Friday, May 28, 2021

ٽيڪسٽ مسيج - غفار سومرو

ٽيڪسٽ مسيج

فلئش فڪشن

غفار سومرو



پوري هڪ سال کان پوءِ اڄ شام ۲۰ مئي ۲۰۲۱ع تي سج لٿي کان ٿورڙو اڳ، سندس ٽيڪسٽ مسيج مليم. لکيو هئائين؛ “ڪيئن آھيو!”

مسيج پڙھي سوچن جي سمونڊ ۾ لڙھندو ويس. يادگيرين جو ڪو بتيلو من جي لهرن تي ٻڏڻ ترڻ لڳو. ٻڏندي ٻيڙيءَ جي مون کي رڳو هڪڙي هريڙ هٿ آئي. ياد آيم؛ سندس آخري ٽيڪسٽ مسيج.


گذريل سال اڄوڪي ڏينهن يعني مئي مهيني جي ۲۰ تاريخ جي اُها شام، جڏھن پنهنجا ٻاجهارا پر پکيڙي اڱڻ تي لهي رهي هئي، مون ويٺي شاھ جو سر “ليلان چنيسر“ جهونگاريو. تڏھن موبائل تي مسيج ٽيون وڄڻ لڳي هئي. شاھ جي رسالي ۾ لڳل نيرڙو ريشمي ڌاڳو نشاني طور رکي بند ڪري سائيڊ ٽيبل تي رکيم، موبائل کڻي مسيج پڙھڻ لڳس.

لکيو هئائين؛ ”آئينده مون کي ڪال، مسيج وغيره نه ڪجو، آئون هاڻ اوهان سان ڪو به رابطو رکڻ نه ٿي چاهيان، گڊ باءِ!”

سندس مسيج پڙھي، اچرج جي جهان ۾ هليو ويس، ماٺ وڪوڙي ويم، سوچيندو رهجي ويس ته؛ ”اهڙو مون ڇا ڪيو آھي جو هوءَ مون سان رابطي جي گهٽين جا سڀ گس بند رکڻ گهري ٿي. هيڪر سوچيم ته سبب پڇانس، پوءِ سوچيم؛ پر ڇو! وري خيال آيم ته رڳو اوڪي لکي ڇڏيانس.

پر کيس هڪڙو لفظ او ڪي به ڪو نه لکي سگهيم، ڇو ته هن پاڻ آئينده ڪو به مسيج ڪرڻ کان روڪيو هو.

ياد ٿو اچيم ته گذريل سال کان  بلڪل چار مهينا پهرين ڪنهن دوست کي ٽيگ ٿيل سندس ڪهاڻي ”عشق“ پڙھي هيم، پيار جي موضوع تي ڪهاڻي ڏاڍي وڻي هيم ۽ هڪ تعريفي ڪمينٽس ڪري ڇڏيم، شايد منهنجو ڪمينٽس کيس وڻي ويو هو، هڪ گهڙي کان پوء  سندس فرينڊ ريڪيوسٽ  اچي ويم، ڪنفرم ڪرڻ کان اڳ سندس وال جاچيم، خوبصورت تصويرون، ڪهاڻيون ۽ نثري نظم هڪ نظر ڏسندي ريڪيوسٽ قبول کڻي ڪيم.

ٿوري دير بعد سندس مسيج پهتو؛ ”تعارف!”

مختصر تعارف لکي موڪليم.

پڇيائين؛ “اوهان به لکندا آھيو!“

 چيم؛ “ادب جو شاگرد آھيان، ٿوريون ٿڪيون ڪهاڻيون لکيون اٿم، وال تي ڏسي سگهو ٿا!”

سندس ٻيو مسيج ڪونه آيو، تڏھن مون ٽيبل تان  شاه جو رسالو کڻي ورتو ۽ سر “ليلان چنيسر” جو مطالعو ڪرڻ لڳس. ڪلاڪ سوا بعد منهنجي وال تي  رکيل مختصر ڪهاڻين تي سندس وقفي وقفي سان “نائس” جا ڪمينٽس اچڻ لڳا ۽ آئون مرڪي پيس.

تنهن رات هڪ ڀيرو ٻيهر سندس مسيج آيو؛ ”سٺو ٿا لکو!”

موٽ ۾ سندس ٿورا مڃيم. تڏھن هن پنهنجي هڪ ٻي ڪهاڻيءَ جي لنڪ موڪلي. موٽ ۾ کيس آڱوٺي وارو اسٽيڪر موڪليم، هن جهٽ ۾ دل وارو اسٽيڪر سينڊ ڪيو، جنهن مان کوڙ ساريون  ڳاڙھي رنگ جو دليون کنڀ ڦڙڪائيندي مٿي اڏامنديون ويون، چپن تي ھلڪي مرڪ ڦهلجي ويم. الائي جي ڇو تنهن رات ننڊ نيڻن جي ڀاڪرن کان رسي ويم، موبائل آف ڪري، وهاڻي تي مٿو رکي آسمان ۾ چنڊ تارن کي تڪيندو رهيم، ڏکڻ جي ٿڌڙي هير گهڻيون ئي لوليون ڏئي سمهارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ننڊ ديوي ويجهو ئي ڪونه آيم، نيٺ  ٻيهر موبائل آن ڪري هن جي ڪهاڻي پڙھڻ شروع ڪيم. توڙي جو ڪهاڻي گهڻي ڊگهي هئي پر رات جي وڳري ۾ ڪهاڻي پڙهندي ائين ڀائنيم ڄڻ آئون هندوري ۾ جهولندو هجان، خبر ناهي ڪهڙي وقت ڪهاڻي ختم ٿي ۽ مون کي ننڊ کڻي وئي. صبح جو جڏھن جاڳيم ته راتوڪي ڪهاڻي پئي مٿي ۾ ڦيريون پاتيون، چانھ جون چسڪيون ڀريندي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪهاڻي ڳولي هڪ سٺو تعريفي ڪمينٽس لکي ڇڏيم.

منجهند تائين ڊيوٽي دوران موبائل ورائي به ڪو نه ڏٺم. واپس گهر اچي جيئن ئي موبائل کوليم ته نوٽيفڪيشنس ۽ مسيجز جا ٽڙڪا ٿي ويا، جن مان رڳو چار مسيج ته سندس هئا.

لکيو هئائين؛ ”ڪهاڻي پڙھڻ ۽ اتساه ڀريو رايو لکڻ لاء لک ٿورا!“

“اوهان ڏاڍا سٺا آھيو!”

“مون توهان کي سرچ ڪيو آھي، اوهان ٻين مردن جيان ٽرڙا ڪو نه آھيو!”

“پنهنجو خيال رکندا!“

سندس آخري مسيج پڙھندي مرڪي ڏنم بس! پنهجي من آڳر تي سندس لاءِ عزت، احترام ۽ پيار جا گل ٽڙندي محسوس ڪيم. تنهن بعد هوءَ مون سان ايتري حجائتي ٿيندي وئي جو مسيجز، واٽس ايپ تي خوب ڪچهري ڪندي هئي. ادب، شاعري، ڪهاڻين تي ڊسڪس ڪندي رهندي هئي. ذاتي زندگيءَ بابت پنهنجا ويچار ونڊ ڪندي هيم. آئون به ساڻس بي حجاب دوستن جيان پيش ايندو رهيم پر ڪڏھن به ڪجھ اهڙو تهڙو نه سوچيم ۽ نه ئي چيم، جنهن سان سندس من ۾ مون لاءِ ڪو مير پئدا ٿئي. مون کيس رڳو هڪ سٺو قلمي دوست ٿي ڀانيو. پنهنجي من ۾ هن لاءِ باقي ڪنهن به احساس کي جنم وٺڻ ڪو نه ڏنم. هن جيان آئون به سندس تصويرن، ڪهاڻين ۽ نثري نظمن تي دل وارا اسٽيڪر موڪليندو رهيم. کيس اتساهيندي پاڻ کي هڪ سٺو دوست ثابت ڪندو رهيم. هڪڙي رات هن ميندي رتن هٿڙن جي تصوير اماڻي.

هڪدم لکيم؛ “خوبصورت!”

لکيائين؛ “اڄ رات منهنجي شاديء ٿي رهي آھي!”

مون دل وارو ايمو موڪلي ڇڏيو ۽ لکيم؛ “مبارڪون!”

هن هڪدم ڳوڙھا وهائيندڙ  سيڊ اسٽيڪر موڪليو ته پريشان ٿي ويم. سوچڻ لڳم؛ شايد سندس شادي مرضي موجب ڪو نه پئي ٿئي. هوءَ هن شاديءَ مان خوش ڪو نه آھي. لکيم؛ “شاديء مان خوش ته آھيو نه؟”

گهڻي دير گذري وئي پر هن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو، هڪ ڀيرو ٻيهر ننڊ نيڻن مان اڏامي وئي، اداسي وڻ ويڙھي جيان وڪوڙڻ لڳي،سندس جواب جو انتظار ڪندي ڪندي الاءڪهڙي وقت اک لڳي ويم، وري به سندس وال تي وڃي ڏٺم، هو آف لائن هئي ۽ پوءِ لڳاتار سوشل ميڊيا تان غائب رهڻ لڳي. مان به پنهنجي ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي ويم، هڪڙي شام سندس مسيج موصول ٿيم.

لکيو هئائين؛ ”آئينده مون کي ڪال،مسيج وغيره نه ڪجو،آئون هاڻ اوهان سان ڪوبه رابطو رکڻ نه ٿي چاهيان، گڊ باءِ!”

۽ هاڻ  پوري هڪ سال کان پوءِ اڄ شام ۲۰ مئي ۲۰۲۱ع تي سج لٿي کان ٿورڙو اڳ، سندس ٽيڪسٽ مسيج مليم. لکيو هئائين؛ “ڪيئن آھيو؟”

مسيج پڙھي سوچن جي سمونڊ ۾ لڙھندو ويم. يادگيرين جو هڪ بتيلو، من جي لهرن تي ٻڏڻ ترڻ لڳو. سوچڻ لڳم؛ کيس جواب ڏيان يا نه. جي جواب ڏيان به ته ڪهڙو؟ انهيءَ اڻ تڻ ۾، ڳچ وقت گذري ويو. تڏھن سندس ٻيو مسيج آيو. لکيو هئائين؛ “آئون هن وقت پيڪن ۾ ٿي رهان. مڙس مون کي گهران ڪڍي ڇڏيو آھي ۽ آئون اميد سان به آھيان!” تڏھن مون کيس هڪدم ڳوڙھن ڀريو سيڊ اسٽيڪر، سينڊ ڪري ڇڏيو!


(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ مئي ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment