن، سندس ڪھاڻين جي گَھرائيءَ ۾ وڃي ڏِسي سگھجي ٿو ته سنڌي عورت ھن وقت به ڪِيئَن نه ٻِٽي جبرَ طرفن مُنھُن ڏَئي رھي آھي.؟ ۽ ڪي عورتون ڪيئَن عورت زاد تحريڪ جي اُوٽَ ۾ پاڻُ پَڏائي رھيون آھن؟ مثال طور سندس ڪھاڻي ”جيجل منھنجو جيئڙو“ ۾ سنڌي سماج ۾ موجود بُک جو ڪاٿو به ڪري سگھجي ٿو ۽ عورت زاد جي موجوده حالتِ زارِ کي به پَسي سگھجي ٿو. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريو ويو آھي ته ھڪ عورت ”زرينه“ کي غريب مائٽ گھرَ ۾ بُکن ڪاٽڻ جي ڪري پنجن ھزارن ۾ وڪرو ڪري ”سھراب“ نالي ھڪ اِھڙي ظالم انسان ”سھراب“ سان پرڻائن ٿا، جيڪو ڀَنگ جو موالي آھي، سندس اڳين زال به سندس ظلمن کان تنگ ٿي، خودڪشي ڪري، پويان ٽي چار ٻارَ ڇَڏي وئي آھي. سُھراب، زرينه سان شادي ئي اُنھيءَ ڪري ٿو، جو کيس ھڪ ڪنوارِ نه پر ھڪ نوڪرياڻي، بورچياڻي يا غلام عورت جي گُھرج آھي، جيڪا سندس گھر جي صرف ھڪ سٺي خدمتگارِ ھُجي، جنھن ڪري زرينه جنھن وٽ شاديءَ جو تصورُ آدرشي خوابن جي تڪميل ۽ انيڪ خوشين جي حاصلات جھڙو ھو، سو تصور ڀَڄي ڀورَ ٿي وڃي ٿو. عورت کي غلام رکڻ، مرد برابر انساني حق ۽ حيثيت نه ڏيڻ خلاف فيمينزم جي پھرين دَور ۾ ئي آواز بلند ٿيو ھو، شروعاتي دَور ۾ عورتن کي ڪمزور، معصوم ۽ جذباتي سمجھيو ويندو ھو. يورپ ۾ قرون وسطي جي دَور ۾ به عورتن سان ڌرمي بنيادن تي غير انساني سلوڪ رکي، کين بيوقوف، غير مدلل ۽ ٻارن پيدا ڪرڻ جي مشين سمجھيو ويندو ھو. ھِن ڪھاڻيءَ جي ڪلائيمڪس ۾ سموري وارتا کي ھلندڙ ڏيکاريو ويو آھي، جيڪو ڪھاڻيءَ ڇَڏڻ جو ھڪ بھترين ڪرافٽ آھي، ائينءَ ڪرڻ سان ڪھاڻي ھلندڙ دَور ۾ وڌيڪ وسيع معنويت بخشيندڙ بڻجي پوي ٿي. ھيءَ ڪھاڻي عورت زاد تحريڪ جي پھرين دور جي نمائنده ڪھاڻي آھي. ياد رھي ته پھرين دَور ۾ ئي عورت زاد تحريڪ، عورتن جي حقن لاءِ زبردست احتجاج ۽ اجتماع ڪرايا ۽ عورتن، سماجي سطح تي مردن برابر حقن لاءِ آواز اُڀاريو.

فرزانه شاھين جي ھڪ ڪھاڻي ”پنھون پاڻ ٿياس“ ۾ ھڪ اھڙي عورت جي آدرش جي فڪري اپت ماڻي سگھجي ٿي، جنھن ۾ ھڪ عورت جو آدرش آھي ته عورت کي محبت ڪرڻ لاءِ جسماني ميلاپ يا شاديءَ جي ضرورت ڪانھي. ڪھاڻيءَ ۾ اُھا عورت، ھڪ شادي شُده مرد سان مُحبت ڪري ٿي ۽ پنھنجي مزاجَ ۾ اھا عورت وجودي فلسفي نما محبت ڪري ٿي ۽ آخر ۾ سندس ڪردار مان عينيتي تصور جھڙو رنگ ملي ٿو. ھوءَ پريميءَ کي جسماني/ جنسي ميلاپ کان رُوڪي ٿي. مُحبت ڪرڻ لاءِ جنسي ميلاپ کي اُھا عورت ردُ ڏيئي ”ڳولھيان ڳولھيان مَ  لھان“ واري فلسفي کي پنھنجائي ٿي. اُھو ئي ھِن ڪھاڻيءَ جو ڪلائيمڪس آھي، جڏھن ته عورت زاد تحريڪ جي ٻين دَور ۾ عورت زاد تحريڪ ۾ وجودي نڪته نظر به شامل رھيو يا ائينءَ چَئجي ته عورت جي عام طور ھڪ الڳ جنس ھُجڻ جي بنياد تي وجودي نڪته نظر جي لحاظ کان سمجھڻ جو سعيو ساريو ويو ھو، ڇاڪاڻ ته عورت کي پنھنجي وجودَ جي لاءِ ھڪ اھڙي به فلسفي جي ضرورت ھئي، جنھن ۾ ھوءَ پنھنجي انتخاب جو حق پاڻ وٽ رکي سگھي ۽ پنھنجي بي معني زندگيءَ کي پاڻ با معني بڻائي سگھي. ھِن ڪھاڻيءَ جو جيڪڏھن اسان ساختيات پُڄاڻان طور جائزو وٺي ڏسون ته ھِن ڪھاڻيءَ ۾ انساني مادي محبت کي عينيتي تصور جي فلسفي سامھون مخالف جوڙي واري معنيٰ Binary opposite ۾ پيش ڪيو ويو آھي، يا ائينءَ چَئون ته ڪھاڻيءَ ۾ حقيقت ۽ مجرد/ عينيت کي متضاد روپ ۾ پيش ڪيو ويو آھي. خود بائنري اپوزيشن جي تصور، جنھن مان مقصد اُھو ورتو ويندو آھي ته اسان ھِن دنيا يا سماج کي صرف بائنري اپوزٽس يعني ضدن وارن جوڙن مان سمجھي سگھون ٿا، متضاد مان ٻوليءَ ۽ شين کي سمجھڻ جو نظريو باقاعدي طور تي ساختيات Structuralism ڏنو آھي ۽ ساختيات پُڄاڻان وري بائنري اپوزيشن کي اُھو چَئي ردُ ڏنو ته ھنن متضاد تصورن سان ھڪ شيءِ کي فوقيت ٻي شيءِ کي ثانوي حيثيت ملي ٿي، مثال طور مرد عورت، نيڪي بدي، ڪوڙ سچ، زمين آسمان، ھيٺ مٿي، روشني اوندھ مرد عورت وغيره بائنري اپوزيشن آھن. ٻوليءَ جي جڙاوت ۾ متضاد يا ضدن وارو پھريون لفظ فوقيت وارو ۽ ٻيون لفظ گھٽ اھميت وارو سمجھيو ويندو آھي. خود پوسٽ ماڊرن فيمينزم جو به چَوڻ آھي ته بائنري اپوزيشن جي مدد سان به ”عورت“ جي حيثيت کي ثانوي ۽ مرد جي حيثيت کي پھرين حيثيت ڏئي، عورتن سان ٿيندڙ جبر کي طول ڏئي برقرار رکڻ واري ڪوشش نقصان ڏيندڙ آھي. ھيءَ ڪھاڻي فيمينزم جي صرف ٻين دَور جي وجودي رويي کي فوڪس ۾ نٿي آڻي، (جيئنءَ مٿي مون بيان ڪيو آھي)، پر عورت زاد تحريڪ جي ٽين دَور يا لھر جي ھِن نُڪتي جي اُن جواز جي اَڻ-سِڌي طرح به نمائندگي ڪري ٿي، جنھن تحت، فيمنسٽ تحريڪ جو چَوڻ آھي ته عورت کي صرف جسماني ۽ جنسيت جي بنياد تي نه ڏٺو وڃي، پر برابريءَ جي بنياد تي ڏٺو وڃي!

فرزانه شاھين جي ڪھاڻي ”ورتاءَ جا وڍ“ عورت زاد تحريڪ جي ٽين دَور جي عڪاسي ڪندڙ آھي. ٽين عورت زاد تحريڪ ۾ وائيٽ  مڊل ڪلاس عورتن جنسي آزاديءَ جو به مطالبو ڪيو ھو. فيمينسٽ تحريڪ جو ٽيون دَور اوڻيھ سئو نوي کان ٻه ھزار ست تائين رھيو آھي. فرزانه جي ڪھاڻيءَ ”ورتاءَ جا وڍ“ ۾ مرڪزي ڪردار، ھڪ عورت ”شڪيلا جو آھي، ”شڪيلا“ ھڪ نوجوان ڪوِتائون سرجيندڙ ڇوڪري آھي، جنھن جي شادي ھڪ جُھوني مڙس سان ڪرائي وئي آھي، جنھن ڪري سندس زال ”شڪيلا“ ھڪ نوجوان شاعر ”سعيد“ سان جنسي محبت ڪري، پاڻ لُٽائيندي رھي ٿي. نيٺ ھڪ ڳائڻو ”احسان“ ٻنھي کي خواري ڪري وجھي ٿو. شڪيلا خواريءَ جي خوف ۾ ”سعيد“ سان جنسي رشتا ٽوڙي، ھميشه لاءِ بي وفائي ڪري کيس الوداع ڪري ھلي ٿي وڃي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ پڌرو ٿئي ٿو ته عورتن سان ٿيندڙ جبر ساڳيو نه آھي، ڪا عورت جھوني مڙس سان پرڻجڻ جي ڪري به جنسي تڪليف جو شڪار رھي سگھي ٿي. ٽين عورت زاد تحريڪ ۾ اُھا ڳالھ سامھون آئي ته عورتن جي مسئلن کي عام طور جنس وار Generalize ڪري ڏسڻ ھڪ غلطي آھي، ڇاڪاڻ ته عورت زاد تحريڪ جي ٻين دَور ۾ ڪاري نسل ۽ ٻين قسمن جي عورتن سان ٻه اکيائي ٿئي ٿي. ھيءَ ڪھاڻي ٽين عورت تحريڪ جي دَور جي عڪس ڪاريءَ لڳي ٿي.

فرزانه جي ڪھاڻين ۾ منفرد فن ھيءُ آھي ته ھنن ڪھاڻين جو مرڪز ڪٿي سماج آھي ته ڪٿي مرد، ڪٿي عورت آھي ته ڪٿي حالتون، پر اُھو صرف ڪھاڻيءَ/ متن جي شعور ۾ پَسي سگھجي ٿو، جڏھن ته مُنھنجي ادراڪ موجب، متن جي لاشعور ۾ ڪھاڻين جو مرڪز اڪثر عورت ذات آھي. اُنھيءَ ڪري ھِنن ڪھاڻين جي ادراڪ واسطي رڳو متن جي ظاھر يا شعوري مفھوم تي مڪمل طرح ڀاڙي نٿو سگھجي، پر گَھري ادراڪ سان متن جي خاموشيءَ، متن ۾ موجود غير حاضريءَ توڙي ٻوليءَ جي ڇڏيل خالن مان به معنائون کي محسوس ڪري، سمجھي اُکيلي سگھجي ٿو. ياد رھي ته متن جو لاشعور، ليکڪ يا ليکڪا جو لاشعور بلڪل به نه ھوندو آھي. جديد نوع جي تنقيد جي لاءِ اِھڙين تخليقن جي گُھرج پوي ٿي، جن ۾ اٿلائڻ پُٿلائڻ جي سگھ موجود ھُجي. فرزانه شاھين جي ڪِافي ڪھاڻين ۾ اِھڙي سگھ موجود آھي، جيڪا پاٺڪ جي سوچن لاءِ ھڪ وسيع جھان ڇڏي ٿي ۽ تنقيد لاءِ متن جي ڊي ڪنسٽرڪشن ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪري ٿي. فرزانه جي ڪھاڻين ۾ ڪي ٻيون به اضافي فني خاصيتون آھن، جيڪي ڊي ڪوڊ ڪري سگھجن ٿيون. مثال طور سندس ڪھاڻي ”نظرياتي ماڻھو“ ۾ بظاھر نظرياتي ماڻھو وارو مرڪزي ڪردار ھڪ مرد ”سجاد“ آھي، جيڪو وطن جي نظرئي ۽ تحريڪ سان وابسته، قوم سان بي لوث محبت ڪندڙ ڪارڪن آھي، پر پنھنجي ڪوئيٽا ۾ واپڊا جي نوڪري قربانيءَ طور ڇَڏي ڏيئي ٿو، کيس ڇَھ نياڻيون ۽ ٽي پُٽ آھن. بي روزگار ٿيڻ کان پوءِ، سندس ٻارَ نيٺ فاقا ڪاٽڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا ۽ آخر سندس گھر واري ”زاھده“ بُکَ ڪاٽيندي، گُذاري وڃي ٿي. سجاد جي نظرين جي ٽُٽجڻَ لاءِ اُھو ڪجھ ڪافي ھو يا نه، پر غور ڪبو ته ڪھاڻيءَ جي لڪل راز ۾ ڪھاڻيءَ جو اھم ۽ مرڪزي ڪردار ”سجاد“ نه پر ”سندس گھر واري ”زاھده“ آِھي، گھرائيءَ سان ڏسبو ته ڪھاڻي ۾ اصل درد ته ”زاھده“ جي ڪردار ۾ نظر ايندو. متن Text جي لاشعوري پُھچ ۾ زاھده جو ڪردار، مرڪزي ڪردار ھجڻ جو انڪشاف اُنھيءَ ڪري به ٿئي ٿو ڇاڪاڻ ته دراصل ھيءَ ڪھاڻي سجاد جي نه، پر زاھده جي ڪھاڻي آھي، جيڪا سرت، ساڃھ واري پورھيت عورت ھئي، جيڪا سلائي ڪري، سجاد جي سموري گھر جو چرخو ھلائيندڙ عورت ھئي، سا نيٺ پنھنجي ٻارن جي بکَ ۽ سندس تربيت جي چنتائن توڙي دردن ۾ مري وڃي ٿي، سندس درد ڪيترو نه اٿاھ آھي..! ھيءَ ڪھاڻي ڪافي سگھاري ڪھاڻي آھي. ڀڃ-ڊاھ Deconstruction تحت ھِن ڪھاڻيءَ کي ڏِسبو ته متن ۽ معني جي وچ واري رشتي کي سمجھڻو پوندو. جيئنءَ ھيءَ ڪھاڻيءَ ڪجھ سوال جنمي ٿي ته زاھده جھڙين عورتن ۽ سندس اولاد جو ڏوھاري مرد آھي يا نه؟ يا زاھده جي موت جو ذميوار صرف ھڪ مرد ”سجاد“ آھي؟ ڪِٿي اُھا ذيلي ثقافت ته جوابده ته نه آھي؟ ائينءَ به ٿي سگھي ٿو ته ڪھاڻيءَ ۾ ڏوھ اُن بک جو ھجي، جيڪا سندن گھر کي کاٽ ھڻي رھي ھئي يا ڏوھ تھذيبي ۽ سماجي بناوت جو ھجي؟ ڪھاڻيءَ ۾ ادبي سطح تي ڪھاڻي ۾ نقص واقعن جي ترتيب جا به آھن مثال طور سجاد کي آخر زاھده جي مرڻ بعد ئي گرفتار ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ اڳ ڇونه؟ ۽ اُنھيءَ وقت کيس ڇو ٿو گرفتار ڪيو وڃي، جڏھن ھُو روايتي سياست به ڇَڏي چڪو آھي؟ عورت جو درد فوڪس ھيٺ ھو ته ٻارن جي مستقبل کي ڪلائيمڪس طور ڇو رکيو ويو آھي؟ اھڙن سوالن پُڇي اسان ڪھاڻيءَ جي گَھرائيءَ ۾ ھڪ وڌيڪ ٽُٻي ھڻي سگھون ٿا ۽ اُھو ڏِسي سگھون ٿا ته حقيقت پاڻَ به ڪھاڻيءَ جيان ٽيڪسٽ نظر ايندي. ساختيات پُڄاڻان يا ڀڃ-گھڙَ ھڪ اھڙو فلسفو به آھي، جيڪو زندگي ۽ سماج توڙي اُن ۾ موجود شين کي ھڪ اھڙي ٽيڪسٽ بيسس سمجھي ٿو، جنھن ۾ ھر شيءِ تبديل ٿيندي رھي ٿي ۽ معنائون شڪليون تبديل ڪنديون رھن ٿيون ۽ مختلف رخن ۾ منتقل ٿينديون رھن ٿيون ۽ اُھو سلسلو لاتعداد سلسلن ۾ ٽڙي پکڙجي، ترتيب مان بي ترتيبيءَ ڏانھن وڌندو رھي ٿو. ھيءَ ڪھاڻي به عورت جي اھڙي سماجي لقاءَ جو منظر نامو آھي. جنھن ۾ ”عورت“ خود ھڪ ٽيڪسٽ آھي، جنھن کي مختلف نمونن سان دريافت ڪري سگھجي ٿو ۽ مختلف طريقن سان سندس حقن کي محفوظ ڪري سگھجي ٿو. ھيءَ ڪھاڻي مقامي مُشاھدي توڙي متن جي غير حاضر خالن مان پاٺڪ کي اُھو مَحسوس ڪرائي ٿي ته عورت ذات کي تعليم ۽ نوڪريءَ کان محروم رکڻ سان ڪيئَن نه ھوءَ مرد جي رحم ڪرم ھيٺ رھجي وڃي ٿي؟ ۽ ساڳي وقت عورت کي محروم رکڻ سان ڪيئَن نه پُٺتي پيل سماج جا خاندان بي درديءَ سان ختم ٿي وڃن ٿا...!؟ عورتن کي مرد برابر تعليم ڏيارڻ ۽ کين پگھادار بڻائڻ جو آواز به فيمينزم جو بنيادي شرط رھيو آھي ۽ ھيءَ ڪھاڻي عورتن جي اِھڙن جائز مسئلن جي نمائنده ڪھاڻي به آھي. ٽين عورت زاد تحريڪ جي ٽين دَور ۾ اُھا تبديلي آئي ھئي ته جيئنءَ ته عورتن جي مسئلن کي ھڪ گروپ يا عمومي سطح تي ساڳي طريقي سان نه پر مختلف انفرادي سطح تي سمجھي سگھجي ٿو. جنھن مان نتيجو اُھو ٿو نڪري ته عورت کي عالمي سطح تي عمومي طور فرض ڪرڻ غلط آھي، ڇاڪاڻ ته الڳ الڳ قومن ۽ خطن ۾ عورتن جا مسئلا مختلف ۽ متنوع آھن. فرزانه جي مٿين ڪھاڻيءَ ۾ به ساڳي قِسم جو تنوع ۽ مختلف قِسمن جي انفراديت موجود آھي. ھاڻي ڏسڻو اُھو پوندو ته ھنن ڪھاڻين ۾ عورتن سان ٿيندڙ جبر وارن زاوين کي ڪھڙين ڪھاڻين ۾ ڪھڙن طرفن کان پيش ڪيو ويو آھي؟

فرزانه جي متنوع قِسمن جي ڪھاڻين جي خوبي ھيءَ آھي ته ڪھاڻين جي تخليقي سفر ۾ عورت جو استحصال صرف مرد ڪندڙ نه آھي، پر عورت جي استحصال جو ذميوار عورت کي به ڏيکاريو ويو آھي، جيئنءَ سندس ڪھاڻي ”مون پَڪ سڃاتا“ ۾ ھڪ عورت زينب سان ظلم، سندس ڀيڻ زيب ڪري ٿي. زينب پنھنجي مڱيتي اياز سان محبت به ڪري ٿي، پر سندس مڱڻيءَ بعد زيب، اياز جو سندن گھر اچڻ وڃڻ جو فائدو وٺي ڀيڻ جي مڱيندي ۾ ئي اکيون وجھي ٿي ۽ ساڻس شادي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي. ھِن ڪھاڻيءَ جي شروعات ۾ ھڪ پيش منظر، پاڻ-ھرتو فليش بيڪ ۾ پس منظر کڻي اچي ٿو، جنھن ۾ سموري ڪھاڻي خوبصورتيءَ سان اُوتيو ويو آھي. اُھو ڪرافٽ ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ڏاڍو خوبصورت آھي. ساختيات پُڄاڻان يا ڀڃ ڊاھ Post structuralism or Deconstruction تحت ڇيد ڪريون ته موضوعي Subjective سطح تي ھِن ڪھاڻيءَ جتي ھڪ عورت ٻي عورت سان ظلم ڪرڻ جي ذميوار آھي. ساڳي وقت ساڳي عورت سان ٿيندڙ جبر جي ذميوار اھا معاشرتي ۽ سماجي صورتحال به آھي، جنھن صورتحال ۾ سماجي قدرن جي ڀڃ-ڊاھ ٿي آھي ۽ رشتن جو تقدس ۽احترام ختم ٿي ويو آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ زينب سان ٿيندڙ اِھڙي بي واجبيءَ جي ذميواري مرد تي به عائد ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪھاڻيءَ ۾ اياز پاڻ به، مڱيتيءَ زينب جي بدران سندس ڀيڻ زيب سان شادي اُنھيءَ ڪري ٿو رچائي، جو زيب، پنھنجي ڀيڻ کان وڌيڪ خوبصورت آھي. اُن مان مرد/ اياز جي حُسن پرستيءَ بَکي ٿي، ھڪ مطلب ھيءُ به نڪري ٿو ته مرد جي حُسن پرستي به عورت جي حقن جي ڀڃڪڙي ڪري ٿي. يا سندس جذبن کي قتل ڪري ٿي، پر ڪھاڻيءَ ۾ اھو عمل ايترو شديد ڪونھي، جيترو ھڪ عورت جو ٻي عورت سان ظلم آھي. اُن جي معني ته عورت زاد جي ٽين دَورَ ۾ اُھو ادراڪ درست ھو ته عورت رڳو ”مرد حاڪميت“ سبب ڀوڳنا ۾ نه آھي ۽ عورتن کي پھرين ۽ ٻين دَور ۾ جيڪو عورت جو عمومي تصور Sisterhood جو ڏنو ھو، سو بحال نه رھي سگھڻ جي قابل به نه رھيو آھي، ٻي طرف ھِن قِسم جي ڪھاڻين مان نتيجو اخذ ڪري سگھجي ٿو ته ڪنھن به ادبي متن جون معنائن توڙي مرڪزيت ۾ التوا جو عمل مسلسل تبديل ٿيندو رھي ٿو. ھيءَ ڪھاڻي جديديت پُڄاڻان عورت زاد جي زبردست عڪاسي ڪري ٿي. عورت زاد جي ٽيون دَور پوسٽ ماڊرن ائپروچ کان به متاثر رھيو آھي. پوسٽ ماڊرن فيمينزم، پنھنجي ائپروچ ۽ بيھڪ ۾ بنياد مخالف Anti-foundation رھي آھي ۽ پوسٽ ماڊرن عورت زاد تحريڪ جي به ڀڃ اپت Multiple ڪڍندڙ رھي آھي. مثال طور ھِنن موجب سچ ھڪ نه آھي. سچ ڪيترا ئي آھن. سچ پنھنجي مقام، پليٽ فارم ۽ حالتن جي مطابق مسلسل بدلاءَ يا تغيري حالت ۾ رھي ٿو. موضوعي سطح تي ھڪ ماڻھوءَ کان ٻي ماڻھوءَ تائين ھڪ جھڙو سچ لاڳو نٿو ڪري سگھجي. جيئنءَ ھِن ڪھاڻيءَ ۾ زيب، زينب ۽ اياز وٽ پنھنجو الڳ الڳ سچ آھي. ائينءَ عورتون سان ٿيندڙ جبريت به ڌار ڌار تجربي جي حامل آھي.

فرزانه جي ڪھاڻي ”ڏوھي ڪير؟“ ۾ ھڪ سيدياڻي ليکڪا ”پارس“ به ذات جي مٿڀيد ڪري پنھنجي مريد ”بلال“ نالي ھڪ نوجوان سان عشق  ڪري ٿي، پر مجبوريءَ تحت کيس شادي پنھنجي ذات واري سيد ذات جي مڱيتي سان ڪرڻي پوي ٿي. ھِن ڪھاڻيءَ مان فيمينزم جي ٽين ۽ پوسٽ ماڊرن ائپروچ عيان ٿئي ٿي. ھيءَ ڪھاڻي ثابت ڪري ٿي ته عورت جي درد جو تجربو الڳ الڳ نوعيت جو آھي، جنھن ۾ انفرادي سطح تي ذات ۽ ڪلاس ٻه عورت جي استحصال جا ذميوار آھن، تنھن ڪري عورتن جي دردن ۾ وڌيڪ تڪراري ۽ توافقي ۽ باھمي Intersexuality واري رشتيداري موجود آھي. درد جو باھمي ربط ته فرزانه جي ڪھاڻي ”ڀرم ڀرم ڀور ٿيا“ سان به ڳنڍجي ٿو، ھِن ڪھاڻيءَ ۾ اُھو درد جو رشتو اُن پيءُ جي درد سان به جُڙيل ٿو نظر اچي، جيڪو پنھنجي ڌيءُ جي ڄمڻ تي ماءُ جي برعڪس بي انتھا خوش ٿئي ٿو. ڌيءُ جي بيماريءَ تي جُھري پوي ٿو. سماج جي مخالفت توڙي پنھنجي غربت باوجود، ڌيءُ کي ڪاليج ۾ پڙھائي ٿو پر سندس ڌيءُ سندس ئي اُن ڀاڻيجي سان ڀَڄي ٿي وڃي، جيڪو ڪورو ڄٽ، بي روزگار ۽ شادي شُده آھي ۽ آخر ۾ پيءُ کي مُنھن تي چَوي ٿي ته؛ ”ھاڻي ھيءُ منھنجو مڙس آھي ۽ بابا سان منھنجو ڪو تعلق ڪونھي“. ھتي عورت مظلوم ته ڪانھي، پر مرد، پيءُ جي روپ ۾ مظلوم آھي. ھتي ڏوھي ڪير آھي؟ منھنجي خيال ۾ فرزانه جي ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ”ڌيءُ“ جو ڪردار لبرل فيمينزم جي قِسم جھڙو آھي. لبرل فيمينزم عورتن وٽ جنسي فرق جي دٻاءَ ڪري صلاحيتن گھٽجڻ جو خوف لاحق ھوندو آھي ۽ اُھي اھڙي سماجي دٻاءَ کي ٽوڙي پنھنجي خوشيءَ يا مسرت حاصل ڪرڻ کي اھميت ڏينديون آھن. مقامي معيار مطابق اھا سوچ ناڪاري آھي يا نه، پر انساني بنياد تي پيءُ سان ڌيءُ جو اھڙو رويو غير انساني لبرلزم ضرور آھي. ڪھاڻي ”لبرل سوچ“ ۾ لبرل ۽ مثبت سوچ ته ان عورت جي به ھئي، جنھن پنھنجي ھڪ اديب کي رڳو زباني طور لبرل سوچ جو مالڪ ڏٺو ھو، پر آخر ۾ اندران اندران ھُو ھڪ روايتي ۽ دقيانويسي ثابت ٿي ويو ھو، جنھن ڪري عورت پنھنجا رستا ھُن کان ڌار ڪري ورتا ھئا.

عقيدن جي پٺيان عورتن سان ڇا ٿو وھي واپري؟ ان لاءِ ڪھاڻي ”مت“ پڙھڻ وٽان آھي. فرزانه شاھين جي ڪھاڻي ”مت“ جو مرڪزي ڪردار ھِڪ بيوه زينت عرف زيني آھي. جنھن جو پيءُ ھڪ جُواري آھي ۽ سندس نابين ماءُ به مري چُڪي آھي. ھوءَ گُذران خاطر سيد جاويد جي حويليءَ ۾ نوڪرياڻي ٿي بيھي ٿي، سندس سَوٽِ شڪيلا کيس رُوڪي ٿي ته ”جاويد تو ۾ ڪِنيون نظرون وجھي ويٺو آھي، اُن کان بچ.“ ھوءَ جواب ۾ حويليءَ ڏانھن عقيدت پڌاري ٿي. نتيجي ۾ جاويد ھڪ رات، پنھنجي گھر واريءَ جي غير موجودگيءَ جو فائدو وٺندي، سندس ماس پَٽيندو رھي ٿو، پر زيني دعا جي آسري ۾ جسماني/ جنسي اذيت به برداشت ڪري ٿي وڃي. اُتي به ڪجھ ٿيڻ رُڪجي نٿو. ساڳي رات جاويد، زينيءَ جي پُٽ کي به جُوس ۾ گھڻو نشو ملائي ڏيئي ٿو، جنھن ڪري سندس پُٽ به مري وڃي ٿو ۽ زيني جو روح به صدمي ۾ پرواز ڪري وڃي ٿو.

جيڪڏھن ساختيات-پُڄاڻان تحت، ساڳي ڪھاڻيءَ جو تجرباتي سطح تي ڇيدُ ڪري ڏسون ته ڪھاڻيءَ جو متن جتي به خاموش آھي. اُتي پاٺڪ لاءِ سوال پيدا ٿين ٿا. اُن طريقي اسان ڪھاڻيءَ جي ڀڃ ڊاھ ڪري، اُن جي گَھرائيءَ ۾ به وڃي سگھون ٿا مثال طور: جيئنءَ سيد جاويد زينيءَ جي عزت لُٽي ٿو ته اُن وقت به زيني اُن جنسي عمل جي پُٺيان، دُعا جو فلسفو ڇو ٿي ڳولي؟ ڇا جنسي زيادتيءَ وارو عمل جُڙيل عقيدت ۽ ڀروسي کي ٽُوڙڻ لاءِ ڪافي نه ھو..؟ ڇا زيني اُن عمل تي احتاج ڪري ٿي؟ سيد جاويد، پاڻ  زينيءَ کي پنھنجي زال جي عدم موجودگيءَ بابت ٻُڌائي، پوءِ کيس آڌي رات جو حويليءَ ۾ اچڻ جو چَوي ٿو ته زيني راضي ٿي، پُھچي وڃي ٿي، کيس سيد جاويد جي ڪردار تي شڪ ڇونه ٿو ٿئي؟ ڪھاڻيءَ ۾ ”شڪيلا“ جو ڪردار نرس جي روپ ۾ آھي يا ڊاڪٽر جي روپ ۾؟ شڪيلا ايتري زينيءَ جي ھمدرد آھي ته کيس ٻي ھنڌ پيسن تي پورھيو وٺي ڏيڻ جو سعيو ڇو نٿي ساري؟ جڏھن زيني حويليءَ ڏانھن عقيدت رکي ٿي ته پوءِ ته ھوءَ حويليءَ جي ٻانھي آھي، جيڪڏھن ٻانھي آھي ته شڪيلا کي فرزانه ائينءَ ڇو چوي ٿي ته تُو واري ڳالھ صحي آھي، پر وڏو مسئلو معيشت جو آھي. اُن جي ٻي معني اُھا ٿي وڃي بيھي ته پيسن خاطر زيني حويليءَ جي ملازم آھي. پيسن جي خاطر ملازم آھي ته پوءِ سيد جاويد جنسي زيادتي بعد کيس رڳو واپسيءَ ۾ دعائون ڏيئي ٿو ته اُن وقت ھوءَ مزاحمت ڇونه نه ٿي ڪَري؟ ڪھاڻيءَ جي لفظي مرحلي ۾ عنوان به ھڪ نشان/ علامت ”مت“ خود ڪيترن ئي ٻين معني نما نشانن کي خلقي ٿو. جيئن لفظ ”مَتِ“ جي معنائن لاءِ لغت جي مدد وٺون ٿا ته مَتِ= سمجهه، ٻوجهه، ٻُڌي، هوش، فهم، ادراڪ، پُرجهه، پروڙ، وقوف، هوش، حوصلو، چيتو، عقل، زيرڪي، خِرد. دانائي، سياڻپ، هوشياري. سوچ، ويچار، خيال، غور، قياس، خوض. ڌيان. انديشو، ڪَٿَ، ڏَس، صلاح، راءِ، اٽڪل. نصيحت، هدايت، سمجهاڻي، سبق. عادت، علت، هير، ورد. سيکت، سزا، جٺ، مارَ، تنبيهه وغيره. ھاڻي ”متِ“ لفظ ھڪ اھڙو نشان علامت آھي، جيڪو خود پاڻ ٻين علامتن ۽ نشانين جا تصور پيدا ڪري ٿو. جيترا نشان پيدا ٿين ٿا اوترا تصور پيدا ٿين ٿا نشان ۽ تصور ھڪ ٻئي جي ابتڙ معنائون ۽ مقصد ڄڻين ٿا. ھِن ڪھاڻيءَ جو عنوان جيڪو ھڪ نشان/ لفظ آھي، تنھن جي مرڪزيت مٿي ڏنل لغوي معنائن جي ڀڃ-گھڙ Deconstruction عنوان مان گذارجن ٿيون ته معنائون ملتوي ٿيندي گذرنديون ملتوي ٿينديون وڃن ٿيون. نتيجي ۾ لڳندو ته زيني جو ڪردار سمجھ جي ابتڙ بي سمجھ آھي. عقل جي برعڪس عقيدت پرست آھي. زينيءَ جو ڪردار انديشو آھي قياس آھي سبق آھي سيکت آھي. نصيحت آھي مار آھي سزا آھي. ناداني آھي بي عقلي آھي سوچ آھي، ائينءَ به ٿي سگھي ھِن ڪھاڻيءَ ۾ مرڪز زيني نه غربت ھجي، جاويد جي بد ڪرداري به مرڪز ٿي سگھي ٿي ته پورو سماجي اسٽرڪچر به ذميوار بڻايل ٿي سگھي ٿو ائينءَ وڌيڪ تشريحون به غير امڪاني نه آھن.

ھِڪ اھڙي ڪھاڻي ”حلال جي ڪمائي“ به آھي، جنھن ۾ ھڪ چڻن وڪڻڻ وارو سخت بيمار ٿي، ھلڻ کان معذور ٿي وڃي ٿو، سندس گھر واري سڪينه ماءُ طرفان مليل ڏاجي ۾ آخري بچيل ڇلو ۽ سونا جُھومڪ به کپائي ڇڏي ٿي. سڪينه جي ٻي پرڻيل ڀيڻ زينب به ھڪ بيوه عورت آھي، جنھن کي پُٽ جو به اولاد ڪونھي. صرف ٻه نياڻيون فرزي ۽ ڪلسي آھن، جيڪي لُول ۽ چپس تيار ڪري کپائي گھر ھلائين ٿيون. ھنن نياڻين کي ايترو احساس ٿئي ٿو، جو اُھي ٻارنھن سئو گڏ ڪري، پڦيءَ سڪينه ڏي موڪلين ٿيون، جيڪي پيسا به سڪينه لاءِ رڳو ڪرايي ڀاڙي ۽ ڊاڪٽر جي فيءَ جيتري پُورت آھن ۽ دوا وٺڻ جيترا پيسا به نه آھن. بيمار اڪبرَ ھڪ ڀيرو ڪنھن مولويءَ جي واتان ٻُڌو ھو ته ”حلال جي رزق ۾ برڪت آھي ۽ حلال کائڻ سان بيماريون ويجھو ناھن اينديون ۽ ھُو پنھنجي بندي کي ڪڏھن به اڪيلو ناھي ڇڏيندو“ جنھن جي ڪري ھُن سموري زندگي حلال کاڌو ھو ۽ ھاڻي بيماريءَ جي بستري تي شفا لاءِ، ڪنھن معجزي جو انتظار ڪندو رھي ٿو. ڪھاڻيءَ جون آخري سِٽون نھايت نتيجه-خيز آھن، جيڪي ھتي ڏجن ٿيون ”ھڪ وڏو ساھُ سندس وات مان نڪري ٿو، جنھن سان ۽ عقيدت ۽ اُلڪو رڻ بڻجي رھجي وڃي ٿو.“ ھِن ڪھاڻيءَ ۾ سماج ۾ بُک، بدحاليءَ جو لقاءُ ڪٿي بيٺو آھي؟ غربت ۽ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڀروسا ڪيئَن نه بي درديءَ سان ٽُٽي وڃن ٿا؟ اڪبر جھڙن غريب پورھيت ماڻھن جون نياڻين سان ڪو ڪو به پرڻجڻ لاءِ تيار ڪونھي. جوان ڌيئرن جو درد مائٽن کي ڪيئن نه ڪاتيءَ جيان ڪَپيندو ٿو رھي...؟ ٻي طرف ڪھاڻيءَ جي فلسفي ۾ عقيدت ۽ معجزي جي آسري تي رھجي ويل ڪردار جو بي موت مرڻ سوال فڪري دنيا ۾ ھڪڙو وڏو سوال آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ريڊيڪل فيمينزم جي ھڪ قِسم جو اھو تصور آھي ته ”سماج مان سپيرئر مرد جو تصور ختم ڪرڻ کان سواء عورتن کي نجات ملڻ ممڪن نه آھي“ اُھا حقيقت آھي ته عورت کي سماج ۾ معاشي طور پاڻ ڀري بنائڻ جي ڪوشش ئي نٿي ڪئي وڃي. مرد جي سماج ۽ گھر ۾ معاشي بالادستي نه ھجي ھا ته اڪبر جي مري وڃڻ بعد، سڪينه معاشي ۽ سماجي سطح  تي لاوارث نه ٿئي ھا، نه وري ئي سڪينه جون ڀاڻيجيون چپس ۽ لولَ کپائي بيوه ماءُ جي گھرَ جو آخري سھارو ھجن ھا! عورت جي سماجي حقن جو ذميوار مرد به ٿي سگھي ٿو ته طبقاتي سماج به ٿي سگھي ٿو.

فرزانه جي ڪھاڻي ”جذباتي فيصلو“ ھڪ باشعور ٽيچر ڇوڪريءَ ”سُکان“ جي حياتيءَ جي ھڪ پھلوءَ کي عڪاسي ٿي. سُکان، جنھن جو پيءُ گذاري ويو آھي ۽ بيواه ماءُ جي سھاري زندگي گھاريندي مستقبل جو خوف دل ۾ سنڀالي انديشا پَچائي ٿي ته کيس ڀاءُ به ڪونھي، ماءُ جي وڃڻ بعد ھوءَ ڪاڏي ويندي ۽ جيون جو ھيءُ اڪيلو سفر ھِن پدري سماج ۾ ڪيئَن طئه ڪري سگھندي.؟ اُنھيءَ خوف ۾ ھوءَ ”جاويد“ جي شاديءَ جي آڇ قبولي ٿي. جاويد سان شاديءَ بعد کيس معلوم ٿئي ٿو ته جاويد جي اڳ به شادي ٿيل آھي ۽ اولاد به اٿس، بعد ۾ سُکان جي حمل کي به جاويد مڪر ۽ فريب سان، حڪيمن جي ڦڪين وسيلي ڪيرائي ڇڏي ٿو ۽ پاڻ به جلد ئي بنا سبب مري وڃي ٿو. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ جاويد جو جلدي بنا سبب مرڻ ھڪ معمو/ ڳجھارت آھي اُھو ڪھاڻيءَ کي ڏنل مصنوعي ڪلائيمڪس آھي يا فطري آھي؟ پاٺڪ اھو سمجھڻ وقت ھڪ خال محسوس ڪري ٿو. ڪھاڻيءَ جي متني مرحلي ۾ معني تھ معنائون کُلنديون وڃن ٿيون. مثال طور ھن ڪھاڻيءَ مان مقصديت ڪھڙي نڪري ٿي ته عورت ئي عورت سان ظلم ڪري ٿي يا عورت سان مرد ٿو ظلم ڪري؟  جيئن جاويد جي ڪردار جو مفھوم جُڙي ٿو؟ ڪٿي ائين ته ڪونھي ته ڪھاڻيءَ جي متنيت جو جوھر ھيءُ آھي ته سماج ۾ وڏيري جو ڪردار روايتي آھي، جنھن ڪري روايتي ڪردار جي ڪري، ڪھاڻيءَ ۾ وڏيرو عورت دشمن آِھي؟ يا ھيءَ ڪھاڻي بانور ڪرائي ٿي ته ماڻھو پنھنجي ڏکن جو خلقڻھار پاڻ نه آھي پر سڀ ڪجھ نصيب آھي ڀٽائيءَ جي اُھو بيت، جيڪا ڪھاڻيءَ جي متن توڙي پڇاڙيءَ ۾ ڏنل آھي ”سرجيس تان سور، سامائي ته سُک ويا، اھي ٻئي پورَ، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.“ ڪھاڻيءَ جي متنيت ۾ ھِن بيت جي موجودگي ڇا ٿي ڏيکاري ته عورت صرف اڳواٽ لکيل تقدير جو شڪار ٿئي ٿي؟ يا ائينءَ نه آھي؟ عورت، پنھنجي ڏکن سُکن جي خلقڻھار پاڻ آھي. چونڊ ڪرڻ جو اختيار ته ”سُکان“ وٽ به ھو، پر ھُن سوچي سمجھي شادي نه ڪئي؟ ڪنھن به طرح ھيءَ ڪھاڻي پنھنجي نقصن جي باوجود، فيمينزم جي سوشلسٽ/ مارڪسٽ فيمينزم جي اثرن کان ٻاھر ڪانھي، ڇاڪاڻ ته ڪھاڻيءَ جي سموري وارتا ۽ جبر جاگيرداري سماج جو ڄڻيل آھي.

عورت زاد تحريڪ آمريڪا توڙي يورپ ۾ پنھنجي پھرين ۽ ٻين دَور ۾ وڏيون ڪاميابيون ته ماڻي ورتيون، پر ٽين دور ۾ نوي جي ڏھاڪي کان ھُنن ڪجھ اھڙن مطالبن جي گُھر ڪئي، جن جي پوري ٿيڻ سان مرد جو استحصال شروع ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو، جيئنءَ ٻار پيدا ڪرڻ واري عمل ۾ خود مختياري، پر ايتري قدر جو ھِنن اھو به چَيو ته عورت کي حمل ضايع ڪرڻ گھرجي. عورت جي پيٽ ۾ ٻار کي جنم نه وٺڻ گھرجي. ايبارشن کان وٺي لبرل سيڪس ياھم جنس پرستيءَ تائين توڙي جنس جي مٽا سٽا واري آزاديءَ وغيره جھڙن نعرن ۽ لزبين فيمينزم توڙي لپ اسٽڪ فيمينزم جھڙن فيمينزم جي قِسمن  عورت زاد تحريڪ کي شديد نقصان پھچايو ۽ سماجن کي ڊاھي وڌو، فيمينزم ڇڙواڳيءَ جي ور چڙھي وئي، جنھن ڪري حقيقي طور جيڪي عورتن جا بنيادي مسئلا خاص ڪري پٺتي پيل ملڪن ۾ ھئا، سي سرد خانن جي حوالي ٿي ويا. فرزانه شاھين جي ڪھاڻي ”مٺيون ڳالھيون“ ھِن ڏسا ۾ ھڪ اھم ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو ته ٿرن، برن واھڻ وستين ۾ حقيقي طور سماجي حقن کان محروم عورتن جي نمائندگي تي ڪيئَن نه مڊل ڪلاس فيشنبل عورتون قابض ٿي ويون آھن، جيڪي غريب عورتن کي عملي زندگيءَ ۾ ته گھٽ نظر سان ٿيون ڏسن ۽ سندن بيعزتي ڪن ٿيون، پر وڌيڪ سماجي حق تلفي تڏھن ڪن ٿيون، جڏھن پورھيت محروم عورتن جون نمائندگي ڪندڙ ٻڻجي، عورتن جي حقن جي نالي تي عورت سيمينارن ۾ اوچا ڪپڙا پائي مھانگيون خوشبوءِ لڳائي اڳواڻ ٿي ويھي رھن ٿيون.

مجموعي طور تي فرزانه شاھين جون ھي ڪھاڻيون عورت زاد تحريڪ Feminism جي مختلف دَورن ۽ فيمينزم جي ڪجھ قِسمن کي تخليقي دائري ۾ سميٽي، عورت زاد تحريڪ کي سمجھائڻ جي سٺيون ڪوشش به آھن ۽ عورت زاد تحريڪ جي ھاڪاري توڙي ناڪاري رخن جي فائدن ۽ نقصانن کان آگاھي ڏيندڙ ڪھاڻيون به آھن. فرزانه جون ھي ڪھاڻيون پوسٽ ماڊرن فيمينزم تحت اھو بانور ڪرائين ٿيون ته عورتن سان ٿيندڙ جبر جي صورتحال در صورتحال مختلف آھي رڳو مرد عورت اُن جو ذميوار ڪونھي، پر ذات پات، اخلاقيات ڌرم، ڪلاس جي پردن ۽ ڪيترن ئي لاتعداد نمونن ۾ عورت جبر جو شڪار ٿئي ٿي. سندس ڪھاڻين مان اندازو ٿئي ٿو ته ھُن فيمينزم جي تحريڪ جي ارتقا جو ڪافي مطالعو ڪيو آھي، پر ھي ڪھاڻيون سرجڻ وقت، ھُن وٽ وڌيڪ ڪي منفرد مشاھدا به آھن، جن جي سنگم ۽ مطالعي جي قوت سان ھُن جون تخليق ٿيل ڪھاڻيون، جتي پوسٽ فيمينزم ۽ پوسٽ ماڊرن فيمينزم، فڪري فيمينزم ۽ سوشلسٽ فينينزم جي روشنيءَ ۾ مقامي معيار کي ترجيح ڏيندڙ آھن، اُتي ڪي فيمينزم جا مطالعاتي ۽ مشاھداتي پاسا به کانئس نظر انداز ٿي ويا آھن، جن تي ھوءَ ڪو نئون فيمينسٽ ڪھاڻين جو مجموعو ڏئي سگھي ٿي.

ادبي، تخليقي ۽تنقيدي سطح تي فرزانه شاھين جون ڪي ڪھاڻيون فني طرح به نھايت ڪمزور آھن، جيئنءَ سندس ڪھاڻي ”ٻه لڙڪ آلا تڏھن ڀي ھوندا“ ھڪ ڪمزور تاثراتي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ڪھاڻي پڻو ئي ڪونھي. ڪردارن ۾ به ڪو تحرڪ  ڪونھي، جو پنھنجي قِسمت تبديل ڪري سگھن. ڪھاڻي روايتي پلاٽ ۽ روايتي ڪلائيمڪس جي ڪري متاثر ڪرڻ جي سگھ به نٿي رکي، رڳو رُومانوي احساسن جي ڪٿا، ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪا جان پيدا ڪري نه سگھي آھي. ساڳي طرح ڪھاڻي ”سوال“ به ٻاراڻي ادب جي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ روايتي طور تي ھڪ ڇوڪرو ٻارن جي شيءِ کپائيندي روڊ تي ٽرڪ جي ھيٺيان اچي وڃي ٿو. اِھڙي ڪھاڻي ته مون به ”ڪنھن کي ڏيان ڏوھ“ جي نالي سان نائين درجي ۾ پڙھندي لِکي ھئي، جيڪا  ھلال پاڪستان اخبار جي ٻاراڻي ادب جي صفحي”گلڙن جھڙا ٻارڙا“ ۾ شايع ٿي ھئي. گھٽ ۾ گھٽ ھن طرح جي ڪھاڻين کي مجموعي ۾ شامل ڪري، ڪتاب جي ادبي معيار کي ڌڪ رسايو ويو آھي. ڪھاڻي ”روح جا زخم“ به اڳواٽ ڪتاب ۾ موجود ڪھاڻي ”ورتاءَ جا وڍَ“ جو ورجاءُ لڳي ٿي، جنھن ۾ مرڪزي ڪردارن واريون ٻئي شادي شُده عورتون پنھنجي بيمار يا پوڙھن مڙسن جي ڪري جنسي بُک جو شڪار ٿي، غلط رستا اختيار ڪن ٿيون ۽ ٻي ھنڌ جنسي ٻوسٽ مِٽائڻ وڃن ٿيون. ساڳي موضوع ۽ ساڳي ٽريٽمينٽ تحت ڪھاڻي ”ورتاءَ جا وڍ“ اڳواٽ ڪتاب ۾ شامل ھئي ته ڪھاڻي ”روح جا زخم“ ڏئي، ڪتاب جي ڪھاڻين جو صرف مقدار وڌائڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي؟ ڪھاڻي ”سسئي ۽ سُورَ“ شائسته ۽ سسئيءَ جي تلخ ۽ اجاين مڪالمن جي خوامخواه ڊيگھ تي مشتمل ڪھاڻي آھي. شائسته ڏانھن سسئيءَ جو ساھيڙيءَ جي روپ ۾ ايترو سخت رويو عقل، منطق ۽ معاشرتي محرڪ کان ڪوھين ڏُور ٿو نظر اچي ۽ ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ويتر سسئيءَ جي پنھنجي نالي تبديل ڪرڻ سبب، سندس مڙس جو مرڻ به عجيب وھمي ۽ دقيانويسي لقاءُ ۽ تاثر آھي، جيڪو ھِن سائنسي ۽ ڊجيٽل سماجي صورتحال ۾ سماجي محرڪن کان محروم لقاءُ ۽ تاثر آھي.

اُھا عجيب ڳالھ آھي ته ھِنن ڪھاڻين ۾ عالمي سطح جي عورت زاد تحريڪ جو اعلي شعور به آھي ته موجوده پوسٽ ماڊرن صورتحال تي تنقيد ڪندڙ ڪھاڻيون به آھن ته ٻي طرف ”سسئيءَ جا سُورَ“ جھڙيون مدي خارج ڪھاڻيون به ڏنيون ويون آھن، ڇاڪاڻ ته ھِن قِسم جي ڪھاڻين مان صرف قدامت پسنديءَ جھلڪي ٿي. ھِن ڪتاب ۾ ڪھاڻي، ”اڌوري محبت“ فيس بڪ تي ٿيندڙ محبت جي موضوع جي نواڻ ته کڻي اچي ٿي، پر ڪھاڻيءَ جو پلاٽ سگھارو ڪونھي ۽ ڪلائيمڪس به اثرائتو ڪونھي، ڇاڪاڻ ته ھن ڪھاڻيءَ ۾ فيس بڪي ميسينجر تي پلجندڙ ڪوڙي محبت کي ھڪ عورت لاءِ اھڙو ته دردناڪ انداز ۾ ڏيکاريو ويو آھي، جو ڪھاڻيءَ ۾ عورت کي وڇوڙي وڍَ جيئري ئي ماري ڇڏين ٿا، جيڪا صورتحال غير حقيقي ۽ فرضي لڳي ٿي. جيڪڏھن سچي محبت به ھئي ته ھُن ڇوڪريءَ ھڪ ٻي مرد سان شادي ڇو ٿي ڪري؟ ٻنھي جو رابطو وري ويھن سالن بعد صرف ان ڪري ٿو ٿئي، جو ڇوڪرو ٻاھرين ملڪ ھلي ٿو وڃي؟ فيس بڪ ۽ جديد ڪميونيڪيٽ سماج جي سھولتن واري سماج ۾ اھڙي ڪھاڻي من گھڙت لڳي ٿي. ڪھاڻي ”ماني چور“ ھڪ سٺي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ھڪ ٻھراڙيءَ جي گونگي عورت، مڙس مرڻ بعد ڏير سان پرڻائي ٿي وڃي، پر گھر ۾ کيس ماني ڀور کڻن تي به مارڪُٽ ۽ گاريون گند ڪري کيس مانيءَ چور ڪوٺيو ڃي ٿو، جنھن ڪري ھوءَ کوھَ ۾ ٽپو ڏئي خود ڪشي ڪري ٿي. ساڳي طرح فرزانه جي ڪھاڻي ”ڳوليان ڳوليان م لھان“ روايتي رومانويت جي جمود کي ٽوڙي ٿي ۽ مائٽن پاران ارينج ميريج کي دوست ثابت ڪري ٿي جڏھن ته ”يادن جا وکريل پنا“ ڪھاڻي، لفاظيءَ تي مبني ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ واقعاتي ڪو ڳر ڪونھي ۽ عشق نه پڇي ذات به وڏيري جي پُٽ ۽ باگڙياڻيءَ جي وچ رومانس تي مشتمل ھڪ روايتي ڪھاڻي آھي. ھن مجموعي ۾ ٻاويھ ئي ڪھاڻيون ڏيڻ کان بھتر ھو ته صرف چونڊ سٺيون سگھاريون ڪھاڻيون ڏنيون وڃن ھا! ھِن ڪھاڻي مجموعي ۾ ڪھاڻي مت، حلال جي ڪمائي، پنھون پاڻ ٿياس، نظرياتي ماڻھو، مون پڪ سڃاتا، ورتاءَ جا وڍ، مٺيون ڳالھيون ۽ جيجل منھنجو جيئڙو اھم ۽ سٺيون ڪھاڻيون آھن. باقي ڪجھ ڪھاڻيون اڳواٽ موجود ڪھاڻين جي ضمني پيداوار آھن. ڪي ڪھاڻيون صفا روايتي آھن، ڪجھ ڪھاڻيون اڳ به ڊرامن ۾ ڏسندا رھيا آھيون، جن جو ھتي ڄڻ ته ورجاءُ ٿيو آھي ۽ ڪن ڪھاڻين جھڙا ساڳيا پلاٽ ۽ ساڳيا ڪلائيمڪس اڳ به پڙھيل آھن. ھن ڪھاڻيءَ مجموعي ۾ ڪھاڻين جي ٻولي/ اسلوب نھايت تخليقي، شاعراڻو ۽ خوبصورت آھي ۽ اُڻاوت به سولي سادي ۽ عام فھم آھي ۽ ڪتاب جي ٻاويھن مان نوَ ڏھ مذڪوره ادبي ڊسڪورس ھيٺ ايندڙ ڪھاڻيون، معياري ڪھاڻيون چَئي سگھجن ٿيون. ھِنن ڪھاڻين جي وڏي خوبي ھيءَ آھي ته اُھي ڪھاڻيون طويل ۽ بور ڪندڙ نه آھن، پر ڪھاڻين جا عنوان معمولي نوعيت جا آھن، پر فرزانه جي ڪھاڻين جي انفراديت ھيءَ آھي ته انھن ۾ موجوده پوسٽ ماڊرن صورتحال به آھي ته وري اڪثر ڪھاڻيون ڪنھن نه ڪنھن بيت يا شعر جي فلسفي سان ڳنڍيل آھن، جنھن ڪري ائينءَ به چَئي سگھجي ٿو ته سندس ڪھاڻين ۾ قدامت پسندي ۽ جدت ھڪ ٻئي جي سامھون حالتِ جنگ ۾ آھن.

 

(ٻه ماھي ادبي ميگزين ”چانڊوڪيءَ“ مئي-جون۲۰۲۱ع جي شُماري ۾ ڇپيل. خليق ٻگھيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل).

No comments:

Post a Comment