Thursday, May 13, 2021

پل جي پار - نصرت سڪندر چانڊيو

پل جي پار

ڪهاڻي

نصرت سڪندر چانڊيو



ٻني جي ڪپ تي لڳل ٽالھي جي گهاٽي وڻ جي ٽارين تي پکين جي چهڪار مان شمع کي لڳو ڄڻ اهي پکي کيس ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. ورھين پڄاڻان کيس سندس مڱيندي دلبر جي ياد ورايو، جنهن تي هو بيقرار ٿي پئي. کيس اڄ تائين به سمجهه ۾ نه آيو ته ڇو دلبر شادي کان ڪجهه ڏينهن ۾، هڪ رات جو اوچتو ئي اوچتو ڳوٺان گم ٿي ويو ۽ وري ڪڏهن به ڳوٺ جو رخ نه ڪيائين. هو مال جي واڙي مان ڏاڏهنس جي ڍاٽڪي نسل جي سهڻي ۽ ڊگهي ڳچيءَ واري ڏاچي ڇوڙي ڀڳو هو ۽ ڪنهن کي به خبر نه پئجي سگهي ته هن ڪيڏانهن منهن ڪيو. اهو ويهه سال پراڻو گهاءُ سندس دل ۾ بهار اچڻ سان تازو ٿي پوندو هو. دلبر جنهن کي تڏهن اڃا اڀي منهن تي مڇن جي ساول مس آئي هئي، جي اوچتي گم ٿي وڃڻ کانپوءِ ويڙهي ۾ وير پيو، سبحان جي پيءُ ۽ چاچن ڪهاڙيون اڀيون ڪيون، گهر ۾ شادي جا سهرا ٿي هليا، گهوٽ جا ڀائر پاڙي جي هر گهر مان کٽون هنڌ کڻندا انهن تي نالا لکندا پئي ويا، جيئن موٽائڻ مهل سولائي ٿئي. هيڏانهن گهوٽ بنا ٻڌائي گم ٿي ويو، ڄڃ ۾ ٻائتال مچي ويو. هر مائي مرد ننڍي جي زبان تي اها ئي ڳاله هئي. سهرا ڳائيندڙ ماين به پاڻ ۾ سس پس شروع ڪئي؛

”پڪ ڇوري نڀاڳي آهي...“


خبر سڄي ڳوٺ ۾ باه وانگر پکڙجندي، وڃي ڪنواريتن تائين پهتي. شمع جي ماءُ ڦيرائي پاڻُ پٽ تي هنيو. کيس ڏندڻ پئجي ويا.

شمع جا چاچا ۽ پيءُ دلبر وارن کان اهڙي بيعزتيءَ جو پلاند ڪرڻ آيا. پر دلبر وارن جو ڏاڏو رمضان جيڪو مٿي ۽ ڏاڙهي جي وارن کي ميندي سان ڳاڙهو ڪري گهمندو هو، اهو ڏاهو مڙس ۽ زماني جو ماڻهو هو، هن اوطاق ۾ ويٺل مهمانن کي چيو هو:

”اوهان جي نياڻي هاڻي اسان جو ننگ آهي، شادي ساڳي ڏينهن تي ئي ٿيندي، هاڻي دلبر جو ڀاءُ معشوق اوهان جي نياڻي سان لانئو لهندو.“ اهو ٻڌي شمع جي پيءُ جي ڪاوڙ جهڪي ٿي ۽ اوطاق مان نڪري ويا. پيءُ ۽ چاچن جي لڄ رکڻ لاءِ شمع، معشوق جي ڪنوار ٿي. پر سندس دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڃا به دلبر جي ياد مندر ۾ ڪنهن بُت جيان سانڍيل هئي. بهار جي اچڻ سان اها ياد تازي ٿي ويندي هيس. هن ڏاٽو گاهه جي ڀري ۾ هڻندي وڻ ۾ ٻوليندڙ پکين ڏانهن ڏٺو. کيس لڳو ڄڻ اهي پکي کيس دلبر جو ڪو نياپو ڏيڻ آيا هجن. شمع، هاڻي زندگيءَ جون ڇٽيهه بهارون ڏسي چڪي هئي. هوءَ وچولي قد جي ڀريل جسم واري مائي هئي. ڪاريون اکيون ۽ جسم جو رنگ ڪڻڪائون، ڪارا ڊگها وار. ڏاٽي سان گاھ ڪندي ڪندي، سندس هٿن تي ايتريون ليڪون اچي ويون هيون جو انهن ليڪن ۾ سندس قسمت ۽ محبت جون ليڪون لڪي ويون هيون. هن پکين مان نظرون ڪڍي وري ڪم ڏانهن ڌيان ڏنو. 

دلبر جي مامي نصير جو يارنهن سالن جو راشو ۽ نون سالن جو پٽ ساجو گليل کڻي ٻني کان اچي نڪتا. شمع کين پري کان ايندي ڏسي ورتو. راشو گليل ۾ گليلو رکي، ڳيري جو نشانو ورتو. ان تي شمع  ڪاوڙ مان رڙ ڪري کين چيو:

”اڙي ڇورا خدا جو ڪو قهر پئيوَ، ڇو ٿا ساسين کي ستايو؟“

”چپ ڪري پنهنجو ڪم ڪر.“ راشو هن کي ڇڙٻ ڏني ۽ ڳيري جو نشانو ورتو. شمع ڏاٽو سڌو ڪري هنن ڏانهن ڀڳي....

”راشو.... راشو..... جيجي پاڻ ڏانهن پئي اچي........“

ساجو شمع  کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي ڀؤ مان چيو. راشو جي نظر به هن ڏانهن وئي، سندس هٿ ۾ ڏاٽو ڏسي هو به ڊڄي ويو. کيس ٻيو ڪجهه سمجهه نه آيو ۽ گليل سان ڳيري بدران شمع جو نشانو ورتائين. جيئن گليلو شمع کي لوندڙيءَ وٽ لڳو ته هن اچي پٽ تي ڦهڪو ڪيو ۽ وڻ ۾ ويٺل پکين سان گڏ، سندس روح جو پکي به ڦڙڪيون هڻندو آسمانن ڏانهن اڏامڻ لڳو.... ٻئي ڇوڪرا ويتر هيسجي ويا ۽ شمع کي ٻني ۾ ڇڏي گهرن ڏانهن ڀڳا.

ٻٽيهه سالن جي وچولي قد جي سانوري معشوق کي شمع سان ڪو گهڻو لڳاءُ ڪو نه هو. هو ته چوندو هو؛ ”رن اڄ مري ته جان ڇٽي.“ ڏينهن جو وڏو حصو ڀنگ پيئڻ ۽ جوا کيڏڻ ۾ گذاري ڇڏيندو هو. سج لٿي مهل، لڏندو لمندو، گهر موٽندو هو ته ويتر شمع کي داٻا ڏيندو هو. پهريون ڀيرو جڏهن هن واڙي مان گابو ڇڏائي جوا ۾ هارايو هو ته گهر اچي شمع تي ڪڙڪيو هو ۽ سندس هڏ گڏ هڪ ڪري ڇڏيا هئائين. جوا ۾ هارائڻ جون سموريون ڪسرون، زال تي ڪڍيون هئائين. ايتري تائين جو سندس واڇن مان گگ وهڻ لڳي هئي ۽ هن کي پاسراٽيءَ ۾ لت هڻندي چيو هئائين: ”نڀاڳي تنهنجي ڪري ئي ٽوٽ پئي آهي.“

شمع جا چپ ڦاٽي پيا هئا ۽ انهن مان رت نڪتو هيس، ساڄي اک به ڌڪ جي ڪري سڄي وئي هيس.

منجهند ويل جڏهن شمع جو لاش گهر کڻائي آيا ته معشوق جي ذهن ۾ هڪ ٻي راند شروع ٿي وئي.....

”جيئري ته ڪم نه آئي پر رن مرڻ کانپوءِ ڪو فائدو ضرور ڏيندي.“ هن سوچيو. سندس سانوري منهن تي عجيب مرڪ اچي وئي، ٻيو خيال آيس ته مامي نصير کان سڱ چٽي طور ڪجهه ٽڪا ڪڍائي وٺندو ۽ پوءِ اٿي اوطاق ۾ اچي اعلان ڪيائين:

”مان ايتري تائين لاش نه کڻندس جيتري تائين مامو نصير چٽي نٿو ڀري ڏئي.“

اهو ٻڌي منڊي نصير جون وايون بتال ٿي ويون، منهن تي رکيل ٿلهيون مڇون، جن کي هو هر چوٿين ڏينهن خضاب هڻي ڪارو ڪندو هو تي هٿ ڦيري گهري سوچ  ۾ ٻڏي ويو. سندس نرڙ ۾ گهنڊ پئجي ويا. کيس هوڙون نه هجڻ ڪري ٻنهي پاسن کان کڏا هئا، انهن کڏن ۾ هو واري واري سان زبان هڻڻ لڳو. پوء مٿي تان ڳاڙهو اڇو رومال لاهي، ڪنڌ نوائي چيائين:

”مان سڱ چٽي ڀري ڏيڻ لاء تيار آهيان....“ اهو ٻڌي معشوق جي من ۾ آيو؛ هو وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلي. پر ان وقت هو پاڻ تي قابو ڪري ويو. شام تائين شمع جو لاش، ڳوٺ واري قبرستان ۾ پوري آيا.....

ٽئين ڏينهن سج لٿي مهل، جڏهن معشوق وارن تڏو کنيو ته نصير ساڄي بغل هيٺان ڪاٺ جي گهوڙي ڏئي، ان تي زور ڏيندو ٻنين جي ٻي پاسي ڀيڻ جي گهر وڃڻ لڳو. هو چونجاهه سالن جو همراهه هو. ستن سالن جي ڄمار ۾ پوليو جي ڪري ساڄي ٽنگ سڪي وئي ھيس ۽ تڏهن کان گهوڙين تي هلڻ لڳو ھو. نصير لاءِ سموري تر ۾ مشهور هو ته هو اڏامندڙ پکيءَ جا به پر ڳڻي وٺي. گهر ۾ مال به هيس ته ورثي ۾ ٻني ٽڪر به مليل هيس. وياج جي ڪمائيءَ مان موٽر سائيڪليون وٺي، اوڌر تي ٻيڻي رقم تي ڏيندو هو. وياج تي ڏوڪڙ به ڏنل هئس پر هاڻي وري پٽن جي ڪري ڏچي ۾ اچي ڦاٿو. هو ڀيڻ جي گهر اچي پهتو....

”ڌني...“

”او ڌني  ...“

”ڪنڌ لٿي ڪاڏي مري وئين ...“

گهر جي پڌر تي بيهي چوڌاري تڪيندي کاٻي هٿ سان مٿو کنهندي، ڀيڻ کي سڏ ڪرڻ لڳو.

ان وقت ڌياڻي سندس ڌيءَ سڪينه کي نلڪي ۾ وهنجاريو ٿي. هوءَ چاليهه سالن جي ٿلهي متاري مائي هئي، پر سندس ٻاويهه سالن جي ڌيءَ سڪينه جو هيٺيون ڌڙ ڄائي ڄم کان بي ستو هو. ڌياڻي، ستن تيلن سان ڌيءَ کي مالشون ڪندي رهي، پر سڪينه جي هيٺين ڌڙ جي جان نه موٽي سا نه موٽي. ڌياڻيءَ جي ڪن تي نصير جو آواز پيو ته نلڪي ۾ ئي سڪينه کي ڇڏي، ڀاءُ جي سڏن تي ڀڄندي آئي.

کٽ جي ٻانهينءَ کي ٻئي هٿ وجهي، ڇڪي آڻي، ٻير جي وڻ جي ڇانوري ۾ رکيائين ۽ مٿي تي رئو ٺيڪ ڪتط، ھٿ ڏئي نصير کي چيائين:

”جي ڪريان ڀاءُ کي، ويهه ادا....“

هوءَ پاڻ پيرانديءَ کان ٿي ويٺي.

”جي ادا ...ڪر حوال... ڀاڄائي ۽ ڪڪڙا چاق آهن؟“

انهي معاملي کي ڪاٿي پڄايوَ؟“

”ڇا ڇيندن!“

ويلي تي ڍور جيڏي زياني ٿا ڪن. اٽي تي چٽي.“ نصير، ڪنڌ ساڄي پاسي موڙي ٺڪاءَ ڪڍندي چيو. ڪجهه گهڙين جي ماٺ کانپوءِ پڇيائينس: ”تو واري ڇوري ڪاٿي.... نظر ڪو نه پئي اچي..... ڀڄي وئي ڇا؟ پر ڀڄندي وري ڪيئن؟“

ڌياڻيءَ تي نصير جا اهي جملا وڄ ٿي ڪريا.

ساڄي اک مهٽيندي، ڳوڙها اگهي ڳيت ڏنائين. اک جي تنري مان پچ ڪڍندي ورندي ڏنائين: ”هوءَ نلڪي هيٺان آهي، اٺن ڏينهن کان کيس ڪونه وهنجاريو آ، واندڪائي نه پئي ملي....“ .

”ها چڱي طرح مهٽي مر ڌر لاهينس پرڻاياس ٿو.“ نصير، بنا ڪو تاثر ڏيندي، چيو....

”پر ادا هوءَ ته ....!“ ڌياڻيءَ لفظ ڪڍي وات تي هٿ ڏنو.

”ڇڏ پر ور کي! مون وارن ڇورن، معشوق جي زال شمعي کي ماري وڌو آهي. هاڻي اهو جواري موالي معشوق چئي ٿو؛ سڱ چٽي ڀري ڏيو. مان به اهڙي چٽي ٻوٿ ۾ ٿو هڻانس جو سڄي زندگي پيو ياد ڪندو ته ڪو مڙس گڏيو هوس.“ هن ڪاٺ جي گهوڙي کي پيرانديءَ ۾ ڦاسائيندي چيو. اهو ٻڌي ڌياڻي ڪنڌ جهڪائي ماٺ ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي. ڪري به ڇا ٿي سگهي. مڙس اڌ رنگ ۾ هڪ کٽ تي پيل. اهو ڀاءُ ئي چار داڻا ان جا ڏيندو هو. سو بي وسي جهوري وڌو.

ڪنن تي ڀاءُ جو رکو آواز پيس: ”اها منڊي ڪير وٺندئي؟“

نصير جي ڳالهه کي ٽارڻ وارو ڪو ويڙهي ۾ ئي نه هو. ڌياڻي ته پوءِ به سندس ڀيڻ هئي. نيٺ هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيائين. ايتري ۾ سڪينه سڏيس:

”امان.... او امان ڄارو مڇر پٽي ويا ...“ ڌياڻي اٿي ڌيءَ ڏانهن ڀڳي. نصير، سٿڻ جا ور ٺاهيندو، روانو ٿيو.

جڏهن معشوق کي اها خبر پئي ته سندس مامو، هن سان ٺڳي ڪري سڪينه جهڙي جڏي ڇوڪري سڱ چٽي طور سندس مٿي ۾ هڻي رهيو آهي ته سندس من اندر ۾ باهه لڳي وئي ۽ اوتاري تي ڀنگ جو سمورو ڪونڊو اڪيلو ئي سر ڪري ويو. پر مامي جي ڳالهه کي ٽاري نه سگهيو ۽ وري موڙ ٻڌي گهوٽ ٿيو. انهي ئي هفتي ۾ سڪينه سان نڪاح وجهي معشوق کيس گهر کڻائي آيو.

اهو شام جو وقت هو. معشوق اوتاري تي ويٺل هو. ان شام جو اوتاري تي هڪ نئون همراهه آيو. اهو پڪي عمر جو ڀريل جسم وارو همراهه هو. کيس مٿي تي ٽوپي پهريل هئي ۽ ٻنهي هٿن جي آڱرين ۾ سونيون منڊيون پهريل هيس. هڪ موالي ڀنگ سان ڀريل گلاس هن کي ڏنو. هن جست جو گلاس ورتو ۽ هڪ ساهيءَ ۾ ڀنگ پي، مڇن تي هٿ ڦيريائين ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيائين:

”جهل مگسي وٽان آيس ٿي جو اوچتو منهنجي اکين آڏو هڪ ڍاٺڪي ڏاچي اچي وئي..... هي ڀلا جو قد..... وڏي ڳچي... اصل واهه واهه..... ڄاڻ وٺڻ تي خبر پئي ته سالن کان اها ڏاچي ماڻهن کي نظر ايندي آهي ۽ وري گم ٿي ويندي آهي. ڪجهه ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته ڏاچي نه پر ڪا غيبات آهي، جيڪا ماڻهن کي چڪمو ڏئي، ٻيلي ڏانهن وٺي ويندي آهي ۽ پوءِ همراهه گم، وري نه موٽي..... اتان جي ماڻهن ٻڌايو ته ان ڏاچي جي چڪرن ۾ ڪيترا ئي ماڻهو گم ٿي چڪا آهن..... ڪيترن مڙسن ان ڏاچيءَ جو راز ڄاڻڻ لاءِ شرطون به رکيون پر انهن مان به هڪ نه موٽيو.... هاڻي مون کي ڪنهن به صورت ان ڏاچيءَ جي راز تائين پهچڻو آهي..... هن تر ۾ آهي ڪو اهڙو مڙس، جيڪو منهنجي ان ۾ مدد ڪري.... مان کيس ويهه هزار رپين جو انعام ڏيندس....“ پيسن جو ٻڌي مستوءَ جي اکين جا تارا چمڪڻ لڳا ۽ ان راز تائين پهچڻ لاءِ حامي ڀريائين. ان تي ان همراهه چيس:

”منهنجا ٻه شرط آهن.“

مستو کيس وائڙن جيان تڪيو ۽ پڇيو: ”ڪهڙا؟“

”هڪ ته تون هي راز ڄاڻڻ لاء اڪيلي سر نڪرندين، ٻيو جيڪڏهن تون نه موٽئين ته مان تنهنجي گهر وارن کان ڪو مال وٺندس.“ شرط ٻڌي، مستو ڪجهه گهڙين لاءِ سوچ ۾ ٻڏي ويو. پوءِ ان همراهه جي وڏين ڪارين اکين ۾ ڏسندي چيائين:

”قبول آ....“

مستو، ڏاڏنهس واري ڍاٽڪي نسل واري ڏاچيءَ تي چڙهي جهل مگسيءَ لاءِ نڪتو. ڪچن پڪن رستن تان گذرندي اچي سج لٿو. کيس حاجت ورايو. هن جي منزل ڪجهه ميل وڃي رهي ھئي. ڏاچيءَ کي هش هش ڪري هيٺ ويهاريائين ۽ پاڻ لهي پاسي تي ويهي حاجت پوري ڪرڻ لڳو. ان کان پوءِ مستو ڏاچي واري جاءِ وٽ آيو ته کيس ڍڪر وٺي ويا. نرڙ تي پگهر اچي ويس. مستو جي ڏاچي سان گڏ هوبهو اهڙي ئي ٻي ڏاچي به ويٺل هئي. مستو جا لڱ ٿڙڪڻ لڳا. دماغ چڪرائجي ويس. هيڏانهن هوڏانهن ڏسي سوچڻ لڳو: ”هاڻي ڪجي ته ڇا ڪجي.... ڪهڙي ڏاچي منهنجي آهي يا ڪهڙي ڏاچيءَ تي سواري ڪجي... !!“

هن هڪڙي ڏاچيءَ جو پڇ مٿي ڪري، آڱر هڻي سنگهڻ لڳو. کيس ان مان ڇيڻي جي ڌپ بجاءِ انساني حاجت جي ڌپ آئي.... هو ويتر پريشان ٿي ويو. کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو. هن ڀانيو ڀنگ جي ڪري سندس ذهن ڪم ڪرڻ ڇڏيندو پيو وڃي... هو تڪڙ ۾ سندس ڏاچيءَ تي ٻرانگ ورائي چڙهيو ۽ هلڻ لڳو. جيئن ئي هن پٺي ڏني ته پٺيان کان آواز آيس:

“اها سامهون واري پل ٽپي ڏيکار...... “ مستو ويتر وهمن ۾ وڪوڙجڻ لڳو. پر دل پڪي ڪندي هوا ۾ ڳالهايائين:

”جوانن جي آڱر ياد ڪندين..... “

مستو کي لڳو ڪا غيبات هن جي پٺيان لڳي آهي. هو ڏڪندو ڏڪندو هلندو پل ڏانهن وڌيو. جيئن ئي اتي پهتو ته کيس ڪنڌ ۾ رسي پوڻ جو احساس ٿيو. جنهن جي ڪري هن جو ڪنڌ مڙي ويو ۽ ڏاچي سوڌو پاڻيءَ ۾ وڃي ڪريو.

مستو پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري آيو. سندس ڪپڙا پاڻيءَ ۾ ڀڄي ويا ھيا. انهن مان پاڻي، ٽيپو ٽيپو ٿي، زمين تي ڪرڻ لڳو. هن اکيون مهٽي سامهون ڏٺو. کيس سندس ڏاچيءَ سان هڪ ٻي ڏاچي ويٺل نظر آئي. هو وري به ٻنهي ۾ فرق نه ڪري سگهيو. سندس حواس ڪم ڪرڻ ڇڏي ويا. جسم ۾ سيسراٽيون ٿيڻ لڳس ۽ ٿڙڪڻ لڳو. هن کي محسوس ٿيو سندس ڪلهي تي ڪنهن هٿ رکيو آهي، ڀؤ ۾ هن جي اکين آڏو اوندھ اچي وئي.

”مستو...!!“ ڪنن تي سندس نالي جو پڙاڏو پيس، هن کي اهو آواز ڄاتل سڃاتل لڳو....

”دلبر.....“ پاڻمرادو سندس زبان مان ڀاءُ جو نالو نڪري ويو.

”ها مستو.....“ سندس ڪنن تي وري ساڳيو آواز پيو. مستو کي هڪ ڀوانٽي آئي ۽ هن پٽ تي اچي ڦهڪو ڪيو.

 

(ماھوار ھمسري مئگزين حيدرآباد آن-لائين جي شماري ڊسمبر ۲۰۲۰ع ۾ ۵۵ کان ۵۷ تي ڇپيل. نصرت سڪندر چانڊيو جي فيسبڪ پرسنل بلاگ تان ۱۰ مئي ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment