Monday, May 10, 2021

سِبيل چپ - فرواه ميمڻ

سِبيل چپ

مختصر ڪھاڻي

فرواه ميمڻ



ڪائنات، وڏي ڀاءُ منصور جي اڳيان چانھ جو مگ رکي، ڀر ۾ پيل موڙي تي ويھندي، منھن تي اطمينان واري مُرڪ مُرڪندي، چوڻ لڳي؛ ”ادا منصور! اَدا! مون کي هڪ نوڪريءَ جي آفر ٿي آهي. جيڪڏهن اوهان اجازت ڏيو ته مان ايندڙ سومر جي ڏينھن جوائن ڪريان؟“

”نوڪريءَ جي آفر پر ڪٿي ۽ ڪھڙي کاتي ۾؟“ منصور اخبار تان نظر ھٽائيندي پڇيس؛ ”ڏسجانءِ ڪائنات ٽيچنگ واري شُعبي کان سواءِ مان تو کي ڪٿي به نوڪري ڪرڻ جي اجازت نه ڏينديس!“


منصور جا لفظ ٻڌندي ئي، ڪائنات جي چپن تان مُرڪ اُڏامي وئي. سندس وجود تي ڄڻ ڪنھن وزني پٿر اُڇلي ڇڏيو ھُجي. ڪجھ ڳالھائي نه سگھي ھُئي. بس! سوچيندي ئي رھجي وئي...

”ڏس! ڀيڻ ماحول خراب لڳو پيو آ. هاڻ ته ادارن ۾ حَياءَ وارا ماڻھو ئي ناهن رهيا .... ٽيچنگ وري به صحيح آهي. ٽيچنگ واري شُعبي ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر ڪجھ نه ڪجھ لڄ شرم رهيو آهي....“ منصور ڪائنات جو پريشان چھرو پڙهندي، ڌيرج سان وراڻيو.

ڪائنات جي چھري تان اُميد جون لڪيرون گم ٿي ويون هُيون. ھاڻي اھي نااُميدي ۽ مايوسي جا تاثر ڇڏي رهيون هُيون. ٻي ڳالھ ته سندس اظھار ڪرڻ کان اڳ ئي، ڀاڻس منصور ڄڻ چپن تي ماٺ جو تالو لڳائي ڇڏيو هُيو. ڪائنات ائين پئي محسوس ڪيو ڄڻ هُن اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا منصور جو اعتماد ٽوڙيو هُجي، جو کيس اڳواٽ ئي خبردار ڪري رهيو هُيو.

”ڀيڻ! وري به ٻڌاءِ ته سھي! ڪھڙي کاتي ۾ نوڪريءَ جي آفر ٿي آهي؟“ منصور، ٻيھر ڳالھائيندي، ڪائنات کان پڇيو.

مسلسل ساڳيو ئي سوال، ڀاءُ جي واتان ٻُڌي ڪائنات کي پنھنجا چپ چورڻا پيا.

”بس اَدا رهڻ ڏيو! مون چاهيو پئي ته نوڪري ڪري گھر جي خرچ پکي ۾ اوهان جو هٿ ونڊائيندس ۽ تبسم جي به پڙهائيءَ جو بندوبست ڪري وٺندس! ڇاڪاڻ ته توهان جي آمدني ته گھر جي ضرورتن ۽ ڪرايي ۾ ئي ختم ٿيو وڃي.“ ڪائنات اھو سڀ ڪجھ هڪ ئي ساهي ۾ چئي ڏنو.

اهو ته سڀ ٺيڪ آهي! پر نوڪري آهي ڪھڙي کاتي ۾؟“ منصور چانھ جي سِپ ڀريندي پڇيو.

“ادا....؟ اَدا.... ھڪڙي اين جي اوز، ۾ نوڪري آهي. اُن ۾ منھنجي سھيلي جويريہ پڻ نوڪري ڪندي آهي. مون کيس جاب لاءِ چيو هُيو.“ ڪائنات ڊنل انداز ۾ وراڻيو.

اھو ٻڌي منصور جو منھن، ڪاوڙ منجھان ڳاڙهو ٿيڻ لڳو ۽ باھ جيان اُلا اڀرڻ لڳس.

”بس ڪر! وڏي آئي آ نوڪري ڪرڻ واري! ڪن کولي ٻڌي ڇڏ! ٽيچنگ واري شُعبي کان سواءِ مان تو کي ڪٿي به نوڪري ڪرڻ نه ڏيندس! تو مونکي ايترو بيغيرت سمجھيو آهي ڇا؟ جو تُون اين جي اوز ۾ وڃي جاب ڪندينءَ!“ منصور ڪائنات ڏانھن ڏسندي ڳالھايو..

ڪائنات جي اکين جا بند ٽُٽي پيا ۽ احتجاجي انداز سان منصور کي چيائين؛ ”اَدا! اُن ۾ غيرت جي ڪھڙي ڳالھ آ! ٻيون به ڪافي ڇوڪريون، انھي ئي کاتي ۾ نوڪري ڪن پيون. اَدا! هي اوهان ڇا پيا چئو؟ اَدا ڇا اوهان کي پنھنجي ڀيڻ تي ڀروسو ناهي اَدا؟....“ ڪائنات وڌيڪ ڳالھائي نه سگھي. سندس اکين مان لُڙڪ، موتين جيان گلابي رنگت واري ڳلن مان هيٺ ڪرڻ لڳا.

منصور ڳالھائڻ ۾ نرمي آڻيندي چيس؛ ”ڏس ڀيڻ! ڀائرن جي لڄ، ڀينرن جي پوتيءَ ۾ هوندي آهي مون کي تو تي يقين آهي پر.....؟“

ڪائنات ڀاڻس منصور جي ڳالھ اڌ ۾ ڪٽيندي روئڻھارڪي انداز ۾ چيو؛ ”پر ڇا اَدا.....؟“

منصور پڪائي ڪري وراڻيو ته؛ ”ڀيڻ! اين جي اوز وارن جو ماحول ڏاڍو خراب آهي. اُن ۾ تو جھڙين شريف خاندان وارين ڇوڪرين جي عزت جو بچڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آهي. خبر اٿئي، هڪ عام ڇوڪري، پنھنجي سپروائيزر کان ويندي هڪ پراجيڪٽ آفيسر تائين، بليڪ ميل ٿيندي رهندي آهي. مان نه ٿو چاهيان ته ....“

منصور اھي لفظ چئي چپ ٿي ويو ۽ اڳتي ڳالھائڻ جي سگھ وڃائي ويٺو.

منصور اهڙي طريقي سان پنھنجي ڀيڻ ڪائنات کي خبردار ڪري رهيو هُيو ڄڻ هو ڪنھن خُوني جانور کي پاڻ سونپي رهي هئي.

ڪائنات دل ئي دل ۾ جاب ڪرڻ جو ارادو ختم ڪري ڇڏيو ....

منصور، گھر ۾ پنھنجي ٻن ڀينرن ڪائنات ۽ تبسم جو اڪيلو ڪمائڻ وارو ڀاءُ هيو. سندن ماءُ ٻاروتڻ ۾ ئي وفات ڪري وئي هُئي ۽ سندن پيءُ، ٻي شادي ڪري، پنھنجو الڳ گھر وسايو هُيو. گھر جو سڄو ڪاروهنوار منصور جي ذمي هُيو. منصور شھر ۾ ڪنھن هوٽل تي مينيجر طور ڪم ڪندو هُيو. سندس پگھار مان گھر جو خرچ مس پورو ٿيندو هُيو. ڀاءُ جي مدد ڪرڻ جو سوچي ڪائنات پنھنجي سھيلي جويريہ کي پنھنجي سي وي CV ڏني هُئي ۽ جڏهن جاب جي آفر ٿيس ته سندس اندر ۾ هڪ اُميد جاڳي. تنھن تي سندس ڀاءُ منصور جي سوچ، پاڻي ڦيڙي ڇڏيو. ان، ڪائنات کي اين جي اوز ۾ جاب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني...

منصور چانھ جي آخري سُرڪي ڀري رهيو هُيو ته سندس موبائيل جي رنگ وڳي. ڪال اٽينڊ ڪري، منصور ڳالھائڻ لڳو؛ ”هيلو! منصور هڪ گڊ نيوز آهي...“ موبائيل تي سندس پريمڪا سحرش ڳالھائي رهي هُئي.

سحرش ۽ منصور جي پھرين ملاقات، اُن هوٽل ۾ ئي ٿي هئي، جتي منصور مينيجر طور ڪم ڪندو هُيو. هُنن اُتي ئي هڪ ٻئي کي اکين ئي اکين ۾ محبت جا سنيھا ارپيا هيا. پوءِ سحرش اڳڀرائي ڪري پنھنجي دل جو حال منصور کي ٻڌايو هُيو. منصور، جيڪو اڳ ۾ سحرش کي دل ڏئي ويٺو هُيو سو سحرش جي اظھار ڪرڻ کان پوءِ، کيس منع ڪري نه سگھيو. ائين ئي ٻئي، هڪٻئي سان ويجھا ٿي ويا. هڪٻئي کي چاهڻ لڳا. منصور چانھ جو ڪپ، ميز تي رکندي، سحرش کان پڇيو؛ ”خير تي آهي نه سحرش ڪھڙي گڊ نيوز....؟“

 ”ها سڀ خير آهي! منصور مون کي اين جي اوز ۾ بابا جي سفارش سان نوڪري ملي آهي!“ سحرش وراڻيو.

سحرش جي اها ڳالھ ٻڌندي ئي منصور جو مٿو ڦرڻ لڳو. منصور، پنھنجو پاڻ کي بُت محسوس ڪرڻ لڳو!

”سحرش! ڇا تُون اين جي اوز ۾ نوڪري....“

”ھا منصور! اين جي اوز ۾ جاب ڪرڻ جو منھنجو ننڍپڻ کان ئي شوق هُيو ۽ مان اھا نوڪري هر حال ۾ ڪنديس....“

ڪائنات کي سامھون ڏسي، منصور جا چپ سبجي ويا. سِبيل چپن سان، فون تي، سحرش سان ھون ھان ۾ ڳالھائڻ لڳو ....


(فرواه ميمڻ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۰ مئي ۲۰۲۱ع تي کنيل)


No comments:

Post a Comment