Showing posts with label سِبيل چپ، مختصر ڪھاڻي، فرواه ميمڻ، افسانو، فلئش فڪشن،. Show all posts
Showing posts with label سِبيل چپ، مختصر ڪھاڻي، فرواه ميمڻ، افسانو، فلئش فڪشن،. Show all posts

Monday, May 10, 2021

سِبيل چپ - فرواه ميمڻ

سِبيل چپ

مختصر ڪھاڻي

فرواه ميمڻ



ڪائنات، وڏي ڀاءُ منصور جي اڳيان چانھ جو مگ رکي، ڀر ۾ پيل موڙي تي ويھندي، منھن تي اطمينان واري مُرڪ مُرڪندي، چوڻ لڳي؛ ”ادا منصور! اَدا! مون کي هڪ نوڪريءَ جي آفر ٿي آهي. جيڪڏهن اوهان اجازت ڏيو ته مان ايندڙ سومر جي ڏينھن جوائن ڪريان؟“

”نوڪريءَ جي آفر پر ڪٿي ۽ ڪھڙي کاتي ۾؟“ منصور اخبار تان نظر ھٽائيندي پڇيس؛ ”ڏسجانءِ ڪائنات ٽيچنگ واري شُعبي کان سواءِ مان تو کي ڪٿي به نوڪري ڪرڻ جي اجازت نه ڏينديس!“